افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
مستقبل جي باري سائنسي اڳڪٿيون
گذريل هفتي نيويارڪ ۾ هڪ سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سائنس ۽ ماڻهون جي مستقبل جي باري طرح طرح جون قياس آرايون ڪيون ويون ۽ اهڙي ايجاد جا منصوبه پيش ڪيا ويا جن سان ماڻهون جي زندگين تي انتهائي گهرا اثر پوندا. اهڙي ڪجهه ايجادن جا نمونا توهانجي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون.
ڇا توهان پنهنجو وزن گهٽ ڪرڻ جا خواهشمند آهيو پر هن سلسلي ۾ توهانجون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي چُڪيون آهن؟ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي، 10 ورهين تائين هڪ اهڙي دوا مارڪيٽ ۾ ايندي جنهن جو استعمال ڪرڻ سان توهان ڪجهه به کائو، وزن ۾ اضافو ڪونه ٿيندو.
ڇا گرين هائوس گئسن جي وڌندڙ اخراج ۽ دنيا جي وڌندڙ حدت جي ڳڻتي ۾ توهانجي ننڊ حرام ٿي وئي آهي؟ اطمنان ڪندا، 20 ورهين تائين شمسي توانائي جي ميدان ۾ ايتري ترقي ٿيندي جو هن سان دنيا جي توانائي جون تمام ضرورتون پوريون ٿي سگهنديون.
هن ميلي ۾ شامل هڪ سائنسدان ڊاڪٽر ڪرزوائل هڪ ۽ خوشي جي ڳالهه ٻڌائي آهي.هن چيو آهي ته ايندڙ پندرهن ورهين تائين طبئي سائنس ايتري ترقي ڪندو جو ماڻهون جي متوقع عمر ۾ هن کان وڌيڪ تيزي سان اضافو ٿيندو جيتري تيزي هو پوڙهو ٿيندو آهي. ۽ 21 صدر جي اڌ تائين پهچندي پهچندي ماڻهون ۽ ڪمپيوٽر جو ادغام ممڪن ي ويندو، جنهن کانپوءِ موت جو تصور فنا ٿي ويندو.
هن ڳالهه تي يقين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي پر ڊاڪٽر ڪرزوائل جا ناقدين به اهو تسليم ڪندا هن ته هوا ۾ تير ڪونه هلائيندو آهي بلڪ سندس جاچ ٺوس سائنسي حقيقت تي مبني هوندي آهي.
مثال طور هن 1990 جي اڳڪٿي ڪئي هئي ته 1998 کانپوءِ ڪمپيوٽر بساط جي راند ۾ هن جي عالمي چئمپين کي مات ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. تڏهن ڪجهه ماڻهن سندس اڳڪٿي جو مذاق بڻايو هو پر 1998 کان هڪ سال اڳ آءِ بي ايم ڪمپني جي تيار ٿيل ”ڊيپ بلو“ نالي جي ڪمپيوٽر بساط جي عالمي چئمپين گيري ڪاسپاروف کي شڪست ڏئي سموري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.
ساڳئي ريت ڊاڪٽر ڪروزوائل 1980 جي عشري ۾ انٽرنيٽ جي دنيا ڀر ۾ ڦهلائو جي اڳڪٿي ڪئي هئي جيڪا بعد ۾ لفظ به لفظ صحيح ثابت ٿي. سندس چوڻ آهي ته ٽيڪنالوجي جي بعض شعبن ۾ حيرت انگيز تيزي سان ترقي ٿيندي آهي. مثال طور هڪ صدر اڳ جي مشينن جي صلاحيت هر ٽن سالن کانپوءِ ٻيڻي ٿيندي هئي. 20 صدر جي وسط ۾ اها رفتار وڌي ڪري ٻه سال ٿي وئي. اڄڪلهه مشينن جي صلاحيت هر سال ڊبل ٿيندي آهي.
ڊاڪٽر ڪرزوائل جي دعوي آهي ته هاڻوڪي دور ۾ بايالوجي، طب، توانائي ۽ ٻين شعتن ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي سبب انقلاب اچي رهيو آهي. هو چوندو اهي ته 2020 تائين هن ترقي جي سبب ماڻهون هن قابل ٿي ويندو جو دماغ ۾ ڪمپيوٽر چپ داخل ڪري سگهندو ۽ اهڙا ڪمپيوٽر تيار ڪري سگهي جيڪي ماڻهن جيترا هوشيار هجن.
هن ميلي ۾ شامل هڪ نيوروسائنٽسٽ ڊاڪٽر رام چندرن هن ڳالهه سان اتفاق ڪونه ڪيو. هن ڊاڪٽر ڪرزوائل سان بحث ڪندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ماڻهون هڪ هوشيار ۽ اسان وانگر سوچڻ وارو ڪمپيوٽر به ايجاد ڪري سگهي ٿو پر ائين ڪونه ٿي سگهندو ته انساني دماغ جي صلاحيت کي ڪمپيوٽر چپ هڻي بهتر بڻائي سگهبو ڇاڪاڻ ته دماغ ڪروڙين ورهين جي ارتقائي عمل جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو آهي ۽ هن جا سرڪٽ انتهائي بي ترتيب ۽ من مرضي ڪندڙ آهن.
ٻين ڪيترن ئي سائنسدانن جو خيال آهي ته ماڻهون جهڙو سياڻي ڪمپيوٽر بڻائي سگهجي ٿو پر اهو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ لاءِ ڏاڍو وقت درڪار آهي. تنقيد جي باوجود ڊاڪٽر ڪرزوائل پنهنجي اڳڪٿين جي سلسلي ۾ ايترو پُريقين آهي جو هن 10 هزار ڊالر جي شرط هنئي آهي جو 2029 تائين اهڙو ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو ويندو جيڪو ٽورنگ ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. هن ٽيسٽ جي شرط اها آهي جو ڪمپيوٽر ماڻهون سان ايتري ذهانت سان ڳالهائي جو کيس هن ڳالهه جي خبر نه پئجي سگهي ته هن سان ڪو مشين ڳالهائي رهي آهي.
ڊاڪٽر ڪرزوائل جي اڳڪٿين مان جيڪڏهن ڪجهه سچ به ثابت ٿينديون ته سوچيو جو مستقبل ۾ دنيا جو نقشو ڇا هوندو.
ويچار جي ٿورن سان