اسان شهر جو آزادي چؤنڪ ڏيئي اڳتي پئي وياسين ته اسان کي سامهون هڪ جلسو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو بظاهر ته ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو نه هو، جو اڄڪلهه سياسي پارٽين قومي مسئلن تي جلوس ڪڍي عوام کي تحرڪ ۾ آڻڻ جو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي هو فقط پنهنجي پارٽيءَ جا سياسي جلسا ڪڍن ٿا جن ۾ سندن جي من پسند ايجنڊه هوندي آهي، قومي ايجنڊه ۽ مامرن تي سياست وارو دور گذري ويو آهي، دلي جان، اعظم ڪانڌڙي ۽ کوچري چيو، ” گگدام سائين، هلو ڏسون ته ٿا ڇا ڳالهه آهي؟“، مون به ها ڪئي جو سنڌ جي بدلجندڙ سياسي منظر نامي کي ويجهي کان ڏسڻ اڄڪلهه اسان جي سياسي سرگرمين جو محور آهي، اسان ڪجهه ويجهو ٿياسين ته جلوس به اچي آزادي چونڪ جي مرڪز وٽ پهتو ۽ جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، جلوس ۾ شامل ڪجهه ماڻهو وڏي نڙي ۽ ڪجهه ننڍي نڙي ڪري نعره هڻي رهيا هئا، ” سنڌي ٻولي، قومي ٻولي“، کين جيڪي بئنر هٿن ۾ هئا انهن تي لکيل هو، ”سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو“، ” سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ پرڳڻي جي دفتري ٻولي قرار ڏيو“، ” سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪريو“، ايتري ۾ هڪ اڳواڻ کي سڏ ٿيو ۽ ان تقرير ڪئي، هن چيو، ” ساٿيو، دوستو، سنڌ جا قلم ڏڻي ۽ ليکڪو، اسان جو هي اڄوڪو جلوس سنڌي ٻوليءَ کي قومي مان ۽ مرتبو ڏيارڻ جي لاءِ آهي، اسان جي سرڪار کان گهر آهي ته سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي، جو سنڌي ٻولي هڪ قديم ۽ سڌريل ٻولي آهي“، مون کي انهيءَ ادبي اڳواڻ جي اهڙي تقرير سچ ته بلڪل نه وڻي جو ان ۾ لفاظي، منافقيءَ ۽ بڪواس کان سواءِ ڪجهه ڪونه هو، اهو مذڪوره اڳواڻ اهڙيون تقريرون گذريل 30 سالن کان ٺوڪيندو آيو آهي، جڏهن به سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ سنڌي عوام تحرڪ ۾ ايندو آهي ته هي نام نهاد ادبي اڳواڻ پنهنجي ادبي لاٺڙين سان ميدان ۾ نڪري ايندو آهي ۽ سنڌي عوام جي تحريڪ کي پنهنجن هٿن ۾ کڻي ٻه ٽي مهينا جلسا جلوس ڪري پاڻ ڪلٽي ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ ڳوليو به نه ملندو آهي ته ڪٿي آهي ۽ سنڌي عوام جي ٻوليءَ لاءِ هلايل تحريڪ راهه ۾ رلي ويندي آهي“، مون کن پل جي لاءِ سوچيو، ” ڇا؟ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ ٺلهو ادبي ٺيڪيدارن، ڪرائي جي ڪالمسٽن، جدتي ڪهاڻيڪارن، غزالو برگر شاعرن يا سرڪاري جي پگهاردار اديبن جو ڪم آهي، ڇا؟ قوم کي انهيءَ تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ڇا؟ فقط اديب ۽ شاعر سياسي مسئلا ادبي نموني حل ڪندا، ڇا؟ انهن سان گڏ سياسي ڪارڪن ۽ پارٽين جو هجڻ ضروري ناهي، اهي اهڙا سوال آهن، جيڪي مون کي سچ پڇ ته منجهائي وجهندا آهن، اهڙي صورتحال متعلق ذهن فقط هڪ ئي جواب ڏيندو آهي ته ” معاملو گڙ ٻڙ آهي“، مون پنهنجو پاڻ کان ڪجهه وڌيڪ سوال ڪيا، سنڌ جي قومي سوال جي سياست ڪندڙ اڳواڻ ۽ پارٽيون ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“، واري سوال کان ڪٽيل ڇو؟ آهن، اديب ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي“، واري سوال تي عوام ۽ سياستدانن کي کڻي اڳتي ڇو نه ٿا وڌن؟، ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“، مسئلي متعلق بنيادي موقف ڇو نه ٿو اختيار ڪيو وڃي، سنڌي ٻوليءُ کي قومي ٻولي، بنائڻ ۾ ڪير ۽ ڪهڙي ٻولي رڪاوٽ آهي، ان جي نشاندهي ۽ ان جي خلاف جدوجهد ڇو نه ٿي ڪئي؟، ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سوال جيڪي ظاهر ڪري رهيا هئا ته صورتحال ڪيڏي نه سنگين آهي، مان انهيءَ سوچ ويچار ۾ هيم ته کوچري رڙ ڪندي چيو، ” گگدام سائين، هو ڏسو“، چيومانس، ” ڇا، ڏسان؟“، چيائين، ” هو، صدارتي ٻلو!“، مون کي کوچري جي اهڙي ڳالهه عجيب لڳي، ” چيومانس، اهو ته چنيسر سومرو آهي“، چيائين، ” ها، پر سندس سيني تي لڳل صدارتي ٻلو ڏسو، جيڪو سج جي ڪرڻن تي تجلا ڏيئي رهيو آهي“، مون کوچري جي نشاندهيءَ تي ڏٺو، واقعي چنيسر سومري جي سيني تي صدارتي ٻلو چلڪي رهيو هو، کوچري اڳتي وڌي منهنجي ڀر ۾ بيهي چيو، ” گگدام سائين، سنڌي ٻولي، قومي ٻوليءَ جي تحريڪ اهڙا چنيسر سومرا ٿا هلائين جن جي سيني تي صدارتي ٻلا چمڪندا رهن ٿا ته پوءِ سنڌي به قومي ٻولي ٿي!“، چيومانس، ” کوچره سنڀالي ڳالهاءِ، هتي صدارتي ٻلن سميت صدارتي ڪتا به موجود اٿئي، هو ڏس سيسر، هو ڏس ڏاڪڻ ۽ هو ڏس راڙو، اهي اٿئي ٿڪل ٽهيءَ جي سنڌي ليکڪن ۽ شاعرن جا اصل ۽ لڪل اڳواڻ، باقي هن ڪتِ خلق کي ڪا خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪنهن جي پويان آهن، انهن کي پنهنجي روزي حلال ڪرڻ ڏيو، هلو ته پاڻ به پنهنجي روزي روٽيءَ سان لڳون، جو جت جي دور پندرهيون پڄائي ڇڏيون آهن“.
جواب: / صدارتي ٻلو / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي / ماشاءَ الله!! ادا زاهد بهترين طريقي سان اوهان قوم کي يڪجهتي ۽ اتحاد جو درس ڏنو آهي۔ ائين ضمير جاڳائيندا رهو، ان شاءَ الله اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اوهان جي هن پيغام جو نظارو اکين سان ڏسندا سون ۽ ساري قوم ٻڌي ۽ ايڪي ۾ ٻنڌن ۾ ٻنڌجي ويندي۔۔ ان شاءَ الله۔۔