سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

'تعارف' فورم ۾ شڪيل احمد شاهه طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2011۔

  1. شڪيل احمد شاهه

    شڪيل احمد شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2011
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر انسٽرڪٽر
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور، تعلقه گولاڙچي ضلع بدين
    فورم جي منتظمين، سڀني ساٿي ميمبرن ۽ سنڌ جي سمورن ماروئڙن ۽ چاهيندڙن کي منهنجي طرفان کوڙ سارا سارا سلام قبول هجن۔
    سنڌ سان پيار ته هر سنڌي کي آهي ۽ هجڻ به گهرجي ڇو ته حب الوطني به ايمان جو جزو آهي۔ محترم يونس ملڪاڻي صاحب جن ٻڌايو ته سنڌ سلامت فورم منهنجي شرڪت ٿيڻ گهرجي حالانڪه آئون هن سنڌي فورم کان واقف هجڻ باوجود به مصروفيتن جي ڪري شرڪت نه ڪري سگهيو هيس۔ پر سچ پڇو ته تمام گهڻي خوشي جو احساس هو ۽ آهي ته سنڌي ۾ ڪو فورم آهي۔ جنهن فورم تي تحريرن، مضمونن سان گڏو گڏ سنڌي ماڻهن جي اصلاح ۽ ڄاڻ ۾ واڌ جي ڪافي سارو مواد مهيا ٿيل آهي۔
    پيارا ساٿيو! منهنجو تعلق لاڙ جي ان شهر سان آهي جيڪو تيل ۽ گيس جي لحاظ کان پنهنجي نوعيت جو هڪ وڏي اهميت رکندڙ شهر آهي۔ ڪڙيو گهنور جيڪو ضلع بدين جي تعلقه گولاڙچي ۾ واقع آهي۔ چڱو پنهنجي شهر ۽ ان جي باري ۾ وڌيڪ توهان کي اڳيان هلي پنهنجي ٻين تحريرن ۾ ٻڌائيندس، ۽ ها آئون سنڌ جي اندر تعليم جي فروغ جي لحاظ کان به تحريرون هن فورم ۾ پوسٽ ڪرڻ جو خواهشمند آهيان جيڪي جلد کان جلد پوسٽ ڪندس۔

    سنڌ جي ترقي لا سوچيندڙ ۽ ساڃاهوند ڌرين کي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ تعليم جي فروغ کي هٿي وٺرائڻ لا ڪوششون ڪيون وڃن ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لا جدوجهد ڪئي وڃي ته جيئن سنڌي ”جهالت“ واري داغ کان صاف ٿي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجي تخليقي سوچ جو آزادانه اظهار ڪري سگهن۔
     
  2. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    ادا شڪيل اوهان کي هن سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي دل جي گهرائن سان ڀليڪار
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    سائين محترم شڪيل احمد شاه صاحب، سنڌ سلامت جي انتظاميه ۽ سنڌ سلامت جا سڀ دوست اوهانکي پرخلوص ڀليڪار چون ٿا ۔۔۔ سچ پڇو ته جڏهن ڪڌهن ڪو سنڌ دوست اسانجي هن ننڍڙي قافلي ۾ شريڪ ٿيندو آهي ته اسانجي سگهه ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ۽ اسين پاڻ کي ٻلوان سمجهندا آهيون، ڇاڪاڻ سچا دوست سگهه هوندا آهن، رهنمائي هوندا آهن ۽ منزل تي پهچڻ جي پڪ هوندا آهن ۔۔۔

    اوهان جي هن پياري ڀرئي تعرف مان خبر پوي ٿي ته اوهان پنهنجي علائقي سان گڏ سنڌ ۽ سنڌ جي تعليم لا ڪيترا دردوند آهيو ۔۔!!

    اوهانجو سڀ لکڻيون اسانجي اکين تي ۽ انتظار رهندو ۔۔۔ گولاڙچي جي سون ورني ڌرتي مٿان ويٺل سنڌ دوست کي دل جي گهراين سان ڀليڪار، اميد ته اسانجو ساٿ پائدار ۽ توڙ رسندو ۔۔۔ لاڙ جا ته هونئن به وفادار ۽ پيارا سنڌي آهن، جيڪي پنهنجي عقل ۽ فهم سان سنڌ جي خدمت ڪن ٿا ۔۔۔

    دوست وڌن ۔۔۔ ميلا لڳن ته هو جمالا ڳائجن

    اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۔۔۔ پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي ايندا رهندا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    ادا شڪيل اوهان کي هن سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي دل جي گهرائن سان ڀليڪار
     
  5. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    سائين شڪيل شاه صاحب سنڌ سلامت جي هن محبتي ميڙ ۾ شامل ٿيڻ تي اوهان
    کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون۔ سائين يونس ملڪاڻي جا به ٿورا جنهن اسان
    جي هن محفل ۾ اوهان جهڙي دوست جو اضافو ڪيو اسان کي اوهان جي سٺين
    لکڻين جو شدت سان انتظار رهندو
     
  6. معصومي

    معصومي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    جواب : سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔
    قبله شڪيل احمد شاه صاحب توهان کي سنڌ سلامت فورم ۾ دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا ۔
    فقط قبله جن هڪ لطف ڪندا ته پنهنجو مڪمل تعارف ڪرائيندا ته مهرباني ٿيندي
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    ادا شڪيل احمد شاه اوهان کي هن سهڻي اڱڻ تي اچڻ تي دل جي گهرائن سان ڀليڪار ڪجي ٿو۔

    اميد آهي ته اوهان کي هن فورم ۾ سٺا دوست ۽ علمي جاڻ ملندي ۽ اسان کي به پنهنجي مضمونن سان مستفيد ڪندا رهندا،

    انشاء الله! ساٿ هلندو رهندو ، سدائين گڏ
     
  8. شڪيل احمد شاهه

    شڪيل احمد شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2011
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر انسٽرڪٽر
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور، تعلقه گولاڙچي ضلع بدين
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    مهرباني افتخار صاحب، توهان جهڙن ساٿين جو ساٿ گهرجي۔
    ساٿ سلامت ۔۔۔ سنڌ سلامت
     
  9. شڪيل احمد شاهه

    شڪيل احمد شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2011
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر انسٽرڪٽر
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور، تعلقه گولاڙچي ضلع بدين
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    پيارا، آئون سمجهان ٿو تعارف لا اهو سڀ ڪجهه ضروري هوندو آهي جيڪو مون لکيو، پر جيڪڏهن توهان کي ڪجهه پڇڻو آهي ته بلڪل پڇو توهان ساٿين جي ساٿ سان ته زندگي جا رنگين لمحا يادگار بڻبا آهن۔۔۔!! مهرباني۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    محترم دوست شڪيل احمد شاهه صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون

    تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ ادا يونس ملڪاڻي ۽ ادا حفيظ لغاري به اوهان جي ئي علائقي جا آهن جيڪي پڻ گهڻو سرگرم آهن۔

    اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔

    [​IMG]
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    ادا شڪيل احمد شاه اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون

    اميد ته فورم جو ڀيرو ڪندا رهندا

    سدائين گڏ
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    سائين شڪيل احمد شاهه صاحب! اوهان کي سنڌ سلامت جي پيار ۽ محبت سان سجايل اڱڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿو چئجي، سنڌ سلامت جو اڱڻ اوهان دوستن جي ساٿ سان انشاءَ الله روز بروز ترقي ڪندو۔ هن محبتي ويب سائيٽ تي اوهان جهڙن دوستن جي ساٿ جي ضرورت آهي، اوهان جي تعارفي ليک مان خبر پوي ٿي ته اوهان جو علم سان چاهه آهي ۽ اوهان جي هٿان اسان کي ڪيتريون ئي علمي لکتون ملنديون۔۔۔ ڪڙيو گهنور هڪ بهترين شهر آهي، منهنجو اتي ٻه ڀيرا اچڻ ٿيو آهي، ڪو وڏيرو هو سهتو ذات جو جنهن جو نالو مون کي ياد ناهي، ان جي پلاٽ ۾ يوفون جو ٽاور لڳڻو هو انهن ڏينهن ۾ مان يوفون ۾ انٽرنشپ ڪندو هئس۔ ان ڪري اتي وڃڻ ٿيو هو۔۔۔ تمام پيارو شهر آهي، ٻه ٽي ڀيرا وري اتان گذر ٿيو آهي پر شهر وڃڻ نه ٿيو آهي۔۔۔۔ اميد ته توهان سنگت سان ساٿ نڀائيندا۔۔​
     
  13. سچار سنڌي

    سچار سنڌي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2011
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    سائين توهان کي هن سنڌ جي محبتي اڱڻ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا ۔
    توهان جي سهڻين لکڻين جو انتظار رهندو ۔
     
  14. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,757
    ورتل پسنديدگيون:
    2,734
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    ادا هن اڱڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار


    [​IMG][/center][/img]
     
  15. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    ادا ڀلي ڪري آيا
     
  16. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    ادا ڀلي ڪري آيا ۔
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي پيارن ماروئڙن کي پيار ڀريو سلام قبول پوي ۔۔۔۔

    شاه صاحب اوهان کي ڀليڪار۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو