سوال نمبر هڪ؛ اسان جون ٻئي اکيون هڪ ٻئي کان مختلف منظر ڏيکارينديون آهي پوبه اسان درست ڪيئن ٿا ڏسون؟
جواب: اسان جو ٻئي اکيون ڪنهن شي کي هڪ ئي جڳهه تان نه ٿيون ڏسن بلڪه مختلف طرفن کان مختلف زاويي سان هڪ ئي جڳهه طرف ڏسنديون آهن... اسان جو ذهن ان مختلف زاويي کي پاڻ وٽ گڏ ڪري وٺندو آهي ان طرح ٻنهي اکين کي جيڪو زاويي جو فرق هوندو آهي اهو دماغ ۾ وڃي هٽي ويندو آهي... ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اکين سان گڏو گڏ ڏسڻ واري دماغ جي به وڏي اهميت آهي....
سوال نمبر 2؛ سمنڊ جو پاڻي لوڻياٺو ڇو ٿيندو آهي؟
جواب: مختلف دريا جڏهن مٿان جبلن ۽ ميدانن مان گزرندا ايندا آهن ته انهن جي رستي ۾ جيڪا به شي ايندي آهي ان کي کنيو ايندا آهن... مثال طور لوڻ جيڪو دريا ميداني رستي مان کڻندا آهن.... اهو سڀ ڪجهه هو سمنڊ ۾ ڪيرائيندا آهن....
ائين کڻي چئجي ته سمنڊ جو پاڻي ان ڪري لوڻياٺو ۽ ڪوڙو هوندو آهي جو دريا صدين کان وٺي لوڻ کڻي کڻي سمنڊ ۾ اڇلائيندا ۽ گڏ ڪندا رهندا آهن... ۽ ڇو ته دريا ۾ موجود لوڻ پاڻي جي وهڪري جي ڪري محسوس دريا جي پاڻي کي لوڻياٺو نه ڪري سگهندو آهي پر ڇو ته سمنڊ ۾ لوڻ کي وهڪرو نه ملندو آهي ان ڪري اهو مستقل سمنڊ جي تهه ۾ ويهي ويندو آهي ۽ پاڻي ۾ ملي سمنڊ جي پاڻي کي لوڻياٺو بڻائيندو آهي....
اميد ته توهان جوابن کان مطمئين ٿي ويا هوندا...
ٻيو ته توهان کي ياد ڏياريندو هلان ته ادا ڦلپوٽو فقير پڻ توهان کي هڪ گذارش ڪئي آهي جيڪڏهن ٿورو وقت ملي ته مهرباني ڪري ان طرف پڻ توجه ڏيندا...