هاڻي ته آخري بهانو به ختم ٿي ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    لکندڙ ذيشان مهدي
    www.shiafiker.com
    ڪجهه حقيقتون، اڀرندڙ سوال ۽ غيرتمند پاڪستانين جو موقف:

    ٻلي ۽ ڪوئي واري راند ختم ٿي ويئي، آخرڪار آمريڪا پنهنجي ئي پالتو ۽ تربيت ڪيل اسامه بن لادن کي ايبٽ آباد جهڙي شهر، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ملٽري اڪيڊمي PMA ڀرسان 40 منٽن جي آپريشن ۾ ماري ڇڏيو.

    آمريڪا ۽ پاڪستان ٻنهي پنهنجا پنهنجا مفاد حاصل ڪيا، پر مجموعي طور ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي حصي ۾ رڳو رسوائي ئي آئي آهي. آمريڪا ۽ اسامه بن لادن ٻنهي پاڪستان جي اندروني خودمختاري ۽ علاقائي سلامتي جو تاراج ڪيو. ٻئي پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي دهشتگردي کي هوا ڏيندا رهيا، ٻئي پاڪستاني قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندا رهيا. اسامه بن لادن 1979ع کان 1989ع تائين آمريڪي آپريشن ”سائيڪلون“ جي اهم اڳواڻن مان هڪ اڳواڻ هيو، جنهن جو ڪم، آمريڪي امداد ذريعي افغان مجاهدن کي ”ريگن“ جي نظريي مطابق روس خلاف منظم جنگ ويڙهائڻ هيو، اسامه ان دوران پشاور ۾ رهيو، آمريڪي جديد عسڪري ٽريننگ ۽ فنڊنگ کان علاوه اسامه کي مجاهدن جو وڏو ليڊر ڄاڻايو ويو، 1988ع ۾ اسامه افغان عسڪري گروپ مڪتب الخدمت جي سرواڻي کان الڳ ٿي هڪ نئون عالمي آزاد نيٽورڪ کوليو، جنهن کي هن القاعده جي نالي سان دنيا آڏو متعارف ڪرايو، جيڪو آمريڪي خواهشن لاءِ هڪ وڏي اهميت جو حامل هو.

    القاعده ذريعي آمريڪين ٽي وڏا مقصد حاصل ڪيا:

    1. پوري دنيا جي عسڪري مزاج ماڻهن کي اسلام خاطر افغانستان ۾ گڏ ڪيو ۽ انهن جو قتل عام ڪرايو.

    2. نبي سڳوريؐ جي پاڪ اسلام جو خوبصورت چهرو بگاڙڻ لاءِ القاعده جو اسلامي نظريو دنيا آڏو متعارف ڪرايو، جيڪو دهشتگردي، ڳلا ڪٽڻ، انساني عضون کي ڪٽڻ، مسجدن، مذهبي مقامات کي تاراج ڪرڻ جهڙي ڪمن سان ڀريل هو، ۽ اها ئي آمريڪين جي دلي خواهش هئي، اهڙي ريت آمريڪا عالمي سطح تي اسلام جي تيزي سان وڌندڙ مقبوليت کي روڪڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

    3. دهشتگردي خلاف جنگ نالي حقيقي دهشتگرد آمريڪا، افغانستان ۽ عراق ۾ پنهنجي مداخلت جو موقعو فراهم ڪيو، تاڪي مسلمان امت جي دلين ۾ هڪ نئون ناسور پيدا ڪيو وڃي، ۽ آمريڪا کي هن اسلامي خطي مٿان مسلط ڪرڻ جو ٻج پوکجي سگھي، اهڙيءَ ريت آمريڪا پنهنجي فوج کي نائن اليون کان پوءِ افغانستان آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

    آگسٽ 1990ع ۾ اسامه سعودي بادشاهه ڪنگ فهد ۽ سعودي دفاعي وزير سان ملاقات ۾ مطالبو ڪيو ته عراق ۾ صدام سان جنگ لاءِ آمريڪا کي نه گھرايو وڃي، بلڪي اسان جا ويڙهاڪ صدام سان جنگ لاءِ تيار آهن، پر آمريڪي دٻاءَ ۾ سعودي حڪمران ان ڪم لاءِ تيار نه ٿيا، هي اهو مرحلو هو جڏهن سعودي حڪمرانن ۽ اسامه درميان دوريون وڌڻ شروع ٿيون، پر آمريڪي مفاد کي پنهنجي پڄاڻي تي پهچائڻ وارو سفر جاري رهيو، ان سفر ۾ سڀ کان اهم مقصد ايٽمي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ هو، جنهن لاءِ القاعده، پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ائين پاڪستاني فوج، مختلف ادارن ۽ اهم شخصيتن کي نشانو بڻايو ويو، پاڪستان کي ڪمزور کان ڪمزورتر ڪيو ويو، ان مرحلي تي سعودي سان اتحاد نه هجڻ اسامه کي يورپي دنيا تي حملن طرف متوجه ڪيو، پر ڪنهن حد تائين سعودي تائيد ۽ آشيرباد اسامه جي شامل حال پڻ رهي، انهي ڪري نائن اليون جي واقعن کان وٺي افغانستان ۾ ٿيل مختلف دهشتگردي جي واقعن ۾ اگر ڏٺو وڃي ته سعودي باشندن جي وڏي تعداد نظر ايندي، سعودي عرب جي اها خواهش هئي ته هو جهادي عنصرن کي (جيڪي اسلام کي نافذ ڪرڻ واري نعرن جي بنياد تي سعودي عرب ۾ بغاوت ڪري سگھن پيا) سعودي عرب کان ٻاهر هڪ مستقل جنگي ميدان فراهم ڪن تاڪي سعودي عرب ۾ ڪنهن هنگامي بجائي ڪنهن ٻئي ملڪ يا خطي کي جنگ جو مرڪز بڻائن ۽ سعودي عرب مان نڪري وڃن. ان ڪري سعودي عرب مختلف ڪوششون ڪيون ته جيئن افغانستان ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جاري رهي، ان سلسلي ۾ دهشتگردن کي سعودي رقم ۽ اسلحي جي سپلائي هڪ وڏي شاهدي ۽ ثابتي آهي. هڪ رپورٽ مطابق صرف افغانستان ۽ ملحقه علائقن ۾ سعودي عرب جي مالي معاونت سان ڪم ڪندڙ مدرسن جي تعداد 10 هزار هئي، ٻيا افراد ۽ ٻين تنظيمن جو معاملو جدا آهي.

    ايبٽ آباد ۾ ٿيندڙ ريڊ جنهن ڪيئي سوال اڀاريا آهن، ڪيئي ڳالهيون پڻ ثابت ڪيون اٿس، پهرين ڳالهه ته آمريڪا لاءِ دشمني ۽ دوستي کان وڌيڪ پنهنجا مفاد ۽ مقصد اهم آهن، ۽ اهو اسامه جيڪو آمريڪا جو پيارو ۽ اکين جو ٺار هو، ڪالهه آمريڪا جي گھربل ماڻهن جي هٽ لسٽ ۾ پهرين نمبر تي هو، انهن جي هٿان ئي اسامه پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، عراقي صدام، ايراني شاهه، تيونسي بن علي، مصري حسني مبارڪ، يمني علي عبدالله صالح، به ڪنهن دور ۾ آمريڪا جا بهترين اتحادي هئا، پر جڏهن ڏکيو وقت آيو ته سندن جو ساٿ سڀ کان پهريان آمريڪا ئي ڇڏي ڏنو. ايراني صدر محمود احمدي نزاد سچ چيو آهي ته اڄ آمريڪا جي بهترين دوستن ڪويتي اميرن، سعودي بادشاهن ۽ وغيره کي خبر هئڻ کپي ته آمريڪا ضرورت وقت انهن سان ساڳو ئي سلوڪ ڪندو جيڪو پنهنجي سابقا اتحادين سان ڪيو اٿس. ٻئين ڳالهه ايبٽ آباد واقعي جي وقت جي اهميت آهي، آمريڪا پاڻ اعتراف ڪيو ته هو گھٽ ۾ گھٽ ٻن سالن کان اسامه جي چُر پُر جي جاسوسي ڪري رهيا هئا، جڏهن ته اسامه جي هاڻوڪي لوڪيشن پاڪستاني ڳجهي ادارن لاءِ پڻ سواليا نشان بڻيل هئي، اهو ناممڪن آهي ته پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي اندروني چيڪ پوسٽ کان 500 گز جي فاصلي تي اسان جا ڳجها ادارا ان گھر جي رهاڪن کان اڻڄاڻ هجن! وقت جو انتخاب آمريڪا ڪيو، ۽ اگر اعلى سطحي ملاقات ۾ آمريڪين، ان آپريشن جو ذڪر به ڪيو هجي ها ته پاڪستاني حڪمران انڪار نه ڪري سگھيا هوندا. ان آپريشن جي لاجسٽڪس جي ضروري ڊيٽا پاڪستاني فوج پوري ڪري آمريڪا حوالي ڪئي، جڏهن ته براهه راست آپريشن آمريڪي اهلڪارن ڪئي، هندوستان سميت آمريڪي ۽ يورپي ميڊيا ان انتهائي حساس ۽ فوجي ڪنٽرول واري علائقي ۾ اسامه جي موجودگي تي هنگامو برپا ڪري پاڪستاني ڳجهي ادارن جي اِن ٻٽي پاليسي جو پول کولي ڇڏيو.

    الجمعه ميگزين پڻ گھڻا ئي ڀيرا دهشتگردي خلاف هڪ ئي پاڪستاني پاليسي تي زور ڏيندي ملڪ ۾ دهشتگردي جي ڦيلاءُ جي هڪ اهم دليل قرار ڏيندي چيو ته اسان جا ادارا طالبان ۽ القاعده جا دشمن آهن پر مختلف جڳهن تي انهن جي مدد ۽ سرپرستي پڻ ڪري رهيا آهن. ايبٽ آباد واقعي واري وقت جي اهميت آمريڪا ۽ ان جي اتحادين لاءِ تمام گھڻي آهي. آمريڪي صدر نئين اليڪشن جي اميدوار طور سامهون اچي چڪو آهي، هن مئي کان پنهنجي ڪمپين هلائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اسامه جي موت آمريڪي صدر جي ڪرندڙ ساک کي هڪ طاقتور سهارو ڏيئي سگھي ٿي، هي اهو ئي وقت آهي جنهن جو انتخاب پاڻ آمريڪي صدر ڪيو، ياد رهي ته سينيٽر جان ڪيري پڻ پنهنجي تقرير دوران ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو هو، ٻئي طرف سعودي عرب جي عوام ظالم حڪمرانن خلاف آواز اٿاري رهي آهي، يمن ۽ بحرين ۾ ناڪامي ڪري سعودي فوج جي طاقت ۽ سعودي حڪمرانن جي گرفت ڪمزور ٿي رهي آهي، اهڙي حالت ۾ اگر القاعده گروپ جو اهو حصو جيڪو اسامه سان مربوط ۽ بي دين ۽ سيڪيولر سعودي بادشاهن کي مٽائي، پنهنجي فڪر مطابق نظام آڻڻ لاءِ اُٿن ته سعودي عرب جي مشڪلات ۾ اڃان به گھڻو به اضافو ٿي وڃي ها، اسامه جي موت سعودي بادشاهن لاءِ ان ڪري بروقت ۽ ضروري هئي. ۽ هي آمريڪا ۽ سعودي عرب جي ڳٺ جوڙ هجڻ جي هڪ اهم مثال پڻ آهي. اسامه جي موت جيڪي سوال اڀاريا آهن انهن کي هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:

    1. ڇا اسانجون سيڪيورٽي فورسز طالبان ۽ القاعده جي سرپرستي ڪري رهيون آهن؟ يا وري گھٽ ۾ گھٽ انهن جي ڪجهه گروپن جي مدد ڪري رهيون آهن، هي ٻٽي پاليسي گھڻن گروپن ۽ ڪهڙن شخصيتن ۽ ڪهڙن علائقن ۾ عملي طور تي جاري آهي.

    2. اسامه کان علاوه ٻيا ڪهڙا اهم ۽ ڪيترا القاعده ۽ طالبان جا ليڊر پاڪستان جي مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ قبائلي علائقن ۾رهن پيا، اهي اتي ڇا ڪري رهيا آهن؟

    3. آمريڪي پاڪستان ۾ ڪيتري حد تائين با اختيار آهن؟ ان کان علاوه بلوچستان جي نئين قونصل خاني جا ڪهڙا مقصد آهن. ڇا پاڪستان ۾ آمريڪين کي محدود ڪرڻ لاءِ اقدام ممڪن آهن؟

    4. سعودي عرب ، پاڪستان ۾ دهشتگرد گروپن جي سرپرستي ڪهڙي ريت ڪري رهيو آهي، ۽ ڪٿي ڪٿي ڪري رهيو آهي، ڇا پاڪستان جي سرزمين کي غير ملڪ اهڙي ئي ريت استعمال ڪندا رهندا؟

    اسان جو مؤقف:

    ايبٽ آباد ۾ ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ ايران، وينزويلا ۽ پاڪستان ۾ عمران خان چيو آهي ته هاڻ ان خطي ۾ آمريڪي قيام جو آخري بهانو ختم ٿي چڪو آهي، ان ڪري آمريڪا کي کپي ته هن خطي مان هليو وڃي. اسان جو به اهو ئي موقف آهي ته خطي ۾ ٿيندڙ هر دهشتگردي آمريڪا ۽ سندس ئي پالتن جي اشاري تي ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سعودي عرب هڪ وڏو نالو آهي. آمريڪا جو هن خطي مان هليو وڃڻ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انتهائي ضروري آهي. القاعده ۽ آمريڪا ٻئي پاڪستان جي اقتدارلاءِ خطرو ۽ ان جي سلامتي لاءِ چيلينج آهن. اسان ٻنهن جي مذمت ٿا ڪريون ۽ ٻئي هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن. پاڪ سرزمين کي هرطرح جي ٻاهرين مداخلت کان پاڪ ڪرڻ ضروري آهي، هر آمريڪي پالتو جو انجام اسامه ۽ صدام جهڙو هوندو، انهن کان مختلف ڪونه ٿيندو، ان ڪري جلدي سان آمريڪي اتحاد کان جدا ٿي آزاد ۽ سربلند پاڪستان لاءِ ڪم ڪيون، پاڪستاني حڪمرانن کي هي ديوار تي لکيل ليک پڙهڻ گھرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو