آمريڪا جو هڪ ٻيو اسامه بن لادن

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    لکندڙ ذيشان مهدي
    www.shiafiker.com

    سچ ته اهو آهي ته آمريڪا دهشتگردي جو مخالف آهي ئي نه، بلڪي بين الاقوامي سياست ۾ گھڻن ئي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ لوئيس پوساڊا ۽ عبدالحڪيم حاسدي جهڙي هزارين دهشتگردن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. اگر اوهان آمريڪا جا ساٿي بڻجو ٿا ته ٺيڪ ورنه اوهان دهشتگرد آهيو. اڄ ڪلهه آمريڪا، افغان طالبان کي به ان رستي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، آمريڪا چاهي ٿو ته طالبان سان مذاڪرات ذريعي پنهنجو دوست بڻائي ۽ پوءِ ان دوستيءَ کي خطي ۾ پنهنجي دشمنن خلاف استعمال ڪري. پوري تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسو جڏهن کان آمريڪا افغانستان ۾ قدم ڄمايا آهن، ڪٿي ڪٿي دهشتگردي شروع ٿي ۽ ڪٿي ڪٿي دهشتگرديءَ زور ورتو آهي؟؟ سچ ته اهو آهي ته ڀارت ۾ ٿيندڙ دهشتگريءَ ۾ گھٽتائي ٿي ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي زورائتي ٿي آهي. آمريڪي ڳجهي اداري سي آئي اي کي دنيا جي سڀ کان وڏي دهشتگردي تنظيم قرار ڏيڻ انتهائي آسان ڪم آهي. پر هي سولو ڪم ميڊيا وارن ڏاڍو مشڪل آهي، ڇو ته ميڊيا تي سي آئي اي جو ڪنٽرول مضبوط آهي. ان جي مثال لوئيس پوساڊا آهي، جيڪو ڪيوبا، وينزويلا ۽ پاناما سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ دهشتگردي جي مختلف وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي. پر سي آئي اي ان کي پنهنجو مهمان بڻائي رکيو آهي، آمريڪي ميڊيا سي آئي اي جي ان دهشتگردنوازي تي پنهنجي چپن تي چپ جا وزنائتا تالا لڳائي ويٺي آهي، پوساڊا ڪيوبا جو باغي آهي، جنهن آمريڪي فوج کان عسڪري تربيت حاصل ڪئي ۽ هو سي آئي اي جي دستاويز مطابق پگھار کڻندڙ آهي. ان 6 آڪٽوبر 1976ع واري ڏينهن ڪيوبا جي هڪ مسافر طياري ۾ ٻه ٽائيم بم هڻايا جنهن ڪري طيارو تباهه ۽ برباد ٿي ويو، ان تباهيءَ ۾ مرندڙن جو تعداد 73 ٻڌايو ويو. وينزويلا جي عدالت ۾ ٻن ملزمن اعتراف ڪيو ته انهن پوساڊا جي حڪم مطابق ٽائيم بم هنيا.، ان اعتراف کان پوءِ پوساڊا کي وينزويلا ۾ گرفتار ڪيو ويو، پر 1977ع ۾ هو جيل مان فرار ٿي ويو. وينزويلا جي حڪومت ان جو پيڇو ڪندي رهي ۽ ان کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي، پر سي آئي اي 1985ع ۾ هڪ ڀاري رقم خرچ ڪري پوساڊا کي ٻيهر جيل مان ڀڄائي ڇڏيو. 1997ع ۾ پوساڊا سي آئي اي جي مدد سان ڪيوبا جي مختلف هوٽلن ۾ بم ڌماڪا ڪرايا، تاڪي ڪيوبا ويندڙ سياح ڊڄي وڃن، ان ڌماڪن ۾ ڪيئي يورپين سياح مارجي ويا. 2000ع ۾ پوساڊا هڪ دفعو ٻيهر پاناما ۾ هزارين ڪلو گرام ڌماڪيدار مادي سميت گرفتار ٿيو. جيڪو ڪيوبا جي صدر فيڊل ڪاسٽرو تي قاتلاڻي حملي لاءِ آندو ويو هو، جيڪو 40 سالن ۾ پهريون دفعو پانامي جي دوري تي اچڻ وارو هو. ان گرفتاري کان پوءِ آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش ڏاڍو پريشان ٿيو ڇو ته اها سي آئي اي جي تمام وڏي ناڪامي هئي، پر بش حڪومت وڏي بي حيائي ۽ بي شرمي سان پاناما جي حڪومت تي دٻاءُ وڌو ته ان دهشتگرد کي آزاد ڪيووڃي، آخرڪار پاناما جي حڪمرانن 2004ع ۾ پوساڊا کي آزاد ڪيو، ۽ سي آئي اي ان دهشتگرد کي آمريڪا کڻي آئي، ڪيوبا ۽ وينزويلا ان دهشتگرد جي آمريڪا آمد تي شديد احتجاج ڪيو، ان احتجاج جي نتيجي ۾ سي آئي اي هڪ ڊرامو رچايو، اميگريشن قانون مطابق آمريڪا ۾ غير قانوني قيام جي الزام ۾ پوساڊا تي هڪ مقدمو درج ڪيو ويو، ڪيئي سالن تائين مختلف عدالتن ۾ ان مقدمي جي سماعت ٿيندي رهي ۽ آخرڪار 9 اپريل 2011ع واري ڏينهن ٽيڪساس جي عدالت پوساڊا کي بري ڪري ڇڏيو.

    ان پوائنٽ تي بيهي ٿورو سوچيو اگر پوساڊا مسلمان هجي ها، ۽ ان بم ڌماڪي ذريعي اڏاميل جهاز کي ڪيرائي 73 ماڻهن جي جان به کسي هجي ها، بلڪي ڪنهن آمريڪي کي هڪ چماٽ هڻي ڪڍي هجي ها ته ان سان ڪهڙو سلوڪ ٿئي ها؟؟ شايد اهو ئي ٿئي ها جيڪو ڊاڪٽر عافيه صديقي سان ٿيو، جنهن تي قتل جو الزام ته ثابت نه ٿي سگھيو پر ان کي 86 سالن لاءِ قيد جي سزا ٻڌائي ويئي. پوساڊا تي وينزويلا ۾ مقدمو هليو سزا ٻڌائي ويئي، پر آمريڪا جو پيارو هو. وينزويلا جو صدر هيوگوشاويز ان دهشتگرد کي اسامه بن لادن قرار ڏيندي چوي ٿو ته سي آئي اي دنيا جي سڀ کان وڏي دهشتگرد تنظيم آهي، پر ميڊيا پوساڊا سان ٿيل سي آئي اي جي محبت ۽ شفقت کي ماڻهن آڏو آڻيندي ڪيٻائيندي آهي، ڇو ته دنيا جي سڀ کان وڏي دهشتگرد تنظيم پاڻ تي اعتراض ڪندڙ صحافين کي مختلف طريقن سان سبق سيکاريندي رهي آهي.

    ليبيا جي ئي مثال وٺو، معمر قذافي جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ سي آئي اي اهڙن گروپن کي گڏ ڪيو آهي جيڪي القاعده جا حامي آهن. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ آمريڪي وزير خارجه هليري ڪلنٽن پيرس ۾ قذافي مخالف اتحاد جي اڳواڻ محمود جبريل سان ملاقات ڪئي.

    محمود جبريل هڪ اهڙي اتحاد جو سرواڻ آهي، جنهن ۾ ليبيا اسلامڪ فائٽنگ گروپ شامل آهن. جن 2007ع ۾ وڏي واڪي القاعده جي حمايت ڪئي هئي. القاعده جي اڳواڻن ابو ليث اللبي ۽ ابو فراج اللبي جو تعلق به انهيءَ گروپ سان آهي. هن وقت قذافي خلاف آمريڪي اسلحي سان وڙهندڙ باغين جي ٻن ڪمانڊرن سفيان بن قومو ۽ عبدالحڪيم حاسدي جي القاعده سان لاڳاپي جي باري ۾ آمريڪا کي به خبر آهي. سفيان بن قومو 2001ع ۾ قندوز مان گرفتار ٿيو ۽ ان آمريڪي گوانٽاناموبي جيل ۾ 6 سال گھاريا. هو 2007ع ۾ آزاد ٿيو ۽ قذافي حڪومت ان کي گرفتار ڪري ورتو، عبدالحڪيم حاسدي کي 2002ع ۾ پاڪستاني حڪومت گرفتار ڪري ليبيا حوالي ڪيو هيو. هي ٻئي 2008ع ۾ قذافي کان معافي وٺڻ ڪري آزاد ٿيا پر هاڻوڪي بغاوت کان پوءِ آمريڪا جي حمايت يافته گروپن سان وڃي مليا. آمريڪا کي انهن جي ماضي سان ڪو به سروڪار ڪونهي، صرف ۽ صرف معمر قذافي جي حڪومت ڪيرائڻ ئي ان جو اصلي مقصد آهي.

    27 مارچ 2004ع ۾ پاڪستاني فوج شڪئي واري مقام تي مقامي عسڪري پسند نيڪ محمد سان معاهدو ڪيو ۽ 18 جون 2004ع واري ڏينهن آمريڪا پاران ٿيندڙ پهرين ڊرون حملي ۾ نيڪ محمد کي ختم ڪري ڇڏيو. ان ڊرون حملي بيت الله محسود کي ميدان ۾ آندو، 2005ع ۾ شمالي وزيرستان جي علائقي ۾ نيڪ محمد جي قريبي ساٿي هڪ نامور صحافي کي ٻڌايو ته شڪئي واري معاهدي کان پهريان خوست واري رستي آمريڪين پيغام پهچايو ته پاڪستاني فوج بجائي اسان سان معاهدي ۾ وڌيڪ فائدو ملندو، نيڪ محمد انڪار ڪيو ۽ موت ان جو مقدر بڻي. 30 آڪٽوبر 2006ع واري ڏينهن باجوڙ ۾ هڪ معاهدو ٿيڻ وارو هو، جنهن کان پوءِ ان علائقي ۾ عسڪريت پسند مڪمل طور ختم ٿي وڃن ها. پر انهيءَ ڏينهن هڪ مدرسي تي ٿيندڙ ڊرون حملي ڪري 90 ٻار مارجي ويا، ان حملي جي نتيجي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جنم ورتو.

    اهي ماڻهو جيڪي ڊرون حملن کي خطرو ناهن سمجهندا، انهن جي عقلن تي رڳو ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو، تحريڪ طالبان پاڪستان ڊرون حملن جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ تنظيم جو نالو آهي. اها ڳالهه ڏک واري آهي ته 2006 ع ۾ ٿيندڙ بن حملن ايڏي وڏي عسڪريت پسند تنظيم کي جنم ڏنو. 2007ع م 4 ڊرون حملا ٿيا، 2008ع ۾ 33، 2009ع ۾ 53 ۽ 2011 ع ۾ 118 ڊرون حملا ڪيا ويا. هڪ طرف ڊرون حملن ۾ اضافو ٿيو ته ٻئي طرف خودڪش حملن زور پڪڙو.

    ڊرون حملن جو اصل مقصد دهشتگردن کي ختم ڪرڻ ناهي بلڪي پاڪستان جي خود مختياري ۽ سالميت کي ختم ڪرڻ ئي انهن جو اصل مقصد آهي. آمريڪا اگر دهشتگردي جي خاتمي ۾ مخلص هجي ها ته لوئيس پوساڊا جهڙي دهشتگردن جي مهمان نوازي نه ڪري ها.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو