سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ، استاد ۽ تخليقڪار محترم ذوالفقار بهڻ کي سندس جنم ڏڻ تي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران جنم ڏينهن جون واڌايون ۽ کوڙ ساريون دعائون.
ذوالفقار هڪ شاعر هجڻ سان گڏ تمام نفيس انسان، سنڌي ٻوليء جي انٽر نيٽ تي ترقي وٺرائڻ ۾ سرگرم رهندو آهي۔ سندس شاعريء ۾ هڪ گهري سوچ ۽ لوچ هوندي آهي۔ سنڌ سان عشق ۽ سنڌيت سان پيار سندس پرچار هوندي آهي۔ هو شاعر هجڻ سان گڏ تعليمي پيشي سان وابست آهي ۽ اسسٽنٽ پروفيسر طور علمي خدمتون به سر انجام ڏئي رهيو آهي۔ انٽر نيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پليٽ فارم تان پاڻ دنيا جو پهريون آنلائين سنڌي مشاعرو ڪرائڻ سان گڏ ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ تي به آن لائين سيمينار ڪرائڻ ۾ به سندن ڪردار رهيو آهي۔ سندس شاعريء جو ڪتاب منھنجا خواب گلابن جھڙا بهترين شاعري تي مشتمل ڪتاب آهي۔ پاڻ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيء جا به متحرڪ ميمبر رهيا آهن۔
دعا آهي ته شال سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي زندگيء جون اڻ کُٽ بهارون مسڪرائيندي گذاري ۽ سندس قلم سنڌي شاعري سان گڏ سنڌي ادب جون تخليقون ارپي ڪا انقلاب جي راهه هموار ڪري