ٻولي جو مسئلو ۽ اسان جي حڪمت عملي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻولي جو مسئلو ۽ اسان جي حڪمت عملي
    تحرير : خير محمد ڪولاچي​


    [JUSTIFY]قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري ڪميٽي جي ميمبرن ٻولين واري بل کي ٻيهر رد ڪندي جيڪي رمارڪس ڏنا آهن، اهي ان مسئلي تي ملڪ جي اڪثر مڊل ڪلاس ۽ مٿين طبقي جي سوچ کي ظاهر ڪن ٿا. انهن رمارڪس مان ٻولين جي مسئلي جي حل ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ منظم ڪوششن ۽ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت جي به نشاندهي ٿئي ٿي.

    ورهاڱي کانپوءِ هڪ بااثر لابي پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي مڃرائڻ کانپوءِ ان کي قومي يڪجهتي جي ضرورت هئڻ واري تاثر کي ايترو ته عام ڪيو آهي جو اڪثر ماڻهو ان جي مخالفت ڪندي حب الوطني ۾ شڪ ۽ ايمان ۾ خطرو محسوس ڪن ٿا. هو ائين ڪرڻ مهل سوچين ٿا ته ڇا واحد قومي ٻولي جي مخالفت ڪري هو پاڪستاني به رهندا يا نه. سياسي جماعتن سان لاڳاپيل مختلف قومن جا سياستدان پڻ اهڙي اثر تحت ٻولين جي مسئلي تي پنهنجي مادري زبان ۽ ڪلچر کي به نظرانداز ڪري ٿا ڇڏين. ننڍن صوبن جا سياستدان جيڪي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريندا رهن ٿا اهي پڻ پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي مڃرائڻ لاءِ ڪوششون ڪو نه ٿا ڪن. ڄڻ ته اهو اهم قومي مسئلو سندن ترجيح ۾ شامل ئي ڪونهي. جڏهن سنڌين طرفان ان سلسلي ۾ ڪا ڪوشش ٿئي ٿي ته ان جي به هو ڪا ڀرپور حمايت ڪو نه ٿا ڪن. ٻئي طرف وڏي صوبي جا ماڻهو ۽ سياستدان اهڙين ڪوششن ۾ رنڊڪ بڻجي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ اهڙي بل پاس ٿيڻ جي صورت ۾ سندن ٻولي کي به جائز مقام ملندو پر پوءِ به هو ان مسئلي تي مثبت ڪردار ادا نه ٿا ڪن. ائين ٿو لڳي ته سندن حب الوطني جو جذبو اڀاري جيڪا کانئن غلطي ڪرائي ويئي آهي ان هنن تي نفسياتي اثر وڌو آهي. شروع واري مرحلي تي غلطي سبب ٻولي جي مقام وڃائڻ کانپوءِ هاڻي نئين سر ان لاءِ ڪوشش جي حوالي سان هو ڪجهه منجهيل نظر ايندا آهن. هاڻي ڪن دانشورن کي ان جو احساس ٿيڻ لڳو آهي، پر انهن جو تعداد تمام گهٽ آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هو سنڌين کي پنهنجي ٻولي تي فخر ڪندي، ان جي جائز مقام لاءِ جدوجهد ڪندي ڏسن ٿا، ته هو پنهنجي گهري احساس ڪمتري جو اظهار ناراضگي ذريعي ڪن ٿا. جنهن بل جي حمايت لاءِ هو اڃان تيار نه آهن ان کي ٻين جو مسئلو سمجهي اهميت ڪو نه ٿا ڏين.

    سنڌ کان ٻاهر باقي ملڪي علائقن ۾ ماڻهن جي تعليم ۽ سرڪاري ادارن ۾ لکپڙهه جا سڀ رستا قومي ٻولي طرف وڃن ٿا. جڏهن هو پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم ڪو نه ٿا حاصل ڪن ته هو سمجهن ٿا ته سڄي ملڪ جا ماڻهو به ائين ئي ڪن ٿا. جڏهن کين ٻڌايو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ تعليم سنڌي زبان ۾ آهي ۽ سنڌ جي اڪثر آفيسن ۾ لکپڙهه به سڌي زبان ۾ ٿئي ٿي. سنڌي ٻولي کي اهو مقام ڊگهي عرصي کان حاصل آهي ته ان تي هو حيرت جو اظهار ڪندا آهن. ائين لڳندو آهي ته اڪثريت کي ان جي خبر ئي ڪانهي، پر جي ڪن کي خبر آهي ته هو پنهنجو احساس ڪمتري لڪائڻ لاءِ ان کان بي خبري جو اظهار ڪندا آهن.

    ٻولي جي مسئلي کي سنڌ جا اديب، دانشور ۽ ڪي سياسي ليڊر پنهنجي سچائي سان مختلف وقتن تي پيش ڪندا رهن ٿا. ان مسئلي تي اڃان تائين ڪاميابي ڇو نه حاصل ٿي سگهي آهي، اسان کي انهن سببن تي سنجيدگي سان غور ڪري ضرورت موجب گهربل عملي قدم کڻڻا پوندا. سنڌ ۾ اسان کي ان مسئلي لاءِ وڌيڪ عوامي حمايت کپندي. ڪالاباغ ڊيم جو مثال سامهون آهي. ان مسئلي کي عوامي حمايت سبب سنڌ جي هر سياسي پارٽي ان جي ٺهڻ جي مخالفت ڪري ٿي. کين خبر آهي ته ان جي حمايت سبب کين عوامي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو. پر ٻولي کي جائز مقام ڏيارڻ لاءِ مٿن اوترو دٻاءُ ڪونهي. ان ڪري سنڌ جي نمائنده سياسي پارٽي به ان بل تي ڪا دلچسپي نه ورتي. سنڌ جي اها پارٽي سرائيڪي بيلٽ جي ماڻهن کي شناخت ڏيارڻ ۾ سڀ کان اڳتي نظر اچي ٿي، پر سنڌي ٻولي جي معاملي تي هو سڀني کان پوئتي آهي. شايد کين پڪ آهي ته سنڌين جا ووٽ مزارن ۽ گادين سان اڃان به ٻڌل آهن يا وڏيرن جي اثر هيٺ آهن. ڊگهي عرصي کان ان تاثر ڪري سنڌي ماڻهن جي مسئلن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ان تاثر کي دائمي سمجهي حقيقت کان منهن موڙڻ وڏي غلطي آهي، جيڪا سندن سڄي ورثي کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

    جمهوري ملڪ ۾ ڪنهن آئيني مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ اڪثريتي راءِ جو هئڻ ضروري آهي، اهڙي حمايت فقط ٻن طريقن سان حاصل ٿي سگهي ٿي. هڪ ته اهو مسئلو اڪثريت جي ترجيح بڻجي وڃي، ٻيو طريقو سوديبازي جو آهي.جيڪڏهن ملڪي سياسي پارٽين کي پڪ ٿي وڃي ته سنڌين جا ووٽ ان صورت ۾ ملندا جڏهن ٻولي سميت سندن قومي مسئلن جي حل جو واعدو ڪرڻو پوندو، پوءِ اهي ان مسئلي کي منشور جي حصي بنائڻ لاءِ ان جي جائز هئڻ لاءِ پاڻ ئي دليل ڏيندا. ان کانسواءِ 18 ترميم جهڙو ڪو موقعو. هن موقعي تي سوديبازي سبب سرحد جو نالو بدلائي خيبر پختونخواهه رکڻ ممڪن ٿيو. جيتوڻيڪ ملڪ جي هڪ وڏي پارٽي ان تي راضي ڪو نه هئي پر مجبور ٿي پنهنجي فائدي واري ترميم جي بدلي کين مصلحت کان ڪم وٺڻو پيو. ڇاڪاڻ ته کين خبر هئي ته جيڪڏهن هي موقعو ويو ته ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ واري آئيني ترميم لاءِ گهربل 3/2 اڪثريت بعد ۾ حاصل ڪرڻ ڏکي ٿي ويندي. ان ڪري هن نه چاهيندي به بيقراري سان اهو ڪوڙو ڍُڪ ڀريو. 18 ترميم جي موقعي تي ٻولين جو مسئلو به آساني سان حل ٿي پئي سگهيو، پر ننڍين قومن سان گڏ سنڌ جي نمائنده حڪمران سياسي پارٽي به ان قومي مسئلي کي حل ڪرڻ جو هڪ سونهري موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو يا وري ان مسئلي کي ڪا مضبوط عوامي حمايت ملي جو اقتدار ڌڻي تنگ ٿي بلوچستان پئڪيج وانگر سنڌ جي ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ هي مسئلو حل ڪن.

    اسان سڀني خاص ڪري دانشورن ۽ سياستدانن کي گهرجي ته ننڍن ۽ وڏي صوبي جي نمائنده جماعتن جي پاليسي سازن سان گڏجاڻيون ڪري انهن کي هن قومي مسئلي تي وڌيڪ ڄاڻ ڏين. کين اهو احساس ڏيارڻ ضروري آهي ته ٻولين جي جائز مقام جو مسئلو اصل ۾ چئني صوبن جو مسئلو آهي. جيئن ڪالا باغ ڊيم تي خيبر پختونخواهه وارن جو سخت موقف سان اسان جي ڳالهه ۾ وزن اچي ٿو، ائين ٻولين جي مسئلي ۾ پڻ ٻين صوبن جي مطالبي سان اهو مطالبو اهميت اختيار ڪري ويندو. ان کانپوءِ اقتدار جي ايوانن ۾ ان کي ڊگهي عرصي تائين نظرانداز ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو. اسان کي پارٽين جي پاليسي سازن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته بين الاقوامي ادارا مادري زبان ۾ تعليم کي اهم سمجهي رهيا آهن ۽ ان ۾ تعليم جي فائدن کان دنيا کي آگاهي ڏئي رهيا آهن. دين به زبان کي الله جي نشاني چيو، ان جي حفاظت ۽ ترقي دين جي موجب ئي آهي. دنيا جي ڪيئي ملڪن ۾هڪ کان وڌيڪ قومي زبانون آهن. اتي ته قومي يڪجهتي ڪمزور ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. قومن جي اصلي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ آخر ڪيئن غلط آهي؟ ان سان گڏ مختلف اشتهاري مهمن ۽ مباحثن ذريعي ملڪي عوام کي غلطي جو احساس ڏياريون. جڏهن پنهنجي صوبي جي عوام جي هن مسئلي تي سرگرم حمايت حاصل ٿي ويندي ته ملڪي راءِ عامه پڻ هموار ٿيڻ لڳندي ۽ ننڍا صوبا پڻ ان مسئلي کي هٿ ۾ کڻندا ته پوءِ ٻين ملڪي پارٽين لاءِ اهڙي مطالبي کي نظرانداز ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. اچو ته پنهنجي پنهنجي وس ۽ صلاحيتن آهر ان مطالبي کي وڌيڪ اثرائتي نموني پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪريون.[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو