26 مئي 2011ع جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ غلام محمد ميرجت جو خط بعنوان ”سهڻي ڪير هئي؟“ ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن پڇيو آهي ته سهڻي اصل ڪٿي جي هئي؟ (سنڌ يا پنجاب جي؟) ان حوالي سان آئون اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته، سهڻي اصل سنڌ ڄائي سنڌي هئي، ذات جي ”ساميٽيو“ هئي، سندس والد جو نالو ”جرڪت ساميٽيو“ هو. ميهار جو نالو ”ساهڙ“ ۽ ذات جو ”نڱامڙو“ هو. ساهڙ جي پيءُ جو نالو ”ڄام گهنور“ هو. نڱامڙن ڄامن جي ڪيٽي بندر کان ميرپور ساڪري تائين حڪومت هئي. ڏم ذات جو ”واهوچو“ هو. سهڻي نه گجرات (پنجاب) جي هئي ۽ نه ئي سندس پيءُ جو نالو ”تلاءُ ڪنڀر“ هو، نه ئي ڪو ميهار بخارا جو عزت بيگ هو. سنڌ ۾ اڄ به اهي مٿيون ذاتيون ساميٽيا، نڱامڙا ۽ واهوچا موجود آهن. لطيف سائينءَ ڪنهن به ڌارئي عشقيه داستان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو ناهي. لطيف جي شاعريءَ ۾ آيل ماڳ مڪان، وڻ ٻُوٽا، دريا وغيره جو تعلق سنڌ سان آهي، نه ڪي پنجاب سان. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به چناب، راوي ندين جو ذڪر ٿيل ناهي. مهراڻ، لوهاڻو ڍورو، پٽيهل سنڌ ۾ آهن. ”سهڻي- ميهار“ جون قبرون سنڌ (شهدادپور) ۾ آهن. سهڻيءَ جي قبر شهدادپور جي ڀرسان، سهڻيءَ جي مقام ۾ آهي. سهڻيءَ جو مقبرو نوابشاهه جي اڳوڻي ڪليڪٽر حامد علي ٺهرايو هو. ميهار جي قبر شهدادپور شهر ۾ سيد الله اوڀائي شاهه جي پاڙي ۾ آهي. اهي سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته سهڻي سنڌياڻي هئي. شاهه لطيف جي سورمي سهڻيءَ جو پنجاب سان ڪو تعلق ناهي. باقي اسان جا ڪجهه محقق ٻاهران آيل لٽيرن کي هيرو ۽ سنڌ جي هيروز کي ڌاڙيل، سرڪش، بلوچ کي سماٽ ته وري سماٽ کي بلوچ لکن ٿا، ۽ حد ته اها آهي ته ناتر کي ”ايرانڻ“ لکيو اٿن! رمضان ”دلدار“ چڍڙ/ماتلي