/ هاڻي ڪهڙو ڀئُـــه/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

'ڪهاڻيون' فورم ۾ زاهد ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2011۔

  1. زاهد ميراڻي

    زاهد ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، ويب انجنيئر، شارٽ اسٽوري رائٽر، سياستڪار
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين ڳورپٽ سرڪار عوامي مهم تي نڪتل هو، سندس ناني ويڙهي جو خيال هو ته عوام جي تمام گهڻي خدمت ڪري چڪا آهيون، بهتر ٿيندو ته سندن سُکَ ۽ آسائشون اکين سان ڏسجن، تنهن لاءِ هڪ طوفاني عوامي مهم تي نڪرجي، هو عوامي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو،
    سائين ڳورپٽ سرڪار چئي رهيو هو، ” منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرو جيئي عوام ۽ جيئي جمهوريت“،
    ” اڄ اوهان جنهن جوش ۽ جذبي سان هن جلسي ۾ شريڪ ٿيا آهيو، اِهو بي مثال آهي، اِها اوهان جي ووٽ جي طاقت ئي آهي جنهن ثابت ڪيو آهي ته اسان جهڙا به حڪمران ٿي سگهن ٿا“،
    مجموعي جي آخر مان هڪ نٻل ۽ ڪمزور انسان، جيڪو بک، بيماريءَ، غربت ۽ بيوسيءَ جي زنده تصوير هو، بدن تي ميرا ڪپڙا ۽ مٿي تي ڦاٽل ٽوپي پاتل همراه سائين ڳورپٽ سرڪار طرف وڌڻ شروع ڪيو
    سائين ڳورپٽ سرڪار جي تقرير دوران هڪ دٻيل آواز آيو، ” هي تقرير ڪير آهي؟“،
    کيس جواب مليو، ” هي سائين ڳور پٽ سرڪار آهي، ساوڙيءَ وارو“، سائين ڳورپٽ سرڪار طرف ايندڙ همراهه اچي سندن پويان پهتو هو،
    سائين ڳورپٽ سرڪار تقرير جاري رکي، ” اسان اوهان کي ووٽ جي عيوض جمهوريت جو لاثاني تحفو ڏنو آهي، هاڻي ڪوبه آمر اوهان کان ووٽ جو حق کسي نه سگهندو ۽ اسان کي حڪمران ٿيڻ کان روڪي نه سگهندو، جو اوهان گگدامن جي لاءِ اسان کان بهتر ڪو به حڪمران ٿي ئي نه ٿو سگهي“،
    مجموعي مان وري ڪنهن چيو، ” اِها جمهوريت ڇا آهي؟“،
    کيس جواب مليو، ” سائين ڳورپٽ سرڪار کي سنڌ جو حاڪم بنائڻ معنى جمهوريت آهي!“،
    سائين ڳورپٽ سرڪار طرف وڌندڙ نحيف شخص مسلسل انبوهه چيريندو اڳتي وڌي رهيو هو،
    سائين ڳورپٽ سرڪار تقرير جاري رکي، ” اسان حڪومت ۾ اچي اوهان کي نوڪريون ڏنيو، امن ڏنو، روزگار ڏنو، پڪا روڊ رستا ڏنا، هڪ نئين زندگي ڏني ۽ روٽي، ڪپڙا اور مڪان ڏنو، اسان جي حڪومت ڏينهن رات عوام جي خدمت پئي ڪري“،
    هو وڌندو، وڌندو هاڻي اچي سائين ڳورپٽ سرڪار جي سامهو پهتو هو ۽ سائين ڳورپٽ سرڪار تقرير ڪري رهيو هو، ” اوهان جي ووٽ سان ايندڙ حڪومت به اسان جي ٿيندي ۽ پوءِ اسان وري اوهان جي خدمت ڪنداسين“، سائين ڳورپٽ سرڪار تقرير ڪري ئي رهيو هو ته اڳتي وڌي ايندڙ نحيف شخص اوچتو هڪ وڏي رڙ ڪئي ۽ چيو، ” تون اسان کي ٽيهن سالن کان غلامي ۽ موت ڏنو آهي، ٻيو ڪجهه به نه“،
    سندس جي اهڙي بيباڪ اظهار تي خاموشي ڇائنجي وئي، هن چيو، ” توهان اسان کي سواءِ بدترين غلاميءَ ۽ موت جي ٻيو ڪجهه به نه ڏنو آهي، سنڌين کي آئيني غلام بنائڻ وارا توهانن اسان جي ٻچن کان ٻن وقتن جي روٽي به کسي ورتي آهي، اسان جي ڌرتي کسي ڌارين کي ڏني آهي، سنڌ جا شهر حريفتي مڪڙن ۽ خرڪار جي حوالي ڪيا آهن، سامونڊي علائقا ۽ بندر غيرن، پرمارن، پرڏيهين ۽ ڌارين کي ڏنا آهن، اسان جي تيل ۽ گيس جا ڪوهه منافقن کي ڏنا آهن، اسان جي شهرن جون زمينون خرڪارن کي ڏنيون آهن، اسان جي ٻچن کي نوڪريو لکن عيوض ڏنيون آهن، اسان کي مهانگائي، بک، بيماري ۽ بيروزگاري ڏني آهي، تون سنڌين جي ووٽن سان حڪمران ٿيڻ بعد سنڌين جو اقتدارِ اعلـى ڌارين جي حوالي ڪيو آهي، توهان گذريل ٽيهن سالن کان اسان کي سواءِ موت ۽ غلاميءَ جي ڪجهه به نه ڏنو آهي“،
    ايتري ۾ ڪجهه سرڪاري ڇاڙتن کيس اچي ٻنهي ٻانهن کان جهلي زمين کان ئي مٿي کـنيو، سائين ڳورپٽ سرڪار کائنس پڇيو، ” اڙي بابا، تو ڪير آهي؟“،
    نٻل ۽ ڪمزور انسان چيس، ” مان سنڌي آهيان ۽ منهنجي ووٽن سان ئي اڄ تون سنڌ جو حاڪم آهين، توکان پڇا ڪرڻ منهنجو حق آهي، ته تون منهنجي سر زمين ۽ قوم جي ڪهڙي حفاظت ڪئي آهي“،
    ايتري ۾ مجموعي مان ڪجهه ماڻهو اٿا جن چيو، ”اڙي جي ته گگدام آهي جنهن هميشه سچ چيو آهي، گگدام ته هميشه سنڌ دشمنن سان سينو ساهيو آهي، هن ته اسان کي همٿ ڏني آهي، اسان کي زبان ڏني آهي، ماڻهن جي اٿيل هجوم هڪ اڀ ڏاريندڙ نعرو هنيو، ” جيئي سنڌ “، ۽ گگدام کي سرڪاري ڇاڙتن کان ڇڏائي ورتو، ٻيئي پل ۾ خبر ئي نه پيئي ته اسٽيج طرف پادرن جو وڏ پڙو وسي پيو ۽ سائين ڳورپٽ سرڪار گولي ٿي ويو،
    مجموعي مان ڪنهن چيو، “ هاڻي ڀئه ڇا، جو؟، انهيءَ ڀئَه ته ماريا آهيون، نه ته سائين ڳورپٽ سرڪار ڪير ٿيندو آهي“،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو