نه لوڊشيڊنگ نه لوڙها هندستان يورپ نظر آيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    وڪيلن جي هندستان ياترا جو احوال شبير شر لکي ٿو

    [JUSTIFY]اسان آگري کان شام جو 7:00 وڳي دهلي لاءِ روانا ٿياسون ۽ قافلي کان ٽٽي وياسون، رستي ۾ ڪوئيٽا جو پراڻو ڪامريڊ ساٿي وڪيل ڪامريڊ اجمل ڪانسي مليو، هن چيو يار اڄ فتح پور سڪري ۾ ڏاڍو مزو آيو، گهمندي گهمندي هاڻ ٿڪجي هتي تاج محل ڏسڻ پهتا آهيون، اسان تاج محل مان نڪري چڪا هئاسون. اسان دهلي لاءِ پنهنجي کاتي ۾ آيل پراڊو ۾ ويهي چار ئي ڄڻا عبدالحڪيم خان بجاراڻي، فيض الله ڪورائي، محمد سليم جيسر ۽ فقير، ڊرائيور نٽور لال کان پڇيوسون ڪهڙي وقت دهلي پهچنداسون، نٽور لال چيو ته چار ڪلاڪ لڳندا. گاڏي هلي ته نٽور لال عبدالحڪيم خان بجاراڻي کي چيو بابو جي هتي ڪائي آنٽي توهان کي ملي يا نه؟ عبدالحڪيم خان بجاراڻي ٿڌو ساهه ڀري چيو ته الائي ڇو هي اُهو ڀارت نظر نٿو اچي جيڪو اسان ٽي وي تي ڏسندا آهيون، توهان ته هن کي پاڪستان ٺاهي ڇڏيو آهي.

    رستي ۾ اڌ ڪلاڪ چانهه پيئڻ واسطي لٿاسون، واش روم وڃڻو هو، باقي سڄو وقت اونداهي رات ۾ سفر ڪندا رهياسون، نه ڪي جايون پيون کٽن نه ئي آبادي نه ڪٿي لوڊشيڊنگ نظر آئي نه ڪچيون جايون ۽ لوڙها، جنهن مان لڳو ته ڀارت يورپ بڻجي چڪو آهي ۽ اسان واري ملڪ وارا هٿ جا لوڙها ته ڪٿي نظر ئي نه آيا.
    [/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]رات جو ساڍي ڏهين وڳي دهلي جي واءِ ايم سي هاسٽل پهتاسون، جتي ٻڌايو ويو ته ريسٽورنٽ بند ٿي چڪو آهي، هاڻ توهان کي ويجهي علائقي ڪلانٽ پئليس ۾ ئي هوٽل يا بار ملي سگهندا، اسان هٿ منهن ڌوئي ڪلانٽ پئليس وياسون، هي ڪلانٽ پئليس، ميلن ۾ گولائي تي وڏو مارڪيٽ ٺهيل آهي، جنهن ۾ هوٽل، بازارون ۽ ڪلبون ٺهيل آهن، بازار ته خير بند هئي پر هوٽل ۽ بار کليل هئا، اسان هڪ هوٽل ۾ وياسون، دوستن چيو سبزي کائينداسون، گوشت الائي ڇا جو هجي؟ ۽ ڪئين ذبح ٿيل هجي، سبزي ۾ دال ڏاڍي مزيدار هئي، کائي وڃي واءِ ايم سي هاسٽل ۾ سمهي پياسون، بجاراڻي صاحب چيو ادا هلو ته ڪِرون، نه ئي راکي نظر آئي نه ماڌوري نه مڌوبالا، سليم جيسر چيو اُهي ته ڪراڙيون ٿي چڪيون آهن، فيض الله ڪورائي چيو ته پاڻ ڪهڙو جوان آهي، پنهنجون عمر ۽ حساب واريون پيو ڳولهي.

    تاريخ 23.11.2011ع تي صبح جو 8:00 وڳي اسان تيار ٿي ناشتو ڪري پنهنجي حصي ۾ مليل پراڊو ۾ ويهي سامان به رکيوسون ۽ قطب مينار ڏسڻ لاءِ نڪتاسون، سامان ان ڪري کنيون سون جو اڄ اسان کي امرتسر پهچڻو هو ۽ اتان اٽاري، اٽاري کان واگها ۽ واگها کان لاهور ۽ لاهور کان مينگهي فقير شر. روڊ تي نڪتاسون ته دهلي جا روڊ به ڪراچي جي روڊن جيان ٽريفڪ جام جو شڪار نظر آيا، روڊن مان نڪرندي نڪرندي اسان کي قطب مينار پهچندي 11:00 ٿي ويا، قطب مينار قطب الدين ٺهرايو ۽ ان ۾ وري ڪجهه تبديليون تيمور لنگ ڪرايون ۽ ڪجهه التمس، اُن ۾ به فن جو ڪمال نظر آيو. قرآن شريف جون سِرن جي ڪاريگري سان آيتون اُڪريل هيون، اسان اِهو ڏسي حيران رهجي وياسون ته زير زبر به گٿل نه هئي، ڪئين ته هر لفظ لاءِ الڳ سانچو جوڙيو ويو هوندو ۽ ڪاريگر جو ڪمال ان هر جملي کي هن ڪهڙي ته مهارت سان جوڙيو ۽ لڳايو، واقعي مغل فن تعمير جا شوقين ۽ قدردان هئا. هتي به داخل ٿيڻ لاءِ اسان کان ولايتي هجڻ واري 250 رپيا في ماڻهو جي حساب سان فيس ورتي وئي، قوت السلام مسجد جا صرف دروازا بچا آهن، ڇت خبر نه آهي ته ڪڏهن جي شهيد ٿيل هئي، مسجد جي اڱڻ تي چار قبرون آهن، جن تي ڪو به نالو لکيل نه آهي، مسجد جي دروازن تي قرآن شريف جون خوبصورت گلن واري انداز ۾ آيتون اُڪريل آهن، قطب الدين جو دربار هال سلامت نظر آيو، جنهن جي به مرمت ڪري ان کي اصل ۾ شڪل ۾ بيهاريو ويو هوندو. اسان هتي فوٽو ورتا ڪلاڪ سوا گهمڻ بعد، اسان امرتسر لاءِ روانا ٿي وياسون.

    شام جو 6:00 وڳي امرتسر جي اي ڪي هوٽل ۾ پهتاسون، جتي اسان جي رهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. هتي جا هوٽل وارا به لاهوري اسٽائل ۾ رڙيون ڪري ڳالهائي رهيا هئا. جڏهن ته لاهوري هوٽل وارن جو رويو بهتر ۽ گراهڪ کي مان ڏئي سڏيندا، گرهاڪ کي ٺاهڻ وارو هوندو آهي. هي اسان سان ائين پيا ڳالهائين جيئن ڪي اسان هنن جا جنگي قيدي هجون. جڏهن مئنيجر کي اسان دٻ ڪڍي ته تون ڳالهائين ڪيئن ٿو، پوءِ هن کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هي گنگا جمنا ۾ شنان ڪرڻ وارا ناهن.

    اسان ٿڪل هجڻ ڪري ماني کائي سوير ئي سمهي رهياسون، هن هوٽل جي ماني به سٺي نه هئي، بقول عبدالحڪيم خان بجاراڻي جي شر صاحب توهان اکنڊ ڀارت جي مخالفت ڪري مليل مراعتون ۽ سهولتون پاڻ گهٽرائي ڇڏيون آهن.

    صبح جو سوير اُٿي ناشتي لاءِ وياسون ته ناشتو به معمولي رکيل هو 4 اسٽار هوٽل وارن ناشتو ئي نه هجي. چانهن ۽ بسڪيٽ وٺي اسان گولڊن ٽيمپل ۽ جڙيان والا باغ ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسون. جڏهن پراڊو ۾ ويٺاسون ته ڊرائيور نٽور لال شڪايت ڪئي ته رات کيس ماني نه ملي، هر هنڌ توهان ماني کارائيندا آيا آهيو، هتي توهان وساري ڇڏيو، اسان معافي گهري. اتي هن کي 500 رپيا ڏناسون ته اسان کي گولڊن ٽيمپل ڇڏي وڃي ماني کائي اچجان.

    گولڊن ٽيمپل وياسون ته اسان کي چيو ويو رومال وٺي مٿو ڍڪيو ۽ جوتا جمع ڪرايو ۽ پيرين اُگهاڙا اندر وڃو، اسان ائين ئي ڪيو، اندر وڏو پاڻيءَ جو تلاءُ هيو، سوني چادر لڳل گولڊن ٽيمپل پاڻي وچ ۾ ٽڪيل هو صرف هڪ پاسو خوشڪي وارو هو، جتان کان سک مرد عورتون اندر وڃي رهيا هئا، وڏيون قطارون ڏسي اسان ڊڄي وياسون ۽ همٿ نه ڪري سگهياسون، ڇو ته اسان کي چيو ويو هو ته اڍائي وڳي واگها باڊر جو اميگريشن عملو هليو ويندو آهي، پوءِ وڃي نه سگهنداسون، اسان اتان موٽي جڙيان والا باغ وياسون جتي 10 مارچ 1919ع ۾ جنرل ڊائر انگريز سامراج خلاف نڪتل جلوس تي گوليون هلائي 2000 مسلمان، هندو، سک ۽ عيسائي قتل ڪيا هئا، جنرل ڊائرجي ان ظالماڻي عمل جي مذمت لاءِ اُتي يادگار ٺهيل آهي، جتي 24 ئي ڪلاڪ باهه ٻرندي رهندي آهي، هتي ميوزيم هو جتي جنرل ڊائر جون گوليون کائي شهيد ٿيندڙ ۽ زخمين جون تصويرون لڳل هيون. هزارين ماڻهو ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اچي رهيا هئا. اسان اُتان ٿي واپس واگها باڊر تي پهتاسون ۽ پنهنجي پياري پاڪستان ۾ موٽي آياسون
    [/JUSTIFY]
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: نه لوڊشيڊنگ نه لوڙها هندستان يورپ نظر آيو

    ادا اوهان جو سفرنامون وڻندڙ لڳو۔ مختصر پر جامع طور ڳالهه پوري ڪري ويا آهيو۔ اهو پاسو ڏسڻ جي خوهش سالن کا دل ۾ آهي۔ باقي رهي ڳالهه لوڙهن جي ته ادا اوهان انڊيا جو اهو پاسو ڏٺو جنهن ۾ اهي شيون ظاهر آهي نه هونديون۔ جيئن اوهان لاهور کان موٽر وي تي پنڊي وڃو ۽ اتان مري سائيڊ ته لوڙها نظر نه ايندا ۽ اوهان کي پاڪستان به يورپ ئي لڳندو۔ پر ادا هنن ٻنهي ملڪن کي يورپ ٿيڻ لاءِ اڃان گهڻو وقت کپي۔ باقي انڊيا جا لوڙها ڏسن لاءِ ڪولڪته جي ٻهراڙي ڏسو ها ته بهتر هو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو