شاهه جو رسالو..... معني ۽ مطلب سان مرتب ڪلياڻ آڏواڻي ڪتاب لوڊ ٿي رهيو آهي ....... ٿورو انتظار ڪيو..... [SCRIBD]13142667&access_key=key-mrpv13cc7qnnx6ji5kx&page=1&version=1&viewMode=[/SCRIBD]
سبحان الله ادا شاه سائين جي رسالي کي پڙهڻ جي تمنا هئي جيڪا اوهان پوري ڪئي اسان کي اوهان مان اهڙي ئي شيئرنگس جي اميد آهي توهان جي وري ٻئي اهڙي ئي تحرير جو انتظار رهندو
سبحان الله، جزاڪ الله خئير، دوستن تمام جلد منهنجي خيال جي تڪميل ڪئي آهي، ادي ابو زين قرآن شريف ونڊ ڪيو آهي ۽ ادي رشيد شاه جو رسالو، مهربانيون، اوهان دوستن جون هونءَ ته ادي زين جو ونڊ ڪيل سائيٽ ذڪر جي نالي سان تمام سٺي آهي جا مون وٽ هر وقت هلندي رهي ٿي ۽ قرآن جي تلاوت جاري آهي، ٻيو ته ڪجه مهينا اڳ شايد ادي رشيد ئي شاه جو رسالو آوازي صورت ۾ ونڊ ڪيو هو، سو به سٺو هيو ٻڌڻ ۾ ... پر منهنجو مقصد اڃان هي هيو ته قرآن جي تصوير ۽ شاه جي رسالي جي تصوير مٿان ئي مٿان هجي ۽ ٽڙڪ هڻڻ سان کلي پون ته مزو اچي وڃي ... بهرحال هت سعودي ۽ خاص مڪي ۾ ته هرطرف قرآن جي تلاوت ئي تلاوت سڄو مهينو هلندي رهندي آهي ۽ دلين کي سڪون ملندو رهندو آهي ... دوستو، هي مهينو انتهائي اهم آهي، خبردار ضايع نه ٿئي، دنيا جا ڪم به هلندا رهن ۽ دين جي خدمت به ٿيندي رهي ته هيءَ دنيا به سهڻي ۽ آخرت اڃان به سهڻي ... مون وٽ ته ٻئي ڪم الحمد الله زور شور سان شروع آهن ... سدائين خوش ۽ آباد هجو
ماشاءَ الله تمام سٺي شيئرنگ آهي.. مون وٽ پهرين به شاهه صاحب جو رسالو موجود آهي پر هن رسالي ۾ سمجهاڻيءَ جو اضافو ٿيل آهي تمام گهڻي سرهائي ٿئي ٿي اهڙن محنتي شيئن کي ڏسي... شال سنڌ جا سپوت سنڌ جي ورثي کي ايئن ئي اڳتي منتقل ڪندا اچن
جواب: شاهه جو رسالو .... مرتب ڪلياڻ آڏواڻي ادا رشيد مان سمجهان ٿو هي ڪلياڻ آڏواڻي جي رسالي جو پهريون حصو آهي۔ جيڪڏهن ٻيو حصو به ڪٿي موجود هجي ۽ ڪو دوست شيئرنگ ڪري ته مهرباني۔
جواب: شاهه جو رسالو .... مرتب ڪلياڻ آڏواڻي ادا سليمان اوهان جي هن تحرير کان صرف 10 منٽ پهران ئي آءُ سائين رشيد جن جي هن ٿريڊ کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ڪافي انتظار ڪرڻ باوجود ڪتاب مون وٽ کلي نه ٿو، ! الاجي ڇو؟!
جواب: شاهه جو رسالو .... مرتب ڪلياڻ آڏواڻي سائين اسان وٽ ته رسالو لوڊ ٿئي پيو، هي پي ڊي ايف جي صورت ۾ آهي ۽ مشهور سائيٽ ”اسڪربڊ” جي ڪوڊنگ جي مدد سان سنڌ سلامت تي لڳل آهي۔۔۔۔
جواب: شاهه جو رسالو .... مرتب ڪلياڻ آڏواڻي بلڪل ادا هاڻ مون وٽ پڻ اسڪربڊ ۾ نظر اچي پيو۔ ادا مست! او منهنجا پيارا مست، او منهنجا سهڻا اسد!! يار مونکي ان اسڪربڊ جو مسئلو ڪنهن به طريقي حل ڪري ڏي۔ ادا هڪ اڪائونٽ منهنجي نالي ڪري ان ۾ هڪ فائيل به اپلوڊ ڪر، ٻيلي قرب ڪر پوءِ مونکي اڪائونٽ ۽ پاسورڊ ٻڌاءِ ته پوءِ آءُ انهن اسڪربڊ وارن کي ڏسي ٿو وٺا ڏسان ته ڪيئن نه ٿا ٺهن!!
جواب: شاهه جو رسالو .... مرتب ڪلياڻ آڏواڻي ادا توهان گوگل ميل ۾ جيڪو اڪائونٽ ٺاهيو آهي ان کي ئي اسڪربڊ لاءِ استعمال ڪري ٿا سگهو۔۔۔۔
جواب: شاهه جو رسالو .... مرتب ڪلياڻ آڏواڻي ادا ٻيو ڪو سولو اڪائونٽ ٺاهي قرب ڪري ڇڏيو ته مهرباني ٿيندي ۽ ياد ڪري هڪ فائيل به اپلوڊ ڪري ڇڏيو ته مهرباني