پاڪستاني حڪومت قومپرستن کي منهن ڏيڻ لاءِ مذهبي بنيادپرستي جي حمايت ڪئي:وڪي ليڪس
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وڪي ليڪس پنهنجي تازي انڪشاف ۾ چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت قومپرستن کي منهن ڏيڻ لاءِ مذهبي بنياد پرستي جي حمايت ڪئي، بلوچ قومپرست اڳواڻن سينيٽر عبدالمالڪ بلوچ 2009ع ۾ آمريڪي عملدارن سان شڪايت ڪئي هئي ته حڪومت ۽ آءِ ايس آءِ بلوچستان ۾ طالبان جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جي يو آءِ جي اڳواڻن چيو ته طالبان بلوچستان صوبي ۾ ڪجهه ڪرڻ جي قابل ناهن، هڪ خانگي ٽي وي چئنل مطابق وڪي ليڪس موجب ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل جنرل اسٽيو فڪان 20 جنوري 2009ع تي واشنگٽن موڪليل هڪ خط ۾ نيشنل پارٽي جي سينيٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻن سان ملاقاتن جا تفصيل لکيا ويا، خط مطابق عبدالمالڪ بلوچ ملاقات ۾ دعويٰ ڪئي ته بلوچستان ۾ طالبان جو وڏو انگ بلوچن جي اثر هيٺ علائقن ۾ اچڻ شروع ٿي ويو آهي، هن چيو ته حڪومت سيڪيولر بلوچ قومپرستن کي منهن ڏيڻ لاءِ مذهبي بنيادپرستي جي حمايت ڪري رهي آهي، جي يو آءِ (ف) جي صوبائي صحت واري وزير مولانا عبدالباري چيو ته جيتوڻيڪ طالبان ڪوئيٽا ۾ موجود آهن پر اهي اهم مذهبي اڳواڻن جي نظر ۾ آهن، عبدالباري جيتوڻيڪ يقين ظاهر ڪيو ته بلوچستان ۾ طالبان لاءِ حمايت موجود آهي پر طالبان صوبي ۾ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي قابل ناهن پر جي يو آءِ جي قومي اسيمبلي جي ميمبر مولانا نور محمد ڪوئيٽا ۾ طالبان جي موجودگي واري امڪان کي ئي رد ڪري ڇڏيو.
وڪي ليڪس آهي ڪير”؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
ڇا واقعا مسلمانن جو هڏ ڏوکي آهي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
اسان مسلمانن ۾ ان جا ڇا مفاد آهن، ڪڏهن ڪنهن غور ڪيو آهي ؟
غور فڪر فقط پاڪستان لا ڇو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟