افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
پاڪستان ۾ توانائي جو بحران ڏسي متبادل توانائي جي اهميت وڌي وئي آهي: پرويز لوڌي
حيدرآباد(رپورٽ: سرفراز وسطڙو) اين سي ايڇ ڊي جي باني ميمبر ۽ سڄي دنيا ۾ ايل اي ڊي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندڙ صنعتڪار ۽ پاڪستان جي مشهور سماج سڌارڪ پرويز لوڌي چيو آهي ته ملڪ ۾ توانائي جو بحران ڏسندي توانائي جي بچت ۽ متبادل توانائي جي استعمال جي اهميت وڌي وئي آهي يو اين ڊي پي پروگرام ۽ عبرت جي آفيس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان غريبن لاءِ شمسي توانائي تي هلندڙ اهڙا بلب ايجاد ڪيا آهن جيڪي ذري گهٽ مفت خرچ تي استعمال ٿين ٿا، اسان اهڙو تجربو سيوهڻ لڳ بڊو جبل تي ۽ بدين جي ڪجهه ڏورانهن ڳوٺن ۾ ڪري ڏٺو آهي، هن چيو ته ايل اي ڊي بتي چار ڪلاڪ سج جي روشنيءَ تي چارج ڪرڻ کانپوءِ 12 ڪلاڪ هلي ٿي انهي جي استعمال سان توانائي جي وڏي بچت ٿئي ٿي هن چيو ته 44 سالن کان آمريڪا ۾ رهندڙ آهيان پر پاڪستان وڌيڪ عزيز آهي ان ڪري دل هميشه پاڪستان ۾ رهي آهي هن چيو ته مان پاڪستان جي غريب عوام جي خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو ۽ انهن لاءِ جيترو به ڪم ڪري سگهان اهو گهٽ آهي هن چيو ته ملڪ جو مستقبل تڏهن سٺو ٿيندو جڏهن ننڍو وڏو ٻار ۽ خاص طور بنيادي تعليم حاصل ڪندو ان مقصد لاءِ ايل اي ڊي بتي وڏي مددگار ثابت ٿي آهي انقلابي ڪم ٿي رهيو آهي هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستان کان وڌيڪ ڪو امير ملڪ نه آهي پر وسيلن کي صحيح استعمال نه ڪرڻ ڪري غربت وڌي آهي هن چيو ته شان ٽيڪنالاجي جي سندس پٽ شان جي نالي تي آهي غريب ماڻهن لاءِ معجزو ثابت ٿي آهي سولر ۽ ايل اي ڊي جو جوڙ سڀ کان وڌيڪ مضبوط جوڙ ثابت ٿيو آهي غربت گهٽائڻ لاءِ سڀ کان قيمتي شيءَ ۽ روشني آهي اها روشني ڏيارڻ جي سولر ۽ ايل اي ڊي مددگار ثابت ٿيا آهن هن چيو ته اسان ملڪ ۾ جادو آڻينداسين ڳوٺن ۾ هڪ ڏيئو ئي روشني ڏئي ٿو پر مٿان ڪمپني جون بتيون ته بنا بجلي جي بيٽري چارج ڪرڻ سان وڏي روشني ڏين ٿيون هن چيو ته اسان چاهيون ٿا هتي ٺهندڙ شين مان ٻين ملڪن جي ماڻهن کي نه پر هتي جي ماڻهن کي فاعدو جي جلد ئي سولر ۽ ايل اي ڊي جون بتيون گهر گهر ۾ اچي وينديون هتي توانائي ريفريجريٽر يا ايئرڪنڊيشنر هلائڻ لاءِ نه پر صرف روشني حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وڃي اسان جي ڪوشش آهي ته انهن علائقن ۾ جتي روشني نالي ڪا شيءِ نه آهي اتي ئي روشني پهچايون ۽ خاص طور تي جتي چنڊ جي روشني به گهڻو اثر نه ٿي ڇڏي اسان جي ڪوشش آهي ته سولر ۽ ايل اي ڊي بتين سان ملڪ ۽ خاص طور سنڌ کي ماڊل ثابت ڪري ڏيکاريون هن چيو ته آڪٽوبر 2005ع ۾ جڏهن زلزلو آيو ان وقت اسان 11 هزار بتيون اتي ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو پر طريقيڪار ايترو ڊگهو ڪيو ويو جو اسان اهي بتيون ڏيڍ سال کان پهچائي نه سگهياسين جنهن جي ماليت تقريبن 12 ارب ڊالر هئي 500 بتيون سيڪنڊ جرنيشن لاءِ رکيون آهن هن چيو ته هي سڀ ڪم فلاحي امداد طور ڪري رهيا آهيون ان کان اڳ ي اين ڊي پي پرورگرام کي مسعود لوهار خطاب ڪندي چيو ته هتي چلهو ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون خريد ڪرڻ به غريب ماڻهن جي وس ۾ نه رهيو آهي ان صورتحال ۾ شان ٽيڪنالاجي طرفان غريب ماڻهن کي بتيون ڏيڻ سان غريب ماڻهن جي پريشانين ۾ گهٽتائي ٿيندي، حميرا هاشمي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ڪم تعليم جي شعبي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ جنهن لاءِ ڪوششون جاري آهن ان موقعي تي ظفر سومرو پڻ خطاب ڪيو ۽ حسن درس شاعري ٻڌائي.
ڊيلي عبرت جي ٿورن سان