/ دهشت دمُ ڪراچي/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

'ڪهاڻيون' فورم ۾ زاهد ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2011۔

  1. زاهد ميراڻي

    زاهد ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، ويب انجنيئر، شارٽ اسٽوري رائٽر، سياستڪار
    ماڳ:
    ڪراچي
    اڄ 12 مئي آهي، هڪ چينل دستاويزي فلم پيئي ڏيکاري جنهن ۾ فقط لاش هئا، گاڏين ۾ پيل لاش، گاڏين کان ٻاهر پيل لاش، فوٽ پاٿن ۽ باغيچن ۾ پيل لاش، ۽ رپورٽ ۾ چيو پيئي ويو، ” اڄ 12 مئي 2011 آهي ۽ هي قتل عام 12 مئي 2007ع جي انهيءَ اڀاڳي ڏينهن جو آهي جڏهن چيسف جسٽس آف پاڪستان سنڌ جي تخت گاهه ڪراچي اچي رهيو هو ۽ تنهن دور جي آمر فوجي حڪمران جنرل مشرف جي حمائتي جماعت ايم ڪيو ايم جي دهشت گردن کيس شهر اچڻ نه ڏنو ۽ ائرپورٽ کان وٺي شهر جي مرڪزي علائقي تائين دهشت جي بازار گرم ڪري سوين بيگاهه ماڻهن جو قتل ڪيو ۽ هزارن کي زخمي ڪيو“،
    ايم ڪيو ايم جي اهڙي دهشت گردي سمورن ٽي وي چينلز ڪيئي ڪلاڪن تائين لائيو ڏيکاري“،
    مون، دلي جان ۽ اعظم ڪانڌڙي ويٺي رپورٽ ڏٺي،
    دلي جان چيو، ” گگدام سائين، اهو سانحو 12 مئي 2007 جو آهي، پر اسان سنڌين سان ته اهڙن سانحن جي شروعات 1947ع کان ئي ٿي هئي، جڏهن انهن پناه گيرن جي ابن ڏاڏن ڪراچيءَ ۾ رهندڙ لکين سنڌي ڪٽمبن خلاف دهشت گردي ڪري انهن کي زبردستي شهر خالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ ايندڙ ٽيهن سالن تائين سنڌين جي لاءِ ڪراچيءَ جا رستا بند ڪيا ويا، انهن کي سپر هاءِ وي تي شناختي ڪارڊ ڏسي موچڙا هڻي واپس ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو هو “سنڌ، پيڇي هي“، سنڌين کي ڪراچيءَ جي ڪينٽ ۽ سٽي اسٽيشن تي مارڪٽ ڪري واپس اماڻيو ويندو هو“،
    دلي جان چيو، ” ڇا؟ تاريخ اها دهشت گردي وساري سگهي ٿي، 12 مئي جو واقعو ته هڪ ننڍڙو واقعو آهي“،
    چيومانس، ” دلي جان، اسان جا ماڻهو ذاتي طور تي تمام گهڻا غيرت مند آهن، پر افسوس جو قومي طور تي ٺپ بيغرت آهن، جو انهن کي اهڙا واقعا ياد ئي نه رهندا آهن، اسان جي سنڌين جي بدقسمتي آهي جو اسان جو قومي سوال به هاڻي جمهوريت پسند سياستدان ۽ انسان دوستن ۽ سماج سڌارڪن پنهنجن هٿن ۾ کنيو آهي“،
    دلي جان پڇيو، ” گگدام سائين اوهان جو ڇا؟ مقصد آهي“،
    چيومانس، ” منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته اسان سنڌين کي اسان جي قومي سوال واري سياست ڪندڙ قومي سياستدان گهرجي، سنڌي قومي سياستدان، نه ڪي جمهوري ٻمهوري، ڪوڙا ترقي پسند، انقلابي ۽ پت خور قومپرست”،
    دلي جان چيو، ” ان جو مقصد ته اسان جي هيل تائين جي تباهين جا ذميوار اسان جا سياستدان آهن، جو اسان جي لکين ماڻهن جي عملي سياسي جدوجهد جو ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري“،
    دلي جان کي چيم، ” حالتون ۽ تاريخ تي اهو ٿيون ٻڌائين، اڳتي ڏسجي ته ڇا؟ ٿو ٿئي“،
    دلي جان کي چيم، ” سنڌين کي هڪ باوقار قوم ٿيڻ جي لاءِ اڃان ڪيترين ئي تاريخي ذلتن ۽ عذابن مان گذرڻو پوندو، باقي ڪراچي اسان سنڌين جي لاءِ دهشت دم ڪراچي آهي جنهن کي اڪرڻو پوندو ۽ ان ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهيو“،
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: / دهشت دمُ ڪراچي/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    سڀ ڳالهيون سچ بيان ٿيل آهن۔

    زاهد پنهنجي ننڍڙين ڪهاڻين ۽ ننڍن لفظن ۾ وڏيون ڳالهيون ڪندو آهي پر اسان ته سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي۔ اسان پنهنجا قدر، پنهنجا آدرش وساري ويٺا آهيون۔ موهن جي دڙي جي سڌريل قوم اڄ غلاميء مان نڪرڻ نه ٿي چاهي۔ سياستدانن مان اميدون ختم ٿي چڪيون آهن، بيوروڪريٽس مان اميدون رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ وانگر آهي۔

    ڏسون ته ڪڏهن ٿا اسان پنهنجي سوچن کي پاڻ تي هاوي ٿيڻ ڏيون ۽ پوء ڪا اميد پيدا ٿي پوي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو