اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو جتي به هجو سلامت هجو توهان سنڌي محبوبن کي مون حقير طرفان لک لک سلام هجن سدائين آباد خوشحال هجو [سنڌ سلامت سدا سلامت
جواب: اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو وعليڪم السلام ؛ ادا ڀلي ڪري آيا ، اميد آهي ته هن سهڻي اڱڻ کي پنهنجن مضمونن سان مزين ڪندا ۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو اوهانجا سلام اکين تي، اوهانجون دعائون اسانجي خوشنصيبي ۔۔۔ اوهان تي به سلامتي هجي ۽ رب ڪري اوهان به هميشه هميشه سکيا ستابا رهو ،،،، پر يار معصومي، ڪو تفصيلي تعرف ٿي وڃي ته جيئن دوستي وڌائڻ ۽ لڳ لاڳاپا رکڻ ۾ آساني ٿي وڃي ۔۔۔ اوهانکي سنڌ سلامت جو سنڌ دوست اڱڻ ڪيئن لڳو؟، اوهانجو ساٿ ۽ اوهانجا رايا قيمتي اثاثو ثابت ٿيندا ۔۔ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو سائين معصومي صاحب اوهان جا لک لائق جو هن محبتي ميڙاڪي ۾ ڪهي آيا اسان تي اوهان جا ڪرورين قرب پر جي اوهان پنهنجو تعارف تعارف سيڪشن ۾ ڪرايو ها ته جهڙو عيد ٿي وڃي ها ۔ انشاءِ هي ساٿ زندگي ۽ زندگي کان بعد جو به ساٿ ثابت ٿيندو ۔ الله اوهان اوهان کي هميشه مهڪندو ۽ ٻهڪندو رکي ۔ وسلام
جواب: اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو محترم دوست معصومي اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ اوهان جا سلام اکين تي ۽ سنڌ سلامت جو ساٿ انشاء الله دائم ۽ قائم رهندو۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔
جواب: اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو ادا معصومي صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اميد ته فورم جو ڀيرو ڀريندا رهندا سدائين گڏ