• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين ٻڌو چڱي مڙس جون خبرون ( شرم تم ڪو مگر آتي نهين)

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ايٽمي اثاثا محفوظ هٿن ۾ هجڻ دوکو آهي: الطاف حسين
ڪراچي(م ڊ): ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته عوام کي دوکو ڏنو پيو وڃي ته ايٽمي اثاثا محفوظ آهن، ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، هن لنڊن مان ڪراچي ۾ فون تي ورڪرز کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته صدر ۽ وزيراعظم ناراض ٿين ته ڀلي ٿين سچ ڳالهائيندس ملڪي سلامتي ۽ بقا ايندڙ نسل لاءِ ضروري آهي، ان ڪري آمريڪي ڪشتو ٽوڙيو وڃي، هن چيو ته فوج 4 دهشت گردن تي 16 ڪلاڪ ڪنٽرول نه ڪري سگهي، حڪمران عوام کي حقيقت نه پيا ٻڌائين.
به شڪريه عوامي آواز​

ٻڌو سائين هن ملڪ جي خير خواه جون خبرون هي ماڻهن کي سچ ٿو ٻڌائي ٻيا ماڻهن کي ڌوڪو ڏين ٿا ۔

شرم تم ڪو مگر آتي نهين هي​
 
جواب: سائين ٻڌو چڱي مڙس جون خبرون ( شرم تم ڪو مگر آتي نهين)

ادا ڏاڏل..!
۔۔۔۔۔ کي به ڪڏهن غيرت اچي ويندي آهي۔
هي به هاڻ سچ پيو چوي۔ شايد۔۔۔
 
جواب: سائين ٻڌو چڱي مڙس جون خبرون ( شرم تم ڪو مگر آتي نهين)

ادا ڏاڏل
۔۔۔۔۔ کي به ڪڏهن غيرت اچي ويندي آهي۔

ڏاڍي کل آئي اوهان جي هن جملي ته يعني هون ته واقعي بي غيرت ئي آهيان پر ڪڏهن ڪڏهن غيرت اچي ويندي آهي يعني اوهان تصديق ٿا ڪريو ته ڪي داڻا آهن واه واه واه
 
جواب: سائين ٻڌو چڱي مڙس جون خبرون ( شرم تم ڪو مگر آتي نهين)

ادي طاهر جو مقصد ته ڪڏهن اهڙي غيرت اچي جو سڀني کي اڏائي ڇڏيو

غيرت ۔۔۔۔۔۔ اسانجي سياستدانن مان غيرت بلڪل ڇڏائجي وئي آهي
 
جواب: سائين ٻڌو چڱي مڙس جون خبرون ( شرم تم ڪو مگر آتي نهين)

ادا ڏاڏل
۔۔۔۔۔ کي به ڪڏهن غيرت اچي ويندي آهي۔
هي به هاڻ سچ پيو چوي۔ شايد۔۔۔

سائين طاهر صاحب جو فون آيو ۽ سائين افتخار چوهاڻ به ذاتي پيغام ۾ اها ڳالھ ڪئي ته اتي سائين طاهر صاحب جن جي مراد الطاف هيو مون کي اهو سمجهڻ جي غلطي ٿي آهي جنهن ڪري آءُ کائن معافي گهران ٿو ته دراصل مون پهريان به عرض ڪيو هو ته منهنجي عربي توڙي گرامر ڪچو آهي اسان وٽ سڌي ڳالھ هوندي آهي اڳيان ڏاڏل لکيل هو پاڻ ڏي سمجهيو سون ۔ باقي حقيقت هي آهي ته هي ظلم سهڻ به ڪنهن غيرت مند جو ڪم ٿوري آهي سو اسان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيصلو هر هڪ منصف تي آهي ۔
وسلام

 
جواب: سائين ٻڌو چڱي مڙس جون خبرون ( شرم تم ڪو مگر آتي نهين)



سائين طاهر صاحب جو فون آيو ۽ سائين افتخار چوهاڻ به ذاتي پيغام ۾ اها ڳالھ ڪئي ته اتي سائين طاهر صاحب جن جي مراد الطاف هيو مون کي اهو سمجهڻ جي غلطي ٿي آهي جنهن ڪري آءُ کائن معافي گهران ٿو ته دراصل مون پهريان به عرض ڪيو هو ته منهنجي عربي توڙي گرامر ڪچو آهي اسان وٽ سڌي ڳالھ هوندي آهي اڳيان ڏاڏل لکيل هو پاڻ ڏي سمجهيو سون ۔ باقي حقيقت هي آهي ته هي ظلم سهڻ به ڪنهن غيرت مند جو ڪم ٿوري آهي سو اسان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيصلو هر هڪ منصف تي آهي ۔
وسلام


مهرباني ادا جو غلط فهمي دور ٿي وئي حالانڪِ هن ۾ به ڪا عربي ٿوڙي گرامر ڪانه هو،،، هههههه
 
جواب: سائين ٻڌو چڱي مڙس جون خبرون ( شرم تم ڪو مگر آتي نهين)

سائين هي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جو مطلب سمجهڻ اسان جي لاءِ عربي ۽ گرامر ئي آهي اسان سڌي ڳالھ سڌو سمجهڻ وارا
 
Back
Top