نثارابڙو
نائب منتظم
ڪھاڻي
” شيطان ٿيو مسلمان “
نثارابڙو
اوچتو ننڍپڻ جي هڪ سڃاپرو نوجوان سان ملاقات ٿي وئي ... پرائمري کان مئٽرڪ تائين گڏ پڙهيو هو ... هِڪُ ئي اسڪول ... ساڳيو سال ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي ڪلاس پڻ ... ڪاليج وياسين ته هي پاڻ واري ڪاليج بجاءِ ڪنهن ٻي ڪاليج ۾ وڃي داخل ٿيو هو ... شروع کان آخر تائين هو هڪ Bad Boy ، شرارتي ۽ شيطان ڇوڪري جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو ... ڪهڙي خرابي هئي جا هُنَ ۾ نه هئي ... چوريون، گارگند ۽ جھيڙا روز جو معمول ... ڪڏهن ڪڏهن ته ڳالهه پوليس تائين وڃي پهچندي هئي ... مائٽ، استاد ۽ شاگرد سڀ تنگ ... هميشه ڪنهن نه ڪنهن شيطاني ڪم جي رٿا بندي ڪرڻ سندس پسنديده وندر هئي ...
اڄ جڏهن هو ڳچ سالن کانپو مليو ته چهرو نوراني ... ٻولي شائسته ... رويو انتهائي مناسب ۽ حيرت ۾ وجھندڙ ... سبحان الله، ماشاء الله، الحمد الله سندس زبان تي ... هر ڳالهه تي دعائون ڏيڻ ... آذان ٻڌڻ شرط نماز جي دعوت ڏنائين ۽ معذرت تي پاڻ پڙهي اچڻ جي اجازت گھريائين ... ... خئير جڏهن نماز تان موٽيو ته مونکان رهيو نه ٿيو ۽ کائنس پڇي ويٺس ته هڪ شيطان Bad Boy، مسلمان ... Gentleman ڪيئن ٿيو؟
سوال جي جواب ۾ هڪ پراثر مسڪراهٽ کانپوءِ پنهنجي مختصر ڪهاڻي ڪجھه هن ريت بيان ڪيائين ...
هونءَ ته آءُ پيدائشي مسلمان آهيان، ڪن ۾ آذان به ڏني وئي هئي ... نانءُ علي ۽ پوءِ احمد رکيو ويو ... ٻالڪپڻي ۾ وڏڙن پاران قرآن جي تعليم ڏيارڻ لاءِ پڻ جتن ڪيا ويا پر مون هٿان سيپاري جي ڪرڻ ۽ استاد جي هٿان ڪُٽَ کائڻ کانپوءِ سيپاري کي هٿ لائيندي به ڏڪڻي وٺي ويندي هئي ... نتيجي ۾ استادن سان ويرُ پئجي ويو ۽ هر وقت کين تنگ ڪرڻ ۽ سندن نقصان ڪرڻ ۾ مزو ماڻيندو هوس ... جنهن استاد ماريو هو انجي ڪيترائي ڀيرا عينڪون ٽوڙي خوشي ملي ...
ڪچي ۽ ناسمجھيءَ واري عمر ۾ جيڪا تصوير الله سبحان و تعاله جي ذهن تي نقش ٿي سا ڪجھه هن ريت هئي ” ديوهيڪل، ٿلهي متاري جسم واري ڪا طاقتور هستي، آسمانن کان مٿي ويٺي آهي ... جنهنکان ڪابه شئي گھربي يا مدد وٺبي ته پوري ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪا غلطي ڪبي ته سزا به اوتروئي ڀيانڪ ۽ ڀوائتي ملندي ...“
اسين پاڙي جا ٻار گڏجي، گھرن کان ڪجھه پرڀرو باغن ۾ وڃي موسمي ميوا ميڙيندا هئاسون ... هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو کارڪن جي موسم ۾ باغن مان باغ گذرندي ڪجھه وڌيڪ پرڀرو نڪري وياسين ... اوچتو ئي اوچتو آسمان تي کنوڻ ۽ جھڙائتو گجگوڙ شروع ٿيو ... سڀ ٻار وٺي گھرن ڏانهن ڀڳا ... مون واري گھر ۽ باغن وچ۾ واهڙ وهندو هو جنھنجي سنهڙي ڪپ تان گذري گھر پهچبو هو ... آءٌ اڪيلو ... مينهن ۽ هوا جي تيزي ... هرطرف اڇاڻ ئي اڇاڻ ... ڪپ به ترڪڻو ٿي پيو... هڪ پاسي ڀريل واه، ٻي پاسي هيٺائينءَ تي ڪنڊن ڀريل ٻوٽا ... ترڪي ڪرڻ جي ڀوَ ۾ الله سبحان و تعاله کي ٻاڏائڻ شروع ڪيو ...
”الله سائين نه ڪيرائجانءِ“ ... ”الله سائين نه ڪيرائجانءِ“ ... ”الله سائين نه ڪيرائجانءِ“
خبر تڏهن پئي جو ٻئي ڄنگهون ويون نڪري ۽ ڌو وڃي واه ۾ ڪيم ... پوءِ ته ٻڏتر واري حالت ... حياتي به پياري آهي هر جيوَ جيئان مون به پاڻ پتوڙيو ۽ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا ۽ خئيرن سان هٿ وڃي ڪنهن ٻوڙي ۾ ڦٻيا ... جيئن تيئن ڪري ڪناري چڙهيس ... ڪرڻ جي غم ۽ نڪري ٻاهر اچڻ جي خوشيءَ ۾ روئڻ سان گڏوگڏ مٿي منهن ڪري الله سبحان وتعاله سان مخاطب ٿيس ...
”الله سائين چيومانءِ ته نه ڪيرائجانءِ ... نه ڪيرائجانءِ پر تو ٻڌو ئي ڪونه ... هاڻ آءُ به توسان ڪونه ڳالهائيندس ... بس ڪٽي آهي پنهنجي ... “
اهو واعدو به مون ڳچ عرصي تائين نڀايو
ٻالڪپڻي ۾ ڪجھه صحبت جي اثر ۽ ڪنهن نيڪ شخص جي نصيحت سبب ... ٽي، چار ۽ پنج وقتي نماز پڙهڻ شروع ڪئي ... پر ٿيو ڇا جو اسڪول کان ايندي ويندي بوٽن جي دڪان جي الماڙي ۾ پيل هڪ بوٽ پسند اچي ويو ... پڇا ڪرڻ تي ڄاڻ ٿي ته 25 روپيا رعايتي ملهه اٿس ... چواڻي ته ” شوق جو ڪو ملهه نآهي “ مون به پڪو ارادو ڪيو ته بوٽ وٺڻو ضرور آهي ... گھريلو حالات ڪجھه اهڙا جو هڪدم 25 روپين جو انگل ڄڻ ککر ۾ ڦوڙ ... مون به منصوبا ٺاهڻ شروع ڪيا ... کيسي خرچي چار يا وڌ ۾ وڌ اٺ آنا ملندا هئا ۽ خاص موقعن تي هڪ روپيو ... سو گھر ۾ پيل ٺڪر جي ڀنڊاري ۾ روزاني کيسي خرچيءَ جو ڪجھه حصو ۽ ٻي پٽ سٽ گڏ ڪرڻ شروع ڪئي ... الله الله ڪري چئن پنجن مهينن جي صبر کانپوءِ گھربل پئسا گڏ ٿيا ... خوشيءَ ڌاران ڪپڙن ۾ ئي نه ٿي ماپيس ... ڀنڊارو ڀڃي، رخ ڪيم بازار ڏانهن ... بوٽ خريد ڪري سڪون پاتو ڄڻ ته ڪو وڏو معرڪو سر ڪيو هجيم ...
ٻي ڏينهن جمعي نماز جي تياري ورتي ... نئين بوٽ سان گڏ صاف پوشاڪ پهري مسجد جي راهه ورتي ... دروازي جي ڪنڊ ۾ بوٽ سنڀالي رکيو ... خطبي ۽ نماز کانپوءِ جوتي واري جڳهه تي پهتس ته ڪاريءَ وارا ڪک، بوٽ غائب، مٿي کي چڪر اچڻ لڳا ... چرين جيئان هيڏانهن هوڏانهن ڳولهڻ لڳس ... جوتو نه ملڻو هو سو نه مليو... موٽي وڃي ڀيلو منهن ڪري، مولوي صاحب کي حقيقت ڪئي ، جنهن لائوڊ اسپيڪر ذريعي جوتي جي گمشدگيءَ جو اعلان ڪيو ۽ پاڙي وارن کي عرض ڪيو ته ” ڀُلَ چُڪَ ۾ ڪو پائي ويو هجي ته مهرباني ڪري موٽائي ڏئي وڃي“ ...
آءُ مسجد جي هڪ ڪنڊ وٺي ويهي رهيس ... الله سبحان تعاله کي ٻاڏائڻ شروع ڪيو ... ” اي پروردگار ! اڄ منهنجو جوتو واپس ڪراءِ ... عمر ساري تنهنجو گھر آباد رکندس ... نيڪ ٻانهو ٿي زندگي گذاريندس ... ڪو ڏوهه نه ڪندس ... وغيره وغيره “ ان ذڪر سان ٽن پهرن، سج لٿي ۽ سومهياڻي جي نماز تائين مسجد ۾ ويٺو رهيس ، جوتو نه ملڻو هو سو نه مليو ... آخر اميد ۽ آسرو لاهي ... الله سبحان تعاله سان ڪاوڙجي، مسجد مان ان ارادي سان نڪتس ته وري مسجد جو منهن نه ڏسبو، نيڪيءَ جو نانءُ به نه وٺبو ... عبادتن کان توبهه ... انکانپوءِ ته بس چوريون ڪري بوٽ جي نقصان جو پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي چوري ڪرڻ جي عادت پئجي وئي ... مسجد ، مندر ۽ اسڪول ته خاص نشانو هئا .... انجھڙا ٻيا به ڪئي واقعا رباني راهه کان پري ڪندا رهيا ... منهنجي اندر جو شيطان وڌي وڻ ٿيو ۽ ٿلهو ٿي ٿونا هڻڻ لڳو هو ...
انسان جڏهن رباني راهه کان ڀٽڪي ٿو ته بس پوءِ شيطاني راهه بچي ٿي ... ان راهه جي مثال انڌيري بند ڪوٺيءَ جيئان آهي، جنهنجي اندر کليل اکين سان ڏسي نه سگھجي ... ڪنن هوندي ٻڌي نه سگھجي ... مطلب ته انسان پنهنجي اصل حيثيت وڃائي ويهي ٿو ۽ شيطاني راهه جي اونداهي کوه ۾ ڪريو پوي ... 15 کان 40 سالن جي عمر انتهائي اهم ۽ خطرناڪ پڻ آهي ... ان ئي عمر ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ بهتريءَ جا وڏي کان وڏا ڪارنامه ڪري سگھجنٿا ... ان ئي عمر ۾ شيطاني طاقت جو اثر پڻ زور تي رهي ٿو جنهن سبب ڪيترائي زهريلا گناه سرزد ٿين ٿا جي ڄمار ساري انسان کي جڪڙيو ڇڏين ... ابليسي اثر هيٺ دل ۾ دغا جا ديرا ... چوري ۽ زنا ... امانت ۾ خيانت ... بيواهن ۽ يتيمن جي مال تي نظر .. بزدلي ۽ بيحيائي ... طبيعت چلولي ۽ چڙچڙي ... خوف ۽ خساري جا انديشا ... فساد ۽ فتنو ... نشئي ۽ ناڪاره ٿيو پوي انسان ...
جھڙيطرح ڪي واقعا ۽ حادثا انسان کي رحماني راهه کان پري ڪيو ڇڏين اهڙيطرح ڪي وري رحماني راهه طرف راغب ڪيو ڇڏين ... منهنجي زندگي ۾ به ڪو وقت اهڙو آيو جو شيطان جي جڪڙ ۾ اهڙو ته جڪڙجي ويس جو هاڻ پنهنجي ڪٽنب جي شريف ۽ نيڪ ڀاتين جي نظرن ۾ ڪرڻ لڳو هوس ... ويجھن عزيزن دوستن جي تنقيد جو شڪار ٿيڻ لڳس ... پر تنهن هوندي به آءُ بيپرواهه پنهنجي ڪرت سان جڙيل ...
هڪ ڏينهن، هڪ بينام خط اچي مليو ... خط ڇا هو ڪروتتن جي چٽي تصوير سڀ ڪيل ڏوهه ۽ بڇڙايون نقش ٿيل هيون ۽ مونکي منهنجو ئي وجود هوبهو شيطان جو وجود محسوس ٿيڻ لڳو، سموريون حقيقتون ڀيانڪ انداز ۾ لکيل هيون جن مونکي اهڙو ته جھنجھوڙيو جو اهو سمورو ڏينهن روئيندو رهيس ... روئيندي روئيندي گھر کان پرڀرو پرسڪون ۽ پرفزا ٽڪريءَ ته اچي ويهي رهيس ۽ پنهنجي ڪردار جي شيطاني رنگ تي سوچيندي، روئيندي، اندر جي انسان کي جاڳائي وڌو ... پهريائين ته ملامت ۽ ندامت ... تنهنکاپوءِ هدايت ۽ نصيحت ... اندر جي انسان ۽ شيطان جي انهيءَ ويڙهه ۾ آخر انسان جو پلڙو ڪجھه ڳرو ٿيو ۽ طع اهو ٿيو ته زندگيءَ ۾ ڦيرو آڻجي ۽ سڌي راهه جي ڳولها ڪجي ...
سڌو رستو آهي ڇا ؟ سڌي رستي جي ڳولها ڪيئن ۽ ڪٿي ڪجي ؟ اُهي ۽ اهڙا ٻيا اهم سوال پئدا ٿيا ... سنڌي مسلمان معاشري جي فرد جي حيثيت ۾ مونکي مناسب لڳو ته قرآن، حديث ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي پيغام جو سهارو وٺان ۽ پوءِ مون شاهه جي رسالي، حديثن جي مجموعي ، ترجمي ۽ تفسير واري قرآن جي مطالعي جو پڪو پهه ڪيو ... ٽئي ڪتاب پنهنجي ڪمري ۾ آڻي رکيا، شروع شروع ۾ ته ڏکيائي ٿي پر ارادي جي مضبوطي ۽ نيت صاف هجڻ سبب ڪجھه سوجھرو ٿيڻ لڳو، ٽنهي ڪتابن جي شيطاني ۽ رحماني ڪردارن جي پروڙ پوڻ لڳي ...
شيطاني ڪردار؛
ظالم ۽ سفاڪ ... منافق ۽ مشرڪ ... ڪوڙو ۽ ڪمينو ... بي وفا ۽ بي حياءُ ... ڀاڙي ۽ بزدل ... دغاباز ۽ خارباز ... زاني ۽ بي ايمان ... وغيره وغيره
رحماني ڪردار؛
عادل ۽ امين ... مومن ۽ ايماندار ... صادق ۽ صابر... سچار ۽ شاڪر ... وفادار ۽ محسن ... متقي ۽ پرهيزگار ... بهادر ۽ بردبار ... سخي ۽ سردار ... رهبر ۽ راهنما ... شهيد ۽ شاهد ... وغيره وغيره
رحماني ۽ شيطاني ڪردارن جي پروڙ کانپوءِ اندر جي انسان، رحماني راهه طرف رهنمائي ڪئي ۽ اندر جو شيطان وري پنهنجي راهه جون لالچون ۽ فائدا ٻڌائڻ لڳو ... پر وري به رحماني انسان جي فتح ٿي ۽ مون پنهنجو پاڻ سان سڌي راهه ته هلڻ جو وچن ڪري ورتو ... منهنجو شيطان مايوس ۽ نامراد آئيندي جا منصوبا ٺاهيندي ... مونلاءِ نوان ۽ انيڪ امتحان تيار ڪرڻ لڳو جي اڳتي هلي ڪجھه هن ريت سامهون آيا؛
پهريون امتحان
ٿيو ڇا جو ڪنهن ڪم سانگي ڪراچيءَ وڃڻ ٿيو ۽ هڪ ويجھي ڇڙي دوست وٽ وڃي مهمان ٿيس ... ان ڏينهن معمول مطابق هو صبح سوير پنهنجي ڪم ڪار سان هليو ويو ۽ آءُ واندي هئڻ سبب گھر ۾ ئي رهيس ... ننڊ مان ڪجھه دير ڀرو اٿڻ ٿيو، اٿندي ئي ناشتي جي تياريءَ ۾ لڳي ويس ته اوچتو دروازو کليو ۽ مونواري دوست سميت هڪ نوجوانِ، خوش شڪل، خوش لباس ڇوڪري داخل ٿي، ٻئي سمهڻ واري ڪمري ڏانهن هليا ويا ... دروازو بند ٿي ويو ... ڪجھه ڏهن پندرهن منٽن کانپوءِ دروازو کليو ... مون وارو دوست ٻاهر نڪتو، ڇوڪريءَ جي پارت ڪندي ۽ ڪو اهم ڪم ٻڌائيندي ٻاهر نڪتو ويو ... چانهن ۽ ناشتو تيار هو جو مون TVواري ڪمري ۾ آڻي رکيو هو، چانهن جو هڪ ڪپ ڀري وڃي ڇوڪريءَ جي آڏو رکيو، هڪ نظر کيس ڏسندي ٻيءَ ڪنهن طلب جو معلوم ڪيو ته هڪدم ناشتي جي خواهش ڪيائين ۽ چانهن جو ڪپ کڻي اچي ٻاهر مونسان ويٺي، ناشتو ڪندر رسمي حال احوال ٿيو ... آءُ سندس احترام ڪري رهيو هوس ان خيال کان ته دوست جي ڪنهن خاص رشتي ۾ جڙيل نه هجي
ڇوڪرِ نه فقط سهڻي ۽ خوش لباس پر خوش گفتار پڻ هئي ... ڳالهين ئي ڳالهين ۾ خبر پئي ته مون واري دوست سان ڪو خاص رشتو نه اٿس، ڪجھه ئي عرصو ٿيو جو هوائي جهاز جي سفر دوران ڏيٺ ويٺ ٿي هين ۽ هوءَ هوائي جهازن ۾ ميزبانيءَ جو ڪم ڪندي آهي ... مالدار ۽ خوشحال گھراڻي سان تعلق اٿس ... موڪل واري ڏينهن نوجوان ۽ امير گھراڻي جي ڇوڪرن سان صحبت ڪرڻ سندس مشغلو آهي ... اڄ مون واري دوست جي هٿ چڙهي وئي ۽ هاڻ مونسان ويٺي ناشتو ڪيائين ...
پهريائين ته مونواري دوست جي اچڻ جو اوسئڙو رهيو پر ڪافي دير تائين ڪو اتوپتو ئي نه .. اسين به مختلف موضوعن تي بحث ڪندي ويجھو ٿيڻ لڳاسون ۽ ڇوڪر آهسته آهسته پنهنجي جسم جي گرميءَ سان منهنجي اندر جي شيطان کي وندرائڻ لڳي بس آءُ به شيطان جي جڪڙ ۾ اچڻ وارو ئي هيس ته اندر جي انسان جي اک کلي پئي، هڪل ڪندي ۽ منهنجي ڪيل واعدي جي ياد ڏياريندي اهڙي ته تنبيهه ڪئي جو آءُ هڪدم اٿي گھر کان ٻاهر نڪري وڃي ڪنهن پرسڪون ۽ اڪيلي جڳهه تي ساه پٽيو بس پوءِ ته قرآن جي سورت النور ۽ خاص هيءَ آيت ياد اچڻ لڳي
” مومنن کي ٻڌاءِ ته هو پنهنجون نگاهون هيٺ رکن ۽
پنهنجن شرمگاهن جي حفاظت ڪن، اهائي هنن لاءِ پاڪيزگي آهي “
سورت يوسف جي هڪ ٻي آيت پڻ ذهن تي تري آئي
” ان عورت جنهنجي گھر ۾ يوسف هو، يوسف کي بهلائڻ ۽ ڦسلائڻ لڳي ۽ دروازا بند ڪري چيائين ”هلي اچ“ ... يوسف وراڻيو ”الله جي پناه“ هو منهنجو مالڪ آهي ۽ مونکي چڱو رکيو اٿس، ناانصافي ڪرڻ وارن جو ڀلو ناهي ٿيندو “
هڪدم هيءَ حديث پڻ دماغ جي پردن سان اچي ٽڪرائي
” قيامت جي ڏينهن، اهو انسان عرش اعظم جي ڇانوَ ۾ هوندو جنهن مالدار ۽ سهڻي عورت جي دعوت نفس کان انڪار ڪيو “
شاه ڀٽائيءَ جو هي شعر پڻ ڦيرا پائڻ لڳو
دل جو دلبر هڪڙو، گھڻا تان نه ڪجن،
دل ڀي ڏجي هڪ کي، توڙي سوَ سڪن،
سي چلولا چئجن، جي در در لائن دوستي.
بس پوءِ مون پنهنجي اندر جي شيطان کي هميشه لاءِ اها ڳالهه سمجھائي ڇڏي ته هو آئينده مونکي ان مامري ۾ نه وجھندو ۽ الله جي مهر سان مون ان موذي مرض کان جند ڇڏائي وڌي آهي ،
” مونلاءِ منهنجي شريڪ حيات ئي منهنجو لباس آهي ۽ آءُ هنجو لباس آهيان “
شيطان جي ڪرت آ انسان کي سڌي راه تان هٽائڻ ۽ انسان جو ڪم آهي پنهنجو پاڻکي بچائڻ، ٻي هڪ شيطاني حرفت ڪجھه هن ريت پيش آئي؛
آءُ هڪ بين الاقوامي اداري ۾ نوڪري ڪري رهيو هيس ... ڪنهن ضرورت پوڻ تي مون پنهنجي مهيني جي پگھار اڳواٽ وٺڻ جي عرضي موڪلي جا منظور ٿي ۽ مونکي پئسا ملي ويا ... مهيني گذرڻ کانپوءِ حسابن واري کاتي کان نياپو آيو ته آءُ پنهنجي پگھار وٺي وڃان ... حيرت ٿي ته هيءَ ڪهڙي پگھار !!!، حسابن واري کاتي وڃي معلوم ٿيو ته ساڳئي مهيني جي پگھار تيار آهي جا آءُ اڳواٽ وٺي چڪو آهيان، کاتي ۾ ملازم دوست کان معلوم ٿيو ته ڪوبه اهڙو نشان موجود ناهي ته ڪو مون پگھار اڳواٽ ورتي آهي ...
اندر جي شيطان کي ته اهڙا موقعا کپن ... سو وسوسا وجھڻ شروع ڪيائين ته راهه هموار آهي ... ڪابه ثابتي موجود ناهي ... پگھار وٺان ۽ پنهنجو ضرورتون پوريون ڪيان ...
اندر جو انسان به جاڳي رهيو هو ، تنهن تنبيهه ڪئي ته ” اي غافل انسان، حرام جي مال سان ڪيتريون ضرورتون پوريون ڪندي ... ڇا انسان جون خواهشون به ڪڏهن ختم ٿيون آهن؟ ڇا شيطان جي ورغلائڻ تي پنهنجي ايمان ۽ اخلاق کي هميشه لاءِ ماريندو ۽ اذيتون ڏيندو رهندي؟، پوءِ ته قرآن جون آيتون، حديثون ۽ شاهه جا سر ۽ ٻيا سڀ اخلاقي قدر ڪجھه هيئن ياد پوڻ لڳا؛
سورت بقره ۾ الله ذولجلال جي هيءَ هدايت
” هڪ ٻئي جا مال ناجائز نه کائو “
سورت المومنون جي هيءَ نصيحت
” جي (ماڻهون) پنهنجي امانتن ۽ واعدن جي حفاظت ڪرڻ وارا آهن، اهي جنت الفردوس جا وارث هوندا ۽ هميشه ان ۾ رهندا “
الله جي رسول جي هيءَ حديث پڻ تازي ٿي ته
” سچائي ۽ امانتداري سان معاملات ڪرڻ وارا آخرت ۾ نبين، صديقن ۽ شهيدن سان گڏ هوندا “
شاه ڀٽائي جو هي شعر پڻ رهنمائي ڪرڻ لڳو
هيس هندورن ۾ ، پيم ڪان پروڙ،
مڻئي سندي مامري، ڪوجھي وڌيس ڪوڙ،
سامهان ٿيم سور ، وِيو وِلٽي وَلهو.
پوءِ مون اها پگھار موٽائي ڏني ۽ پنهنجي حساب کي صحيح ڪرائي سڪون حاصل ڪيو ۽ آئيندهه لاءِ مون پنهنجي شيطان کي ان مامري ۾ به تنگ نه ڪرڻ جي تنبيهه ڪري ڇڏي آهي ...
”مونلاءِ منهنجي محنت ۽ رازق جي رضا سان حاصل ڪيل رزق ئي ڪافي ۽ پورو آهي “
اهڙي قسم جا ڪيئي حادثا انسان جي زندگي ۾ واقع ٿين ٿا، جي کيس کليل امتحان ۾ وجھيو ڇڏين ... آءُ به ڪئي امتحانن مان گذرندو رهيو آهيان ... سچ ۽ ڪوڙ، خئير ۽ شر، عدل ۽ ظلم جا ڪيئي مقابله ٿيندا رهيا ... آهستي آهستي مون پنهنجي اندر جي شر کي امڪاني حد تائين خئير ۾ بدلائڻ جي مسلسل همٿ ڪندو رهيو آهيان ...
” خلقڻهار جي شڪرگذاري واري هٿيار سان شيطان جو مقابلو ڪرڻ آسان ۽ ڪارائتو آهي “
اسين سڀ پنهنجي اندر جي انسان کي مضبوط ٺاهي، شيطاني طاقتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھونٿا ... شرط آهي ارادي جي مضبوطي ۽ پنهنجي هر عمل کي خئير ۽ شر جي ڪسوٽيءَ تي پرکي ڪيو وڃي ...
” همٿ مردان، مدد خدا “