• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسلمانو ڪجھ غور ڪيو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ؟؟؟؟؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ muhammad
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

muhammad

سينيئر رڪن
پاڪستان جي باري ۾ اولهه کانسواءِ اسلامي ملڪ به ناڪاري سوچ رکن ٿا: وڪي ليڪس
واشنگٽن (آن لائن) وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جي باري ۾ اولهه کان سواءِ اسلامي ملڪ به ناڪاري سوچ رکن ٿا، پاڪستان جا نه صرف اولهه جا دوست ملڪن جا سفارتڪار پر اسلامي ملڪن جا سفارتڪار ۽ نمائندا به نجي ملاقاتن ۾ ناڪاري خيالن جو اظهار ڪن ٿا، ميڊيا رپورٽس مطابق 3 سيپٽمبر 2009ع جي ڳجهي دستاويز جي حوالي سان انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي مرحوم آمريڪي سفارتڪار رچرڊ هالبروڪ سان ملاقات ۾ فرانسيسي صدر نڪولس سرڪوزي جي سفارتي صلاحڪار چارلس ريوڪن پاڪستان بابت چيو ته هڪ فوج آهي جيڪا ڪنهن ملڪ جي ڳولا ۾ آهي، 31 آگسٽ 2009ع جي ملاقات ۾ هن چيو ته پاڪستاني فوج جڏهن اقتدار ۾ ايندي آهي ته عوام ۾ ساک وڃائي ويهندي آهي، افغانستان طالبان پاڪستان جي ڪنٽرول ۾ آهن، سرڪوزي هالبروڪ کي وڌيڪ ٻڌايو ته فرانس پاڪستان جي ائٽمي اثاثن جي حفاظت جي باري ۾ تحفظات رکي ٿو، 22 ڊسمبر 2010ع جي هڪ دستاويز مطابق هڪ فرانسيسي عهديدار آمريڪي عملدارن کي ٻڌايو ته جنرل ڪياني مشرف کان سکيو آهي ۽ هاڻي هو پردي پٺيان ڪم ڪري رهيو آهي، مصر جي دفاعي وزير محمد حسين طنطاوي جي 21 ڊسمبر 2009ع جي پاڪستان جي باري ۾ رمارڪس جي حوالي سان ڳجهي دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته اهو ملڪ، جتي فوج حڪومتي معاملن ۾ مداخلت ڪندي هجي اهو تمام گهڻن مسئلن جو شڪار ٿيندو آهي، پاڪستانين سان ڪم ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي، وڪي ليڪس مطابق برطانيا سمجهي ٿو ته پاڪستان درست رخ ۾ نه وڃي رهيو آهي، پاڪستان ۾ فوج اقتدار ۾ هجي ته ان سان لاڳاپا ختم ڪرڻ گهرجن.

اهي انڪشافاتات فقط مسلمانن لا ڇو؟
ڇا دنيا جي گولي تي ٻيا ملڪ ۽ ٻيا سياستدان نه آهن؟
هي پاڪستاني سياستدانن ۽ عوام کي جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟
ڇا ٻين ملڪن جا سياستدانن گنگا نديء وانگر پاڪ صاف آهن؟
 
Back
Top