هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي (غزل) نثاراحمد ناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا سنڌي ساٿيو، گهٽ ۾ گهٽ 20 سال پُراڻو منهنجو هي غزل جنهن کي ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي هي رنگ چٽ ڀريا اٿم، منهنجي تخيل ۾ جيجل سنڌ سدائين رچيل ۽ وسيل رهي آهي مالڪ سائين کان سدائين اها دُعا گهرندو آهيان ته هر جنم ۾ جڏهن به منهنجو جنم ٿئي ته سنڌ امڙ جو ثناگر شاعر ٿِي پيدا ٿيان. اها به ڳالهه ڪونهي ته مان مجاز جي رنگن کان واقف ناهيان، يا پريتم ، پيار، جي سُونهن جو قدر ڪونه ڄاڻان، جيستائين مجاز جي اونهي عميق ۾ ڪو شاعر ٽُٻي نه ڏيندو تيستائين ان شاعر جي هردي ۾ ڪنهنجي به محبت پروان ڪانه چڙهندي، پر ان سلسلي ۾ مون سدائين سنڌ جي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي انهي لازوال بيت ته[/JUSTIFY]

    ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان ، شال مَ مِلان هوت
    من اندر جا لوچ ملڻ سان ماٺِي ٿيئي (شاهه)​

    [JUSTIFY]
    جي خلوص نيت سان پاسداري ڪئي آهي پنهنجي سڄڻ کي پنهنجي پرين کي سدائين ساريندو آهيان، ان سان ملڻ جي تانگهه ۽ ان سان ملڻ جو اوسيئڙو مُنهنجو جِيءُ ۽ جندڙو جهوري وجهندو آهي ۽ پوءِ يا محبت تنهنجو آسرو ڪري مُنهن واهه ڪري نڪري به پوندو آهيان پرين کي ڳولهڻ لاءِ جڏهن منهنجا پرين گس پنڌ بس سُجهندا پيا آهن واپس بغير ساڻن مُلاقي ٿيڻ جي وري هليو ويندو آهيان، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن محبوب سائين سان ملاقي ٿيان ٿو ته منهنجي تانگهه مُنهنجي تڙپ، ختم ٿي ويندي ۽ جيڪو مزو وڇوڙي جي پيڙاهه ۾ آهي اهو مزو مُنهن مقابل ٿي درشن ڪرڻ ۾ ڪٿي. هڪڙو منهنجو چريو دوست آهي ان سان منهنجي دوستي تقريبن 30 سال پُراڻي آهي سدائين چوندو آهي ته ناز تون شاعر آهين ۽ شاعري پرين کان سواءِ سرجندي ڪانهي، پر تنهنجو ته ڪو پرين ڪونهي هُو چوندو آهي ته مون پورا 30 سال تنهنجو پرين ڳولهيندي گُذاريو آهي پر مليو ئي ڪونهي مان کلي چوندو آهيان ته چريا منهنجو پرين مون منجهه ويٺو آهي دل ۾ ويٺو آهي اگر تو ۾ طاقت آهي ته منهنجي دل چيري ڳولهي وٺ منهنجو پرين. منهنجو چريو دوست لاجواب ٿِي ويندو آهي. [/JUSTIFY]
    [JUSTIFY] مهان ڪوي فيض احمد فيض جي شاعري جِي اُها سٽ به پئي ياد اچي ته راحتين اور ڀي هين وصل ڪي راحت ڪي سوا، مان مڃان ٿو ته وصل جي راحت لاءِ هي سارِي دنيا ديواني آهي، مان به هن دنيا جو نهايت حقير ترين ماڻهو آهيان پر سدائين وصل جي راحتن کان پاڻ بچايو اٿم ائين به ڪونهي ته پوتِيءَ پاڪ آهيان، پر مان جوئي آهيان سوئي آهيان پيارا سنڌي دوستو اسان جي فيس بُڪ جي سنڌياڻي ڀيڻ سنڌو سنڌي سدائين چوندي آهي ته شاعر گهٽ ڳالهائو هوندا آهن ڏسو ويٺي ويٺي ڪيترو ڳالهائي ويو آهيان، شاعرن خاص ڪري مون جهڙي شاعرن جو رليون سدائين ڪُلهن تي هونديون آهن ۽ مانيون راڄن تي هونديون آهن . خير منهنجو اڄوڪو هي غزل چترڪاري سميت توهان کي ڪيئن لڳو توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو سدائين منتظر رهندس[/JUSTIFY]
    دعاڳو
    نثاراحمدناز
    ٽنڊو محمد خان
    29-5-2011
    غزل
    نثاراحمدناز
    سنڌ مُنهنجي سوچَ جو مَحِوَر به آهي
    هي نرالو ديس مُنهنجو گهر به آهي

    سِجَ تُنهنجا عڪس جرڪن پر سدائين
    چنڊ جهڙو ياد رکجان ٿر به آهي

    مان مڃان ٿو آب زم زم پاڪ آ پر
    هت ته امرت هِي سنڌوءَ جو جر به آهي
    1
    تُون گُلن کي چُم ڀلي پر جهوپڙِيءَ جِي
    ڇِتِ ڍَڪي ٿو سو ته سونو سر به آهي

    هَلُ سَکِي ٻاهر هلون ڪا ڄَڃَ اچي ٿِي
    ڏِسُ وَنِيءَ جي ساٿ اُنَ جو وَرُ به آهي

    ڏاند ڪاهي “ناز” پنهنجا وڃ ٻَنِيءَ ڏي
    نيٺ ڦُٽندا سڀ سلا ! جِتِ هر به آهي​

    سر جي معنى سَرَ جو ٻوٽو جنهن سان ٽوئا ٺاهيا ويندا آهن ڪکائن گهرن کي ڍڪيو ويندو آهي، جهوپڙين جون ڇتون ڍڪيون وينديون آهن.

    ور جي معنى مُڙس ، گهوٽ اڪثر مائرون دعائون ڪنديون آهن ته شال ورائتيون ٿيو.

    سَلا جي معنى فصل جا ٻوٽا، جيڪي ڌرتي جي پيٽ کي چيري ڦُٽندا آهن .
    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي (غزل) نثاراحمد ناز

    جيتوڻيڪ هن نظم جي سٽ سٽ حب الوطني جي جذبي سان ٽمٽار آهي ۽ سنڌ جي تشبيهه پاڪ و پوتر وٿاڻن ۽ مادن سان ڏئي سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو ويو آهي، پر هن ۾ هڪ بند آهي

    تُون گُلن کي چُم ڀلي پر جهوپڙِيءَ جِي
    ڇِتِ ڍَڪي ٿو سو ته سونو سر به آهي

    ڪمال جي ڳالهه ڪيل آهي مٿي بند ۾، ۔۔۔ انسان گلن کي صرف انجي سونهن يا خوشبو خاطر چميون ڏئي ٿو پر اهو سَرُ جيڪو ڪنهنجو سِرُ ڍڪي ٿو اهو ڪيترو اهم ۽ مانائتو آهي؟ سَرَ جو قدر ان گلاب کان ڪڏهن به گهٽ ڪونهي ۔۔۔

    ناز جي شاعري تي پاڻ کي به ناز آهي ۔۔۔

    لک لائق ونڊ ڪرڻ جا ۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي (غزل) نثاراحمد ناز

    ادا سٺو ونڊ آهي ۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي (غزل) نثاراحمد ناز


    سائين نثار ناز سلام

    سنڌ سان عشق ۽ وري ان ۾ فطرت جون رنگ. واهه واهه تمام سهڻي شاعري۔ سنڌ سان ازلي عشق ڪرڻ ته هو اوهان کان سکي۔ اوهان سنڌ جي سونهن کي ڳايو ٿا اها سٺي ڪاوش آهي ۽ اسان اوهان کي اهڙي بهترين شاعريء تي واڌايون پيش ڪيون ٿا ۽ دعا ٿا ڪيون ته ڏات جي ديوي اوهان سان سدائين راضي رهي جيئن سهڻيون تخليقون اسان سان ونڊ ڪندا رهو۔

    هڪ دفعو وري مهربانيون
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي (غزل) نثاراحمد ناز


    سائين نثار ناز سلام

    سنڌ سان عشق ۽ وري ان ۾ فطرت جون رنگ. واهه واهه تمام سهڻي شاعري۔ سنڌ سان ازلي عشق ڪرڻ ته هو اوهان کان سکي۔ اوهان سنڌ جي سونهن کي ڳايو ٿا اها سٺي ڪاوش آهي ۽ اسان اوهان کي اهڙي بهترين شاعريء تي واڌايون پيش ڪيون ٿا ۽ دعا ٿا ڪيون ته ڏات جي ديوي اوهان سان سدائين راضي رهي جيئن سهڻيون تخليقون اسان سان ونڊ ڪندا رهو۔

    هڪ دفعو وري مهربانيون
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي (غزل) نثاراحمد ناز

    ادا نثار ابڙا سر ۽ ان ٻوٽي جي ڪانن جو قدر ته انهن جُڳين ۽ جهوپڙين ۾ رهڻ وارن کا پڇو مسڪين ماروئڙن کان پڇو جيڪي انهين جُڳين جي ڇتن جي ڇانون ۾ پاڻ ۽ پنهنجي ٻچڙن سان ساري عمر گذاري ڇڏين ٿا گُلن کي چُمڻ جي تمنا انسان سدائين ڪندو آهي ۽ ڪندو... رهندو، سنڌ جي اجرڪ جيان گُل جي به اها خاصيت رهي آهي ته گل اسان جي خوشين ۾ اسان جي شادين مُرادين ۾ استعمال ٿيندا آهن ته وري انسان جڏهن پنهنجي ساهن جي پڄاڻي ڪندو آهي ته گُل ان جي ميت تي ۽ ان جي قبر تي به چاڙهيا ويندا آهن ان هوندي به هر گُل جي عمر ۽ سندس خوشبوءَ جي ڄمار بمشڪل هڪ اڌ ڏينهن ان کان وڌيڪ ڪي پل به نه هوندي آهي پر سر برساتن ۾ غريب جي ڪکائين جهوپڙي کي الله جهري مَ شال غريب جي جهوپڙي جيا ن مينهن جي چُئاڪن ، وس وس سانوڻ جي برساتن کان بچائيندو آهي، اونهاري جي گرمي کان ، سياري جي سيءُ کان بچائيندو آهي جنهن ۾ ثابت ٿو ٿئي ته گُلن جي نسبت سر جي قدر ۽ قميت تمام گهڻي وڌيڪ آهي توهان جا ٿورا جو پنهنجي محبتن سان اسان جي غريباڻي شاعري تي ناز ڪريو ٿا۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي (غزل) نثاراحمد ناز

    ادا توهان جون مهربانيون جو اسان جي هن غريباڻي شاعري کي سُٺو ونڊ چيو لک لائق ادا۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي (غزل) نثاراحمد ناز

    سهڻا محمد سليمان وساڻ دنيا جو هرڪو شاعر پنهنجي شاعري ۾
    فطرت جي سُونهن کي سمائي ئي پنهنجا قدم اڳتي وڌائيندو آهي ، سنڌ ۽ فطرت جي سونهن کي پاڻ ۾ مشابهه ڪندا ته توهان کي ڪوبه فرق نظر ڪونه ايندو توهان جا ٿورا جو منهنجي شاعري ۾ سنڌ جي رنگن ۽ فطرت جي رنگن جو گڏجي مشاهدو ڪريوٿا ادا سليمان توهان جي انهن مشاهداتي اکين جِي پرکَ کي سلام شال جُڙيو هُجين۔
     
  9. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: هي نرالو ديس منهنجو گهر به آهي (غزل) نثاراحمد ناز

    مان مڃان ٿو آب زم زم پاڪ آ پر
    هت ته امرت هِي سنڌوءَ جو جر به آهيتمام بهترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو