دوستن جي سوال جي جواب ۾ وضاحت
ادا دوستن کي گذارش آهي ته هي منهنجي فيس بڪ تي به ڪي بورڊ لي آئوٽ رکيل آهي ۽ ٻيو ته جيڪو ڪي بورڊ لي آئوٽ اڳ ۾ دوستن ڊزائن ڪيو هو ان جا 3 حصا هئا يعني اهو 3 حصن تي مشتمل هو جنهن کي پرنٽ ڪرڻ يا آن لائين ڏسڻ ۽ سمجهڻ به ڪافي مشڪل هو ۽ ان هو استعمال نارمل، شفٽ ۽ الٽ ڪنٽرول يعني ٽن موڊن تي رکيل آهي۔
پر الحمد الله هي واحد ڪي بورڊ ڊزائين لي آئوٽ آهي جيڪو مون پنهنجي محنت ۽ اوهان دوستن جي دعائن سان ٺاهيو آهي۔ هن جو استعال نهايت ئي آسان آهي۔ ته هن کي نارمل ۽ شفٽ بٽڻ ذريعي هلائي سگهجي ٿو۔ جيڪو هڪ بلڪل ئي آسان طريقو آهي۔ البته دوستن کي مسئلو درپيش هجي ته مون سان ضرور رابطي ۾ اچن۔
۽ ٻيو دوستن پڇيو ته هن جو بيڪ اپ ڪيئن وٺجي۔
ته نهايت ئي آسان طريقو دوستو اوهان هن ڪي بورڊ کي اگر هن فورم تان ئي ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا يا پرنٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته سمجهي وٺو هن ڪي بورڊ تي ڪلڪ ڪرڻ سان اهو الڳ ونڊو ۾ کلي ويندو جتان فائيل ۾ وڃي ڪري اوهان هن کي اي فور يا ليگل پيج تي پرنٽ ڪري سگهو ٿا ۽ اگر هن کي اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سيو ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪيبورڊ لي آئوٽ پڪچر جي مٿان سيو ايز اميج تي ڪلڪ ڪري هن ڪي بورڊ کي اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سيو ڪيو۔
الله حافظ