پنهنجي مصروف ترين نوڪري مان اڄ خوش قسمتي سان ڪجهه وقت مليو ته فورم تي ڪجهه تبديلي عمل ۾ آندم۔۔۔ ڪجهه ته دوستن نوٽ به ڪئي هوندي۔۔۔ ان هوندي به سمورن دوستن لاءِ تفصيل لکجي ٿو۔۔۔۔
سنڌ سلامت وڊيوز ڳولا
هاڻي توهان سنڌ سلامت تي رهي ڪري ئي جيڪڏهن ڪنهن يوٽيوب وڊيو کي ڳولڻ چاهيو ته بس سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تي اچي سائيڊ بار جي ٻيون نمبر بلاڪ ۾ سنڌ سلامت وڊيو ڳولا تي ڪو به خاص لفظ يا ڪي ورڊ لکو ۽ ڳولا تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ ٿوري ئي دير ۾ توهان جي برائوزر ۾ اضافي ٽيب کُلي ايندو جتي توهان جي مطلب جي ڳولا جا نتيجا هوندا۔۔۔
سنڌ سلامت فيس بوڪ تي
سنڌ سلامت جو فيس بوڪ پيج جو لنڪ ۽ ان پيج کي پسند ڪندڙن کي ڏيکاريو ويو آهي ۔۔۔ هوئن ته تعداد موجود آهي پر سنڌ سلامت جي چاهيندڙن جو تعداد 16 رينڊم طور ظاهر ٿيندو رهندو۔۔۔ سنڌ سلامت تي ايندڙ اهي رڪن جن اڃان تائين فيس بوڪ پيج جو ڦيرو نه ڀريو آهي سي هتان ئي پيج جو ڦيرو ڀرڻ کان سواءِ پسنديدگي جو اظهار ڪري سگهندا۔۔۔
سنڌ سلامت ايپليڪيشن
سنڌ سلامت ڪيبورڊ ايپليڪيشن جنهن جي ذريعي توهان نه صرف بغير ڪنهن انسٽالر جي سنڌي لکي سگهندو پر پريڪٽڪس ڪندي پنهنجي لکڻ جي رفتار کي وڌائي پڻ سگهو ٿا۔۔۔ هتي انهن فيس بوڪ رڪنن جون تصويرون ۽ لنڪس رينڊم طور ظاهر ٿيندا جن کي هي ايپليڪيشن پسند آئي آهي۔۔۔
سنڌ سلامت فائيل اپلوڊر
سنڌ سلامت تي ايندڙ رڪن فورم تي مختلف سافٽويئر، ڊرائيور يا ڪي فائيلز گهرڻ جي درخواست موڪليندا رهندا آهن ۔۔۔ رڪن موٽ ۾ جواب موڪليندي ڪافي گوگلنگ ڪندا آهن تڏهن ڪو لنڪ ملندو آهي۔۔۔ پر اڪثر دوستن وٽ اهڙا سافٽويئر يا فائيلز سندن ڪمپيوٽر ۾ موجود رهندا آهن پر جيئن ته سنڌ سلامت فورم تي اهڙن فائيلز کي اپلوڊ جي سڌي سهولت موجود نه آهي ان ڪري اهڙن دوستن جي سهولت لاءِ هي اپلوڊر لڳايو ويو آهي ۔۔۔ جنهن جي ذريعي هاڻي توهان ڪا به فائيل يا سافٽويئر پنهنجي ڪمپيوٽر تان اپلوڊ ڪري لنڪ ڪاپي ڪري سنگت سان ونڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
سنڌ سلامت تصوير اپلوڊر
ان باوجود جو نئين موضوع موڪلڻ دوران يا تحرير جي تفصيلي جواب ۾ تصوير کي اپلوڊ ڪرڻ لاءِ ٽني پڪچر اپلوڊر لڳايل آهي پر ڪافي دوست يا ته سمجهڻ ۾ ڏکيائي يا وري ڪنهن سبب ڪري استعمال ڪرڻ ۾ الجهن محسوس ڪري رهيا هئا ان ڪري انهن دوستن جي سهولت خاطر هتي هڪ اضافي پڪچر اپلوڊر لڳايو ويو آهي جتي آرام سان تصوير اپلوڊ ڪري لنڪ حاصل ڪري سگهجي ٿو۔۔۔
دوستو ان کان سواءِ گوگل ڪسٽم ڳولا جي ڪوڊ کي سنڌ سلامت ڳولا سان ملائيندي هڪ اضافي ڪوڊ پڻ ٺاهيو ويو آهي۔۔۔ جنهن کي مٿي نيوبار جي پٽي تي ڳولا ۾ لڳايو ويو آهي ۔۔۔ جنهن کان پوءِ اهي دوست جيڪي گوگل ڪسٽم ڳولا کي درست طريقي يا وري سنڌي انسٽال نه هجڻ ڪري استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهن۔۔۔ مٿين ڳولا کي استعمال ڪري سگهن ٿا جتي ڪو خاص لفظ لکي جڏهن انٽر پريس ڪيو ويندو يا وري ڀرسان موجود زوم شيشي تي ڪلڪ ڪيو ويندو ته برائوزر جو هڪ اضافي ٽيب کُلي ويندو جنهن تي ان لفظ سان متعلق سنڌ سلامت جا ايندڙ سمورن موضوعن جا لنڪس اچي ويندا۔۔۔۔ جنهن سان سنڌ سلامت تي ڳولا جي يقيني هوندي۔۔۔
اميد ته سنڌ سلامت جي هي تبديلي پڻ دوستن کي پسند ايندي۔۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت