بحرين جي سياسي اڳواڻ جا انڪشاف

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    لکندڙ ذيشان مهدي
    www.shiafiker.com

    لنڊن ۾ رهندڙ بحريني سياسي اڳواڻ ۽ بحريني عوام جي حمايت لاءِ جوڙيل عالمي اتحاد جي رڪن ”قاسم الهاشمي“ ميڊيا سان ڳالهائيندي آل خليفه جي جيلن ۾ قيدين خاص ڪري بحريني انقلابي اڳواڻن جي صورتحال کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته: قيدين جي جسماني حالت انتهائي افسوس جوڳي آهي، بحرين جي اسپتالن مان اسانجي دوستن اسانکي ٻڌايو آهي ته ان اسپتالن ۾ اهڙا قيدي علاج هيٺ آهن، جن جي هٿن، ڄنگهن ۽ ايتري تائين جو انهن جي مٿن جو ڪجهه هڏيون ۽ کوپڙيون ڀڃيون ويون آهن، جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته انهن مٿان مسلسل ٽارچر ٿيل آهي، الهاشمي چيو ته آل خليفه جا ڇاڙتا اسپتال مان فارغ ٿيندڙ مريضن کي ٻيهر ٽارچر ۽ تشدد لاءِ مخصوص جيلن ڏانهن کڻي ويندا آهن. بحرين ۾ سعودي فوج جي موجودگي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته آل سعود جي فوج بحرين ۾ هميشه رهڻ جو ارادو رکي ٿي،آل سعود بحرين ۾ جزيري نما شيلڊ نالي هڪ وڏو فوجي اڏو ٺاهيو آهي، حقيقت ۾ اهو اڏو جزيري نما شيلڊ ناهي بلڪي آل سعود جي فوج جو اڏو آهي.

    بحرين جي صورتحال کي ڏسندي اهو چئي سگھجي ٿو ته آل خليفه بحرين جا حڪمران ناهن،بلڪي بحرين جي حاڪم آل سعود ئي آهن، آل سعود جي فوج جو مقصد واپس ورڻ ڪونهي بلڪي هو هميشه لاءِ ان ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آيل آهي، تاڪي آل سعود جو ” خليج فارس ڪنفڊريشن“ وارو خواب پنهنجي تعبير ماڻي سگھي، جنهن ۾ بحرين قطر امارات ڪويت ۽ عمان شامل هوندا.

    آل خليفه حڪومت پڻ انهي سلسلي ۾ آل سعود جي مدد ڪري رهي آهي، مصر ۾ حسني مبارڪ جي سرنگوني کان پوءِ آل سعود خاندان، خليج فارس جي عرب رياستن تي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تاڪي هڪ نئين قوت بڻجي عراق، شام، لبنان، تيونس ۽ مصر جهڙي عرب ملڪن جي سامهون بيهي ان جو مقابلو ڪري سگھي.

    آل خليفه طرفان ايران تي لڳايل الزامن جي سبب کي بيان ڪندي چيو ته آل خليفه هميشه اڳتي escaping forword))ڀڄڻ واري پاليسي تي هلندڙ آهن،آل خليفه خاندانجتي مسئلن جي ڀڙڪيل باهه کي اجھائي نه سگھندا آهن ته فوراً انهن مسئلن ۽ واقعن کي ايران تي مڙهيندا آهن،ايتري تائين جو اگر اتان جو پاڻي بند ٿي وڃي يا بجلي جا ڪنيڪشن فيل ٿين يا وري ملڪ ۾ آڪسيجن جي کوٽ ٿئي ۽ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿئي ته آل خليفه حڪمران ان سڀني مسئلن جو الزام ايران تي مڙهيندا آهن.

    هي ڊرامو ٿورڙي ئي عرصي ۾ ختم ٿيڻو آهي،ڇو ته بحرين جا شيعا ۽ سني ته ڇا، ڪويت جي عوام به ان الزامن جي تائيد نه ڪندي، مثال طور آل خليفه خاندان ڪجهه عرصو پهريان اها دعوى ڪئي هئي ته هڪ دهشتگرد گروپ کي پڪڙيو ويو آهي جيڪو 30 سالن کان ايران کان مالي ۽ فوجي مدد حاصل ڪندو رهيو آهي، ان کان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انهيءَ شخص ٽيلي وزن تي اچي اهو چيو هو ته ايران، بحرين جو اهم دوست ۽ پاڙيسري آهي ۽ بحرين ۽ ايران درميان ڪو به جڳهڙو ۽ جهيڙو ناهي.

    اهو يقيني آهي ته بحريني عوام آل خليفه جي گٿل منطق کي نٿا قبولين پر انهن جي ان منطق جو مذاق ٿا اڏائين ڇو ته انهن جون ڳالهين جو پاڻ ۾ سڌو سنئون ٽڪراءُ آهي.

    بحريني عوام جي انقلابي تحريڪ جي مقصدن جو جائزو وٺندي چيو ته اسين چاهيون ٿا ته اسان جي عزت ۽ اسان جو احترام ۽ انساني شرافت آل خليفه جي ناپاڪ هٿن کان محفوظ رهي ۽ آل خليفه حڪمران اسان سان انساني برتاءُ ڪن. بحريني عوام پنهنجي پُر امن تحريڪ ۾ شهيدن جي قرباني ڏيئي صرف اهي ئي مطالبا پيش ڪيا آهن ۽ بحرين اندر مڪمل آئيني حڪومت جي حق ۾ آهن.

    بحريني قوم ظلم ۽ ڏاڍ، گرفتارين، ٽارچرن ۽ قتل عام باوجود پنهنجي مطالبن تان هٿ ناهي کنيو ۽ پنهنجي مقصد جي حاصل ڪرڻ تائين هرگز مايوس نه ٿيندا. بحريني عوام جا حوصلا بلند آهن، هو پنهنجا مطالبا پُر امن انداز ۾ پيش ڪندا رهندا، پر اگر بحريني حڪمران جنون ۽ مستي واري حد کان گذريا ته پوءِ بحريني مظلوم عوام لاءِ به پُر امن رهڻ جو ڪو به جواز باقي نه رهندو ۽ بحريني عوام کي به مسلح جدوجهد جو سهارو وٺڻو پوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو