انٽرنيٽ تي ڪتابن کي سڌو سئون پڙهڻ ۽ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ هوئن ته ڪافي سائيٽس آهن پر Scribd جي حيثيت مڙني کان مٿي آهي.... اسان جي کوڙ سارن سنڌي جوڌن ڪتابن کي اي بڪ جي صورت ڏئي Scribd سائيٽ تي اپلوڊ ڪيو آهي ۽ پوءِ ڪوڊ لڳائي سنڌي سائيٽس تي سڌو سئون پڻ ڏيکارڻ جو انتظام ڪيو آهي.... هن جديد طريقي کي سنڌ سلامت جي زينت بڻائيندي سنڌ سلامت فورم تي Scribd ڪوڊ جو اضافو ڪيو ويو آهي .... ان سلسلي ۾ هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪري پهرين پوسٽ ڏسي سگهجي ٿي..... شاهه جو رسالو ... معني مطلب سان ڏسڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو جلد ئي سنڌ سلامت سکيا واري سيڪشن ۾ Scribd ڪوڊ کي لڳائڻ جو طريقو سمجهايو ويندو... ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪا مونجهه يا پريشاني سامهون ايندي هجي ته مهرباني فرمائي هتي ضرور آگاهه ڪندا
تمام بهترين ۽ زبردست...!!! هن اسٽوريج سائيٽ ذريعي اسان سڌو سنئون ڪتاب فورم تي پڙهي سگهون ٿا. Scribd تی اي بڪ اپ لوڊ ڪرڻ جو طريقه ڪار ڇا آهي ۽ هي ته ڪهڙي فارميٽ جا اي بڪ اپ لوڊ ٿي سگهن ٿا. مهرباني ڪري ٿورڙو تفصيل سان ٻڌايو آئون Scribd تي قرآن مجيد کي اپلوڊ ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا (DOC) ۽ JPG فارميٽ ۾ ڪتابن کي اپ لوڊ ڪري سگهجي ٿو يا صرف ۽ صرف پي ڊي ايف فارميٽ ئي ڪارآمد آهي. مون هيستائين جيڪي ڪتاب به Scribd جي ذريعي ڪاپي ڪيا آهن، سي سمورا PDF فارميٽ ۾ ئي آهن.
جي ادا ابوزين هن بهترين سائيٽ تي توهان هيٺين فارميٽس ۾ پنهنجي فائيلز کي اپلوڊ ڪري سگهو ٿا.... ۽ بعد ۾ سنڌ سلامت جي رڪنن کي سڌو سئون سنڌ سلامت ذريعي ڏيکاري سگهو ٿا.... مائڪرو سافٽ آفيس: doc, docx, ppt, pptx, pps, xls, xlsx پي ڊي ايف: pdf, ps ٽيڪسٽ: txt, rtf
تمام بهترين ادا رشيد سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جي اها ئي خواهش آهي ته فورم ڏينهن رات ترقي ڪري ۽ فورم دنيا جي ٽاپ سائيٽس ۾ هجي لاجواب ادا ساٿ سلامت دعائن ۾ ياد
تمام بهترين.... هاڻي مهرباني ڪري انهيءَ تي هڪڙو ٽٽوريل به لکو ته جيئن اسان جهڙا اٻوجهه به Scribd تي ڪتاب اپ لوڊ ڪرڻ جو طريقو سمجهي سگهن.
ادا رشيد الله سائين اوهان جي علم ۾ واڌارو ڪري يار هي ته اصل صفا نئين ڳالهه پنهنجي فورم تي کڻي آيو آهين۔۔۔ تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ادا۔۔۔ هاڻي ادا ابوزين واري حڪم تي ڪو جلدي ڌيان ڏجو ۽ اٻوجهن جي پارت اٿوَ۔۔۔۔
واه ادا رشيد صاحب ڪجهه دوستن که ڪافي مشڪل جو سامنو ڪرڻون پيو هوندو پر هاڻي دوستن که خبر پوندي هوندي ته ڪيڙو فورمٽ ڪيئن فائل تي اوپين ٿيندي
ادا رشيد اهو انتهائي شاندار ڪم آهي، ڪافي سارن دوستن جا ڪتاب مون وٽ موجود آهن، آفيس ڊاڪ واري فارميٽ ۾ ڪوشش ڪري اهي اپ لوڊ ڪري ٿو ڇڏيان وري به انهي ڳالهه جي تمام گهڻي خوشي ٿي۔
شروع الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ رحم وارو آهي۔ السلام عليڪم ادا، رشيد منهنجي بارگاههِ رب تعالي ۾ دُعا آهي ته، فورم ڏينهن ٻيڻي ۽ رات چوڻي ترقي ڪري، ادا سائين مونکي اهو ٻڌي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي ته هن سهڻي فورم تي اسڪربڊ تي اپلوڊ ڪيل به ڪتاب پڙهي سگهجن ٿا۔ ولسلام راجا عبدالوهاب اسلام آباد