اسڪولي ڇوڪرا ڪنهن کي ٽنگوٽالي ڪري کنيون پي ويا۔ هڪ ماڻهو چين ڇو ٿا ٽنگوٽالي ڪيوس ڇڏيوس پاڻهي اسڪول ايندو۔ تنهن تي ڇوڪرن چيو هي شاگرد نه پر اسانجو استاد آ۔روز رسيس ۾ ڀڄي ٿو وڃي
جواب: هاڻي وري استاد ڀا، تمام بهترين لائنون آهن۔ انهن جملن جي اندر سنڌ جو بدنصيب تعليمي نظام سمايل آهي۔ تمام بهتر۔
جواب: هاڻي وري استاد ها ها ها ها ۔۔۔ ابا جهڙا استاد تهڙا شاگرد ۔۔۔ سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جو هڪ سبب استاد به آهن، جيڪي مفت جون پگهارون کڻڻ لاءِ تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿين ٿا ۔۔۔ حرام سان پيٽ ڀرن ٿا ۽ ان ئي حرام سان پنهنج اولاد جي پرورش ڪنٿا ۔۔۔ آءُ ته چوان ٿو ته گوسڙو استاد ان چور کان به وڌيڪ برو آهي جيڪو رات جو گهر ۾ کاٽ هڻي چوري ڪري ٿو ۔۔۔ استاد ته ٻه نقصان ڪري ٿو هڪ ته هو قوم جو پئسو مسلسل چوري ڪري ٿو ۽ مٿان وري قوم جو مستقبل ۽ ٻارن جي قسمت چوري ڪري ٿو ۔۔۔ اهڙن استادن تي لک لعنتون ۔۔۔ معاف ڪجو استاد جو پيشو پيغمبري آهي انڪري اهڙي پيشي سان غداري ڪندڙن لاءِ لعنت به گهٽ لفظ آهي شايد ۔۔۔ جيتوڻيڪ مٿي لطيفو آهي پر اسانجي حالتن تي ٺٺولي پڻ ۔۔۔ مختصر سٽون ۽ ڳالهه ڳوڙهي ڪرڻ جا ٿورا ناهن ٿورا
جواب: هاڻي وري استاد سائين وڏو عرصو گذريو آهي انهي گند کي۔ سو هاڻي جيڪي استاد آهن اهي پنهنجي دور جا ٽوٽي شاگرد هئا۔ سو اهڙا لطيفا ته ايندا نه۔
جواب: هاڻي وري استاد ها سائين ها واقعي ان استاد سان ويڌن هوندي جيڪوپاڻ پڙهڻ وقت به ٽنگو ٽالي ٿيندو هو ته هاڻ پڙهائڻ وقت به ساڳي حالت اٿس