مست
سينيئر رڪن
سرديءَ دوران جيڪٽ جو استعمال ته عام آهي جسم کي گرم ڪرڻ لاءِ، پر هاڻي گرميءَ دوران به جسم تي جيڪٽ پائي سگهبي پر ۔۔۔ جسم کي ٿڌو رکڻ لاءِ۔۔
انڊيا ۾ هڪ شخص ”ڪرانتي ڪرن وستاڪلا“ هڪ اهڙي ڊريس يا جيڪٽ تيار ڪئي آهي جنهن جي ذريعي گرميءَ جي دوران انسان جو گرمي پد نارمل حالت ۾ يعني ٿڌو رهندو، جيڪٽ جي تياريءَ کان بعد هاڻي اهو شخص ساڳئي اصول تحت جوراب، بوٽ ۽ پائڻ جي ٻين شين کي ٿڌو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔ ان جيڪٽ ۾ پلاسٽڪ جون هلڪيون ۽ ننڍڙيون پليٽس لڳل آهن جيڪي ننڍڙي ٿرمو اليڪٽرڪ آلي سان ڳنڍيل آهن۔ اهو آلو يا اوزار چارج ٿي سگهي ٿو ۽ ان کي شمسي توانائي يا گاڏيءَ جي بيٽري تي به چارج ڪري سگهجي ٿو۔ هڪ دفعو چارج ٿيڻ کان بعد اهو سسٽم 8 ڪلاڪن تائين ٿڌو رکڻ جي قابل هوندو آهي۔
جيڪٽ جو وزن صرف هڪ ڪلوگرام آهي ۽ ان کي مختلف موقعن تي ڪاميابيءَ سان آزمايو ويو آهي، خاص طور تي سياچن (درجه حرارت ڪاٽو 40 سينٽي گريڊ) تي مقرري دوران ڀارتي فوجين پنهنجي جسم تي گرمي پد برقرار رکڻ لاءِ انهيءَ جيڪٽ کي استعمال ڪيو۔۔۔
وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي ڀيرو ڀريو
http://www.bbc.co.uk/news/world-south-asia-13563592