• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهد آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
جيو نيوز ۽ ڪرڪ انفو ويب سائيٽ جي مطابق پاڪستان جي آل رائونڊر ۽ ورلڊ ڪپ توڙي ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان جي ڪپتان شاهد آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، تازو ويسٽ انڊيز جي دوري دوران آخري ون ڊي ۾ ٽيم جي ڪوچ وقار يونس سان سندس ڪجهه ڳالهين جي اختلاف سبب ڪرڪيٽ بورڊ کيس ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني تان هٽائي ڇڏيو هو۔۔۔

247485_123411334408798_100002197970433_186338_8197413_n.jpg
 
جواب: شاهد آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

چڱو ٿيوڙٽائر ٿيو
 
جواب: شاهد آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

توڙي جو آفريدي جي بئٽنگ تي ڪڏنهن به ڀروسو نه پئي ڪري سگهياسين پر هو هڪ سٺو ۽ ايماندار ڪئپٽن هو۔ ۽ اهڙن ماڻهن وٽ هن ملڪ ۾ وقت ٿورو ئي هوندو آهي۔
 
جواب: شاهد آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

آفريدي جي بئٽنگ تي اعتبار واري ڪانه هئي پر هو هڪ بهترين بالر، بهترين فيلڊر سان گڏ تمام جارحآنه بئٽسمين پڻ هو۔ ان کان وڌيڪ هو هڪ فائٽر پليئر ۽ سٺو ڪپتان به هو۔ انهن سڀني کان وڌيڪ هو با اعتماد ۽ صاف سٿرو رانديگر رهيو آهي جنهن جو ڪردار ميچ فڪسنگ وارو ناهي رهيو۔
 
جواب: شاهد آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

خبر ته ڏک واري آهي پر ڇا ڪجي ريٽائر ته پنهنجي مرضي مطابق ٿيو آهي

سدائين گڏ
 
Back
Top