هڪ عرض؛ سنڌ سلامت جا سهڻا ساٿيو، ڪجهه ڏينهن اڳ مون سميت ڪيترن دوستن اها صلاح ڏني هئي ته سنڌ سلامت تي سنڌي ڪتاب گهر سان پڻ هڪ ڪمرو هجڻ گهرجي، جت سنڌي ڪتابن جون لنڪس يا اهي ڪهڙي به فارميٽ ۾ هجن سي ونڊ ڪجن ته جيئن سنڌ سلامت تي ايندڙ دوست سنڌي ڪتاب يا سنڌ سان لاڳاپيل ڪتاب آسانيءَ سان پڙهي يا ڳولهي سگهن ۔۔۔ آءُ هڪ دفعو ٻيهر محترم عبدالرشيد سمي صاحب کي گذارش ڪندس ته هو سنڌي ڪتاب گهر جي نالي سان هڪ ڪمرو قائم ڪري ته جيئن مٿيون مقصد حاصل ٿي سگهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ دوستو! هي هڪ سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، اوهان سان ونڊ ڪريانٿو، مون پڻ پڙهڻ شروع ڪيو آهي، معلوماتي ڪتاب آهي ۽ خلوص نيت سان لکيل آهي، اوهان به پڙهي ڏسو، اوهانکي پڻ پسند ايندو ۔۔۔ خاص ڪري سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سياست سان لاڳاپيل دوستن لاءِ مفيد آهي ۔۔۔ هيٺ نالي تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهجي ٿو؛ The Sindh Story A Great Account on Sindh by Dada Kewalram Ratanmal Malkani Reproduced By: Sani Hussain Panhwar