هـــوءَ هــٿــن جـي حــنــاسيال حيات خبر ناهي ته ڇو ٽنڊو آدم اسٽيشن تي جڏهن به اچي ٽرين جي انتظار ۾ بيهندو آهيان ته پري پري تائين مٽي ۾ ڀڀوت ٿيل پراڻيون واڻڪيون جايون ڏسي الائي ڇو ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اتان ڪو وڏي آواز ۾ پڪاري پيو ته پهنوارن پيغام جيڪر مڪا تڏهين ، پر مونکان اڄ پري ٿيا ويڙهيچا وريام ، تيلانهن مونڏي نه آئيا ڏانهن سنگهارن سلام ، هئا ملير مدام پر ڪو سانگين اچي سانگ پيو. ۽ پوءِ جڏهن ريل سيٽي هڻي پنهنجي منزل ڏانهن رواني ٿيندي آهي ته مان گهڙي پل لاءِ ريل جي ڇڪ ڇڪ جي شور کان بي نياز ٿي دروازي کان ٻاهر دز م دونهاٽيل شهر کي ڏسندو آهيان ۽ ڪنهن مندر جي گهنڊ جا پڙاڏا ٻڌڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آهيان . پر ايئن نه ڪڏهن ٿيوآهي ۽ نه ٿيڻو آهي ڇو ته انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي . انهن پراڻين واڻڪين جاين جا نقش نگار ڪيڏا به قديم ڇونه هجن پرمونکي الائي ڇو انهن م هڪ انس ۽ سادگي ۾ ويڙهيل سونهن نظر آئي آهي ۽ مجموعي طور تي اهو به محسوس ڪيو آهي ته سنڌ جي جن به شهرن ۾ انهن واڻڪين جاين جي پراڻي طرز تعمير کي تبديل ڪري جديد بنايو ويو آهي انهن مان اصل نزاڪت خبر ناهي ڪاڏي اڏامي وئي آهي. خير اهي ڳالهيون ته هاڻي بس خواب ۽ خيال ئي وڃي رهيون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳوڙهن م ڳوهجي سوچن جي سيج تي سسڪيون ڀرينديون آهن پر تيستائين ٽرين شهر جي حدن جا قيد ٽوڙي وڌ اڳتي او وڌ اڳتي جو راڳ آلاپيندي آهي ۽ مان سدائين جيان ڊوڙي وڃي ويهڻ لاءِ ڪا سيٽ ڳوليندو آهيان پر اندر پهچندو آهيان ته هميشه وانگر سيٽن تي ڊگهيون ٽنگون ڪيو ستل ماڻهو هوندا آهن جيڪي شايد پيدا ئي ٽرين ۾ ننڊ ڪرڻ لاءِ ٿيا آهن ۽ يڪدم دل تي تري ايندو آهي پنهنجي مرشد لطيف جو شعر ته ايءُ ڪم ڪميڻن ، جو سمهن پير ڊگها ڪري ، ننڊان نڀاڳن کي اوڀالا اچن، پر ان ڪوڙي ننڊ جو طلسم ان وقت ٽٽندو آهي جڏهن ڪنهن به سيٽ تي ويهڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته ڪو نه ڪو ظاهري ننڊ ۾ ستل همراهه اچانڪ اکيون کوليندو آهي ۽ پوءِ نرڙ ۾ گهنڊ وجهي اٿڻ جو اشارو ڪندو آهي ۽ ريل جي سيٽ تي پنهنجي خانداني وراثت جي دعويٰ داخل ڪندو آهي. منهنجا ڪي ئي دوست ٽرين جي سفر جون نيڪيون ڪندي بيحال ٿي ويندا آهن پر مونکي الائي ڇو سدائين ان سفر مان ذهني اذيت پهتي آهي . شايد ان جو سڀ کان اهم سبب اهو به آهي ته سفر دوران ٿيندڙ سيٽن جي هٿرادو قبضه خوري برداشت نه ٿيندي آهي ۽ ڪجهه وقت لاءِ ايئن لڳندو آهي ته اسين پنهنجي ئي ديس ۾ ڌرتي ڌڪاڻا بنجي ويا آهيون ۽ ان مهل محسوس ٿيندو آهي ته اسين ڪنهن سرڪاري ٽرين جي ڊٻي ۾ نه پر ڪنهن جي ذاتي بڪنگ ٿيل گاڏيءُ ۾ڪاهي پيا هجون. خير ان ڏينهن به حسب دستور هڪ سيٽ تي اڃا مس ويٺس ته مٿي ستل همراهه هڪل ڪئي ۽ ۽ پاڻ به يڪدم هيٺ لهي اچي ويٺو پر پوءِ ٿوري گهڻي ڳالهين ۾ ٺهي وياسين ۽ هن ٿوري پنڌ جو ٻڌي ويهڻ جي اجازت ڏئي مون لاءِ پنهنجي اسخاوت جا در کوليا . ويهڻ شرط منهنجي نظر لاشعوري طور سامهون واري سيٽ تي وئي جتي ڪافي ٻار ۽ ماڻهو ويٺل هئا ۽ ٻنهي سيٽن جي اڳيان هڪ ننڍو ڪپڙو ٻڌل هو جنهن جي پاسن مان اندر جو ماحول هوا جي جهوٽن جي مهربانين سان ڏسڻ ۾ اچي رهيو هيو . ان ميڙ ماڻهن م به منهنجي آوارهه نظر دريءَ واري ڪنڊ ۾ ويٺل هڪ آسماني اپسرا سان ٽڪرائجي برف بنجي هڪ هنڌ ڄمي وئي جيڪا وري خبر ناهي دنيا جي درياهه جي ڪهڙي ڪن ۾ غوطا کائي رهي هئي . منهنجي اندر جي فنڪار گنگنائڻ شروع ڪيو ته ميلي ۾ تون تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو ڇوته هوءَ هيڏي ميڙ ۾ تنها تنها هئي ۽ اکين ۾ ڪو صدين جو انتظار ڪنهن گهايل پکيءَ وانگر ڦٿڪي رهيو هيس . ٽرين جي دريءَ مان ايندڙ هوا جي جهوٽن تي سندس ڪارا ۽ گهاٽا وار سندس چنڊ جهڙي چهري تي رقص ڪري رهيا هيا جن جي کيچل شايد ڪنهن ڪنهن مهل برداشت نه پئي ٿيس ته مينديءِ رتن هٿڙن جي سنهين آڱرين سان کين هٽائي رهي هئي ته ايئن ڀاسي رهيو هو ڄڻ ڪو تنبوري جي تار تي آڱرين کي ڦيري سرن جا ست رنگ ڇيڙي ماحول کي منڊي رهيو هجي. مان پاڻ کي ڪيڏو به قوم پرست سمجهندو هجان پر منهنجو اهو ايمان ۽ عقيدو آهي ته سونهن جي ڪابه سرحد نٿي ٿئي ۽ ٻيو ته درد ۾ به عجيب دوستي ٿئي ٿي جو بنا چپ چورڻ ۽ حال اورڻ جي سڀ ڪجهه سمجهيو وٺي . ان پل مونکي به ان حسين دلنشين ڇوڪري جي هٿن جي حنا جا سڀ رنگ بي رنگ نظر آيا ۽ منهنجا خيال ۽ خدشا ان وقت ساڀيان ٿي نظر آيا جڏهن ان ڇوڪريءَ رکي رکي عجيب حرڪتون پئي ڪيون ۽ اندر ويٺل سڀ کيس سمجهاڻيون ۽ هلڪيون ڌمڪيون ڏئي رهيا هيا. ٿوري ٿوري وقفي بعد منهنجي ڀرسان ويٺل نوجوان کي اندر سڏي رهيا هيا آخر ٻه ٽي دفعا اوڏانهن وڃڻ کانپوءِ منهنجي تجسس واري نگاهه کي شايد سمجهندي هن پاڻ ئي مونکي پنهنجو مسئلو ٻڌائڻ شروع ڪيو ڄڻ مونکي متمئن ڪندو هجي ته اسان سان وڏي مجبوري آ. هنجي ٻڌايل قصي مان لڳو ته اها ڇوڪري سندس ڀاڄائي هئي جيڪا ڪنهن غيبات جي اثر هيٺ هئي ۽ هو ڪراچي مان پنهنجي ڳوٺ هري پور هزارا وٺي وڃي رهيا هيا. سندس بيان مان اهو به معلوم ٿيو ته هنن جو سڄو خاندان اڻپڙهيل هيو جڏهن ته ان ڇوڪريءَ جو مڙس به اٺ درجا پاس هيو ۽ هڪ دوڪاندار هيو جڏهن ته ڇوڪري بي اي پاس هئي ۽ شادي ٿي وڃڻ سبب هو اڳتي تعليم جاري نه رکي سگهي هئي . مونکي هوءَ پنهنجي چهري مان تمام ذهين ۽ چالاڪ لڳي رهي هئي. ۽ سندس اها چالاڪي ئي اصل ۾ هنن جي پريشاني ءَ جو باعث هئي. مون جڏهن کائنس پڇيو ته بيماري جي حالت ۾ ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر مان علاج ڪرائڻ بدران هو کيس هريپور هزارا جهڙي پسمانده علائقي ۾ ڇو وٺي وڃي رهيا آهن ته هن ٻڌايو ته اتي هڪ بابا آهي جيڪو جنن جو بادشاهه آهي ۽ هي ڇوڪري شاديءَ کان اڳ ان پير وٽ رهندي هئي ۽ ان ئي کيس بي اي تائين تعليم ڏياري هئي . شادي لاءِ ڇوڪري راضي نه هئي هو پنهنجي ڀاءُ جي ڪيل ان ضد تي به خفا هيو ۽ چيائين ته منهنجي ڀاءُ وڏي ڪوشش سان ان ڇوڪريءَ جي والد کي راضي ڪري ورتو پر جڏهن شادي ويجهي آئي ته ان درگاهه جي جنن ڇوڪريءَ تي قبضو ڪري ورتو جنهن تي ان پير صاحب ۽ جنن ۾ وڏي لڙائي ٿي پر ان رات ڏينهن پڙهائي ڪري انهن کي قابو ڪيو آخرڪار ان جن جي برادري به پير صاحب کي صاف چئي ڏنو ته جيڪڏهن هي ڇوڪري هميشه لاءِ کائن کسي وئي ته هو سندس سڳي ڦيڻي مان نڪري ويندا. پوءِ ڪجهه شرط شروط طئي ٿيا ته مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو هو پير بابا جي پڙ ۾ ڇوڪري کي آڻي رهائيندا ۽ ڪافي عرصي کان اسان ايئن ڪندا پيا اچون ته ڇوڪري ٺيڪ رهندي آ. هن دفعي سندس مڙس جي ناچاڪائي سبب مهيني کان ڪجهه ڏينهن مٿي ٿي ويا آهن جنهنڪري هو بي قابو ٿي وئي آهي. پير صاحب جي درگاهه تي رات گذارڻ سان ٿيندڙ فائدي واري ڳالهه کي مان ڏاڍو حيرت مان وري وري کائنس پڇي رهيو هوس ۽ هو وڏي اعتماد سان ٻڌائي رهيو هيو ته پير صاحب اسان تي تمام گهڻو مهربان آهي ، درگاهه تي زائرين جي ڪيڏي به رش هجي پر ان ڇوڪري جو بسترو خاص طور تي پير بابا جي حويلي ۾ لڳايو ويندو آهي ۽ پير بابا به سڀني مريدن کان وقت بچائي اهو سڄو ڏينهن ڇوڪريءَ تي پڙهائي ڪندو آهي. ۽ پوءِ هو پير بابا جا ڪيئي ڪرشما ڪارناما ۽ معجزا اڀاهه عقيدت مان ٻڌائي رهيو هيو ۽ مان ان ڇوڪريءَ جي دل جي ڌڙڪن مان اٿندر موسيقي تي محو ٿي سندس بيوسي جي ڇانو ۾ لڪل چالاڪيءَ تي ويچاري رهيو هيس ۽ ان ظاهري مجبوري جي پٺيان سندس ڪيل هٿناٽ تي حيران هيس ۽ پوءِ اوچتو بيخودي جي عالم مان هٿ کيسي ڏانهن وڌيو پنو ۽ پين ڪڍيم ۽ لاشعوري طور ڪجهه سٽون لکندو رهيس ته هٿ هٿن ۾ ڏي ته همدم هٿڪڙين کي ٽوڙجي ڪيستائين قيد رهبو بيوسي جي بند ۾ ڪا وڏي غيبات هئي يا پير جو پاڇو هيو هر ڪنهين شڪ سان ڏٺو پئي ڇوڪريءَ جي ڇند ۾ ايتري ۾ ڀريا روڊ جي اسٽيسن اچي وئي مون پين پنو کيسي ۾ وڌو ۽ ڇوڪريءَ ڏانهن هڪ نظر وڌي جيڪا الائي ڪيڏي اتاولائي مان اسٽيشنون ڳڻي ان محبت جي ماڳ پهچڻ جي انتظار ۾ هئي جتي پنهنجي دل جي اڌ ڌڙڪن وساري آئي هئي ۽ سندس اندر مان هڪڙوئي آواز اچي رهيو هو ته ويندي ڏانهن پرين جتي ذات نه پائيان ان پل مونکي پنهنجي پني تي لکيل تحرير الائي ڇو اجائي لڳي ۽ اندر مان آواز آيو ته جيڪڏهن رشتن ڪرڻ وقت والدين ضد ۽ انا جي اوندهه مان نڪري ٻارن جي احساسن کي نظر ۾ رکن ته شايد ڪنهن کي جنن غيباتن جا ڪوڙا ناٽڪ نه ٺاهڻا پون . مونکي لڳو ته هن جي اندر جا احساس ۽ اوجاڳيل اکيون ڪا ميار ڏئي رهيو هيون ته تون شاعر ٿي به منهنجي مجبوري نٿو سمجهين ۽ پوءِ مون به اکين ئي اکين ۾ ساڻس سهمت ٿيندي چيو ته هي هٿن جي حنا رنگ رت جو لڳو درد تنهنجي سکي منهنجو دامن ڀڳو هي زماني جي ريتن جو آهي قهر جو تون سورين پئي سور وارو سڳو. سيال حيات Siyal_hayat@yahoo.comCell# 03337036311
جواب: هـــوءَ هــٿــن جـي حــنــا۔۔۔۔۔۔۔۔۔سيال حيات واه تمام بهترين ادا سيال ۽ ڪه ڪڙي حقيقت معاشري جي جيڪا هتان جي عام کي سمجه ۾ ئي نٿي اچي۔
جواب: هـــوءَ هــٿــن جـي حــنــا۔۔۔۔۔۔۔۔۔سيال حيات جي بالڪل ادا سائين۔۔۔ مهرباني سرڪار۔۔ پسند ڪرڻ لاءِ
جواب: هـــوءَ هــٿــن جـي حــنــا۔۔۔۔۔۔۔۔۔سيال حيات مهرباني ونڊ ڪرڻ جي ڪاش جيڪڏهن معاشرو اهي ڳالهيون سوچي ۽ هنن ڪوڙ ۽ دولاب مان ٻاهر نڪري سگهي۔
جواب: هـــوءَ هــٿــن جـي حــنــا۔۔۔۔۔۔۔۔۔سيال حيات پرڪشش ۽ منظر نگاريءَ سان سنواريل هن حقيقت يا افساني ۾ ٽي ڳالهيون ليکڪ ڪيون آهن؛ 1۔ ٽنڊي آدم جي اسٽيشن تان سنڌي هندن جو جايون جيڪي يقينن هاڻ هندن وٽ نه پر آيل مسلمان ڀائرن جي قبضي ۾ هونديون جيڪي سنڌين جي قتلام ۾ ڪا دير ناهن ڪندا ۔۔۔ پنهنجا ويا، پراوا آڻي گهر ڏناسون ۽ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي هاڻ ويٺا ويڄ ڳولهيون ۔۔۔ ليکڪ تمام سهڻي انداز سان اهي ڳالهه محسوس ڪرائي آهي ۔۔۔ 2۔ سنڌ ۾ لگهندڙ اڪثر ريلون ڌارين جي لوڌ سان ڀريل هونديون آهن ۽ اسان سنڌين لاءِ ريل جا دروازا ئي بند ڪري ڇڏينديون آهن پر جيڪڏهن مجبوريءِ ۾ ڪٿي دروازو کليل ملي ويو ته ويهڻ لاءِ مسئلو ٿي پوندو آهي، ان ئي رويي سبب ڪجهه سال اڳ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي دوستن ڪوئٽا کان ايندڙ پٺاڻڻ کي ماري وڌو هو ۔۔۔ ۽ اهڙي رويي سبب اسانجي ذهن ۾ ليکڪ جيئان سوال پئدا ٿيندا آهن ۔۔۔ ان احساس کي به ليکڪ خوب نڀايو آهي ۔۔۔ 3۔ سماجي، ديني ۽ انصاف کان ڪم نه وٺندي ڪجهه والدين پنهنجي پڙهيل ڳڙهيل اولاد جي سندن مرضي کان بنهه شادي ڪرائي سماج ۾ براين جو سبب پئدا ڪندا آهن ۔۔۔ ان احساس کي ليکڪ پڻ خوب نڀايو آهي ۔۔۔ مطلب ته مختصر آکاڻيءَ تي پوري لهندڙ هن حقيقت کي اسانجي دوست ليکڪ خوب نڀايو آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا