ٿي سگهي ٿو توهان مان ڪافي دوست 3G ٽيڪنالاجي بابت ڄاڻ آگاهي نه رکندا هجن۔۔۔ پر رنجيت ان ڳالهه کي بخوبي ڄاڻندو هوندو۔۔۔
دوستو يو فون تازو پي ٽي سي ايل جي تعاون سان مارڪيٽ ۾ اهڙو سيٽ متعارف ڪرايو آهي جيڪو GSM ٽيڪنالاجي سان گڏو گڏ 3G ٽيڪنالاجي تي پڻ مشتمل آهي۔۔۔ ٻين لفظن ۾ اهو موبائيل توهان جي ٻن سِمن جو نيٽ ورڪ هلائڻ سان گڏو گڏ 3G EVO ڪنيڪشن پڻ رکي ٿو۔۔۔ يعني موبائيل سان گڏو گڏ EVDO modem جو پڻ ڪم ڪندو۔۔۔
ادا سليمان وساڻ سميت اهي دوست جيڪي هر وقت پنهنجي کيسي موبائيل سان گڏو گڏ پي ٽي سي ايل جي انٽرنيٽ هلائيندڙ يو ايس بي به ساڻ رکندا آهن هاڻي صرف يوفون طرفان متعارف ڪرايل Futura Mobile Phone رکي ٻئي مزا ماڻي سگهن ٿا۔۔۔ ڇو ته اها موبائيل ڪميونيڪيشن کانسواءِ EVO network ڊيوائيس طور پڻ ڪم ڪندي۔۔ يعني ان کي توهان ڪنهن ڪمپيوٽر سان منسلڪ ڪري انٽرنيٽ هلائي سگهو ٿا۔۔ ۽ ڊائونلوڊ به ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ان کانسواءِ Futura Mobile Phone توهان لاءِ ڪاٿي به ٽي وي جا پروگرام براهِ راست ڏيکارڻ جي سهولت پڻ ڏئي ٿو۔۔۔
هن سيٽ جون خاص خوبيون آهن
- QWERTY ڪيبورڊ
- 2 ميگا پڪسل ڪيمرا
- ايف ايم ريڊيو
- موبائيل ٽي وي
- آڊيو وڊيو پليئر
- بلو ٽوٿ
- WAP/MMS/GPRS
- 8 گيگا بائيٽ سپورٽ تائين ميموري ڪارڊ
- بلٽ ان جي ميل پروگرام
- GPS ڊيٽا
- ۽ EVDO Modem سان گڏو گڏ سيٽ جي پنهنجي 34 ايم بي ميموري
دوستو هي موبائيل خريد ڪرڻ سان توهان کي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ لاءِ ملندا 10 ڪلاڪ مفت۔۔ جڏهن ته جيڪي دوست وڌيڪ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ گهرندا ته اهي پي ٽي سي ايل براڊبينڊ سان رابطو ڪري مختلف پيڪيج وٺي سگهن ٿا۔۔۔ جهڙوڪ 25 روپيه في ڪلاڪ يا وري ان لميٽيڊ پيڪيج جيڪو 2000 روپيه في مهيني ۾ ملي ٿو۔۔
باقي جيڪڏهن توهان نيٽ جي رفتار پڇڻ چاهيو ته هن سيٽ ذريعي توهان لاءِ 3.1 ميگا بائيٽ پر سيڪنڊ (انتهائي تيز رفتار) موجود آهي ۔۔۔ بس رڳو ڪوشش ڪجي ته نيٽ ورڪ جي رينج ۾ رهجي ۔۔۔ جنهن جي تفصيل لاءِ پي ٽي سي ايل براڊبينڊ جي سائيٽ وزٽ ڪري تفصيل معلوم ڪري سگهجن ٿا۔۔۔
هن سيٽ جي هڪ اهم ڳالهه ته خراب ٿيڻ جي صورت ۾ 6 مهينا ريپليس مينٽ وارنٽي پڻ آهي۔۔۔
باقي رهيو سيٽ جي قيمت ته قدردانو۔۔۔ مهربانو۔۔۔ سيٽ جي قيمت ايتري به نه جو يوفون وارا کپائي نه سگهن ۽ توهان وٺي نه سگهو ۔۔۔ هن سيٽ قيمت آهي صرف 7000 روپيه۔۔۔ او ادا 7000 روپيه ۔۔ ادا ٽوپي وارا 7000 روپيه۔۔ سائين اجرڪ وارا 7000 روپيا۔۔۔
باقي تفصيل ڏسڻ لاءِ يوفون جي هن نمائيندي جي ڳالهه به ٻڌو ۽ وڊيو ۾ سيٽ کي به ڏسو۔۔۔
پوءِ هاڻي اهي دوست جيڪي منهنجي طرفان متعارف ڪيل سامسنگ سيٽ تي تنقيد ڪري رهيا هئا۔۔۔ هن سيٽ بابت ڇا ٿا چون۔۔۔