سر زمين بحرين جو مختصر تعارف

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصومي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2011۔

  1. معصومي

    معصومي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سيد احمد علي نقوي
    www.hujjat.com
    www.swilayat.com

    بحرين هڪ ملڪ آهي جيڪو خليج فارس جي جزيري ۾ واقع آهي ان جي گاديءَ جو هنڌ " منامه " آهي ان جي ٻولي عربي آهي پر وڌيڪ تحقيق ڪرڻ کان بعد ۾ به اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته اتي فارسي ، اردو ، انگريزي به پڻ ڳالهائي ويندي آهي ايستائين جو اردو زبانن جي پاران هڪ امام بارگاهه پڻ آهي جتي اردو ٻوليءَ ۾ نوحآ ۽ مجلسون ٿينديون آهن . بحرين جا پنج صوبا ۽ 14 شهر آهن . بحرين هڪ جزيري تي واقع آهي بحرين 1820 کان برطانيه جي قبضي ۾ هيو
    پر اهو قبضو 1971 ۾ ختم ٿيو ۽ بحرين هڪ مستقل ملڪ ٿيو .


    بحرين جي ڪرنسي دينار آهي

    بحرين جي ايراضي 706 مربع ڪيلوميٽر آهي

    بحرين. ايران جو هڪ صوبو هيو .

    بحرين کي جزيري جيڪري ( جزيره يک ميليون نخل ) پڻ چيو ويندو هيو .
    بحرين جا صوبا

    1 جنوبي

    2 شمالي

    3 عاصمه

    4 محرق

    5 وسطى
    بحرين جا شهر

    1 منامه

    2 محرق

    3 رفاع شرقي

    4 رفاع غربي

    5 مدينه حمد

    6 مدينه عيسى

    7 الحد

    8 جد حفص

    9 عوالي

    10 مدينه زايد

    11 الزلاق

    12 عراد

    13 البديع

    14 عوالي

    داخلي سياست

    بحرين جي حڪومت بادشاهي آهي اتان جو بادشاه 199 کان هاڻِي تائين شيخ حمد بن عيسى آل خليفه آهي

    بحرين ۾ 15 سياسيي ۽ مذهبي پارٽيون آهن

    جن مان هڪ شيعن جي پارٽي جمعيت وفاق اسلامي جي نالي سان آهي پرڏيهي سياست

    بحرين عربن جي متحد ملڪن مان هڪ ملڪ آهي .

    اقتصاد

    بحرين امير ملڪ نه آهي ايستائين جو ڪافي شيون سعودي عرب کان وٺي ڪري پنهنجو گذربسرڪندو آهي سعودي عرب ۽ بحرين جي وچ تي هڪ پل آهي جنهن جو نالو پل فهد آهي جنهن جو افتتاح 1986 ۾ ٿيو هيو ان پل سان ئي انهن ٻنهي ملڪن جي آمد ورفت ٿيندي آهي

    ان کان علاوه بحرين سڀ کان وڌيڪ مرواريد پئدا ڪندڙ ملڪ آهي پيٽرول به ان ملڪ ۾ ڪافي مقدار ۾ موجود آهي

    آدم شماري

    هن ملڪ ۾ 82 سيڪڙو مسلمان رهن ٿا جنهن مان 66 سيڪڙو شيعه آهن 33 سيڪڙو سني آهن ۽ 9 سيڪڙو مسيحِ آهن

    شيعت عبدالقبيس نالي قبيلي جي ذريعي بحرين ۾ آئي بحرين ايران ، عراق۽ آزربائيجان کان پوء چوٿين نمبر تي شيعن جو مرڪز آهي

    بحرين جي ڪجهه سياسي پارٽين جا نالا

    1 جمعيت وفاق اسلامي

    2 حرڪة حق

    3 جمعية اصالة اسلامي

    4 جمعية منبر اسلامي

    5 العدالة الوطنية

    6 جمعية منبر ديمڪراسي تقدمي
    بحرين جا مشهور شاعر

    1 طرفة بن عبد

    2 ابراهيم العريض

    3 علي الجلاوي

    4 آيات القرمزي

    بحرين جا تاريخي ماڳ

    1 قلعه بحرين

    2 قلعه رفاع

    3 قلعه عاد

    4 موزه بحرين

    5 مسجد خميس

    6 مسجد سيادي

    7جزيره حوار

    8 خانه سيادي

    9 باب البحرين

    10 بر صخير

    11 خانه جسره

    12 خانه شيخ عيسى بن علي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو