کوچري اڄ هڪ عجيب خبر آندي آهي، هو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اسان جي لاءِ ڄڻ ته مارڪ ٽيلي ٿي پيو آهي، سرائي قربان ۽ سندس ساٿين جي رياستي قاتلن هٿان سندن گاڏيءَ مٿان شديد فائرنگ بعد ڪيميڪل هاري ساڙڻ واري سانحي کان وٺي ڪراچيءَ ۾ حريفتي مڪڙن هٿان سنڌين جي قتل جون خبرون آڻيندو رهيو آهي، هاڻوڪي خبر ۾ سندس چوڻ آهي، ” سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ حريفتي مڪڙن پنهنجي ڪاسائي خاني جون شاخون کوليون آهن، جتي سنڌي ڪاسائي مقرر ڪيا اٿن“، مون کي، دلي جان ۽ اعظم ڪانڌڙي کي اها ڳالهه بلڪل سمجهه ۾ نه آئي پر منهنجي پياري دوست ننگر ٺٽي کي اهڙي خبر تي ڪابه حيرت نه ٿي هو پر سڪون هو، ڄڻ کيس معلوم هجي ته معاملو جيئن هن کي خبر هئي ائين ئي ٿي رهيو آهي، ننگر ٺٽو منهنجو پيارو دوست آهي، سندس سان منهنجي دوستي ائين سمجهو جيئن مڪليءَ جي قبرستان جي ٺٽي سان، جيئن سيد جي سنڌ سان، جيئن گهاتن جي سمنڊ سان، جيئن لاکي جي ڪڇ سان، جيئن روپلي جي ڪارونجهر سان، جيئن سنڌين جي ڪراچيءَ سان، ننگر ٺٽو سنڌ جو تاريخ دان آهي ۽ سندس سينو سنڌ جي تاريخ جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ آهي، کيس عرض ڪيم، ” ننگر سائين، اوهان کي کوچري جي خبر تي ڪا حيرت نه ٿي ته اڄ اسان جا قاتل اسان جي شهرن ۾ پهچي چڪا آهن ۽ انهن جا حمائتي وري اسان جا پنهنجا سنڌي آهن“، ننگر ٺٽي چيو، ” گگدام سائين تو به زماني جو ماڻهو آهين، توکي به ڀليءَ ڀَتِ ڄاڻ آهي ته جڏهن قومون جو زوال ايندو آهي ته انهن جي سياست انهن جي هٿن مان کسي ويندي آهي ۽ جڏهن قومن کي غلام بنايو ويندو آهي ته انهن جي تعليم انهن کان کسي ويندي آهي“، ننگر ٺٽي چيو، ” اڄ کان پنجاهه سال اڳ حريفتي مڪڙن اسان جي ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل سنڌ يونيورسٽي سازشون ڪري حيدرآباد منتقل ڪرائي ۽ ڪراچيءَ واري سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جو نالو ڏنو ويو، اڄ ان يونيورسٽيءَ ۾ چاليهه هزار شاگرد پڙهن ٿا ۽ سنڌي شاگرن جو انگ چاليهه به ناهي، هو اسان جي تعليم ته پنجاهه سال اڳ کسي چڪا هئا، جيڪڏهن سنڌي يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ هجي ها ته ڪراچيءَ جو نقشو ڪجهه ٻيو هجي ها جو پنجاهه سال اڳ سنڌي ماڻهن جو ڪراچيءَ سان رشتو قائم ٿي چڪو هجي ها، جيڪو حريفتي مڪڙن نه ٿي چاهيو“، ” رهيو سوال سياست جو ته سياست شروع ڏينهن کان سنڌين جي هٿ ۾ رهي ئي نه آهي، 1947ع کان پوءِ 1970 ع تائين ته سنڌين کي اها به خبر نه هوندي هئي ته سنڌ جو وڏو وزير ڪير آهي، 1970ع کان پوءِ جڏهن سنڌين کي خبر پيئي ته سياست ذريعي ملڪ جو اقتدار حاصل ٿيندو آهي ۽ حڪمرانيءَ جو حق ملندو آهي ته کين جمهوريت جي ماکي ڇٽائي ويئي ۽ ٽيهن سالن تائين سنڌي جمهوريت جي ماکي ڇٽيندا رهيا کين هاڻي وڃي خبر پيئي آهي ته اها زهريلي آهي“، ” هر دور ۾ آمرن جو ساٿ ڏيندڙ حريفتي مڪڙ هاڻي سنڌين جي ڪلهن تي بندوق رکي سنڌين جي ئي سيني ۾ گولي هڻڻ ٿا چاهين، هو سنڌين کي هميشه غلام بنائڻ جي لاءِ سندن جي سياست تي قبضو ڪرڻ گهرن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو هاڻي لاڙڪاڻي تائين پهتا آهن“، ننگر ٺٽي جي ڳالهه مون کي سورنهن آنا دل سان لڳي ۽ کيس پنهنجي الڪي کان آگاهه ڪيم، چيم، ” انهيءَ سان اسان کي ڪنهن وڏي نقصان جو انديشو“، چيائين ،” جيڪڏهن سڄو لاڙڪاڻو حريفتي مڪڙن جو حمايتي ٿي وڃي، جيڪڏهن ائين ٿي سگهي ته؟“، چيومانس، ” نه سائين ائين ممڪن ناهي، لاڙڪاڻي جا ماڻهو ٻڌي اگهه تي بيغرت نٿا ٿي سگهن، جو انهن جي رڳن ۾ صدين کان سنڌوءَ جو پاڻي پرٽيل آهي، لاڙڪاڻي ۾ عاقل پتڻ تي صديون اڳ لاڙڪاڻي جي ميربحرن، سولنگين، ابڙن، کهڙن، ڪورين، چنن سڪندر اعظم جي فوجين کي ٿڪائي ٿڪائي ماريو هو، لاڙڪاڻي ۾ ڪلهوڙن جي دور جو عظيم جرنيل سنڌ جي دشمنن سان وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ دفن ٿيو، لاڙڪاڻي جي ماڻهن صديون اڳ ارغونن، ترخانن، افغانين ۽ پٺاڻن جي لوڌن سان جنگيون ڪيو آهن، ائين ممڪن ناهي ته تاريخ جي هن دور ۾ لاڙڪاڻي جا ماڻهو بيغرت ٿي وڃن، اها ڳالهه مون کي دل سان نه ٿي لڳي جو مان پاڻ گهاڙ واهه لاڙڪاڻي جو آهيان“، کوچري چيو، ” گگدام سائين، اوهان صحيح ٿا چئو حريفتي مڪڙن جي ڪاسائي خانن تي به اَڌڙ سنڌي ويٺل آهي، ڪنهن جي ماءِ سنڌياڻي آهي ته ڪنهن جو پيءَ سنڌي آهي، يا پاڻ ٿوڪو ڪنهن جاءِ جو اچي لاڙڪاڻي پهتو ۽ سنڌي ٿي ويو، بس سائين اهڙا ئي ماڻهو حريفتي مڪڙن جي ڪاسائي خانن ۾ ويٺا آهن، باقي ڪو سڄو، سچو ۽ سنڌي ماءَ جي پيٽ مان ۽ سنڌي پيءَ جي تخم مان پيدا ٿيل سنڌي ڪونه هوندو“، کوچري چيو، ” گگدام سائين ديڳ جيترا ڪڃر ته هر قوم ۾ هوندا آهن، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي“،