اسين اولاد سنڌڙي جا سدائين سربُلند آهيون وڊيو آواز ماسٽر جانب علي بلاولي

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]دوستو سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    ڪجهه ڏينهن پهرين مون پنهنجو هڪ غزل اسين اولاد سنڌڙي جا سدائين سر بُلند آهيون توهان سان ونڊ ڪيو هو چند ڏينهن پهرين انهي ساڳي گيت کي پنهنجي موبائل ڪئميرا جي ذريعي سنڌ سلامت جي راڳي ماسٽر جانب علي بلاولي کي ڳائيندي رڪارڊ ڪري ورتو هُئم ان وڊيو جي ايڊيٽنگ کان پو هن صورت ۾ ساڳيو گيت توهان سان شيئر پيو ڪريان دوستو هن وڊيو ڪافي ساريون غلطيون يقينن هونديون آهن سڀ کان وڏي ڳالهه ته ان گيت جو سائونڊ سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي انهي غلطي کي مجبوري آهي جو مان رموو نٿو ڪري سگهان ڇو ته معمولي موبائل ڪئميرا ذريعي هن گيت جي فلمبندي ڪئي آهي ان کان علاوه هن گيت جي وڊيو ايڊٽنگ ۾ ڪجهه نئون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ، اهو نئون ڇا آهي انهي ڳالهه جو فيصلو توهان تي ڇڏيان ٿو، انهي کان علاوه مونکي انهي ڳالهه جو به فخر آهي ته سنڌ سلامت اسٽوڊيو جا پنهنجا وڊيو 60 کان مٿي ٿي ويا آهن هن وقت سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي وڊيوز جي تقريبن سينچري مڪمل هُجي ها پر منهنجي هڪڙي معمولي ٽيڪنيڪلي غلطي جي ڪري سڄا سارا 22 وڊيوز جيڪي منهنجي شب روز جي بي انتها محنت جي صورت ۾ هئا يوٽيوب تان ڊيليٽ ٿي ويا۔ انهن سڀني وڊيوز مان صرف ٻه وڊيوز مون وٽ بيڪ اپ جي صورت ۾ موجود هُئا باقي سڄا سارا 20 وڊيو ڊيليٽ ٿي ويا، منهنجي اها غلطي اهڙي هُئي جو ڏُک وچان وڊيو ايڊيٽنگ تان منهنجي دل ئي کڄي ويئي کوڙ سارا وڊيوز رپورٽ جي صورت ۾ گيتن جي صورت ۾ مون وٽ موجود هُئا پر انهن وڊيوز جي ايڊيٽنگ ڪري يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪرڻ مون پوڙهي جي وس کان تمام ڳري ڳالهه هُئي وڊيوز جي ايڊيٽنگ ڪرڻ لا سڀ کان مشڪل يوليڊ ۾ سنڌي لکڻين کي چرپُر ڪرڻ واري اينيميشن جي هوندي آهي ، ان ۾ ڪافي سارا سنڌي جا ڪارڊ ٺاهڻا ٿا پون ان کانپو گنجائش مطابق سورهان آنا نه پر ڇهه آنا ئي سهي وڊيوز جي آواز ۽ سائونڊ جي ڪوالٽي کي بهتر ڪرڻ ان کان پو مرضي مطابق وڊيوز جي بهترين وڊيو فارميٽ سميت وڊيوز جي رينڊرنگ ڪرڻ آهي چلو ڪلاڪن جي مٿي ماري کانپو وڊيو تيار ٿي ويو هاڻي انهي وڊيو کي يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪرڻ سڀ کان مشڪل ترين مرحلو آهي هي وڊيو جيڪو توهان سان شيئر پيو ڪريان تقريبن ستن منٽن کان وڌيڪ آهي ان وڊيو کي توهان تائين پهچائڻ ۾ مونکي ٽن ڏينهن کان وڌيڪ لڳو آهي 383 ايم بي کان مٿي جي وڊيو کي يوٽيوب سنڌ سلامت تي لڳائڻ لا هڪ ايم بي واري ڊي ايس ايل لا لڳاتار چار ڪلاڪ گهربل هُئا ۽ اسان وٽ اڄڪلهه ڊي ايس ايل جي رفتار ۽ بجلي جي لوڊ شيڊنگ ايتري آهي جو سوال ئي ڪونه پي پيدا ٿيو جو بجلي لڳاتار چار ڪلاڪ جهالارو ڪري جو چار ڪلاڪ هر ٻي ڪم کي پاسيرو ڪري پنهنجو هي ستن منٽن جو وڊيو يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪري سگهان ، ڪنهن مهل يڪا چار ڪلاڪ اپ لوڊ ڪرڻ ۾ گذاري 95 پرسنٽ اپ لوڊ مڪمل ڪرڻ جو سنگنل اچي پيو مان خوش ته منهنجي چار ڪلاڪ صرف اب لوڊ واري محنت ساڀيان ٿئي پئي ته بجلي جو معمولي لوڊ شيڊنگ جو جهٽڪو منهنجي اپ لوڊ واري چارڪلاڪن جي محنت کي مليا ميٽ ڪريو ڇڏي، گهٽ ۾ گهٽ هن وڊيو کي اپ لوڊ ڪرڻ ۾ اهڙيون گهٽ ۾ گهٽ منهنجو هڪ ڊرزن محنتون ضايع ٿيون رات ڇا ڪيم جو سمهڻ کان پهرين تقريبن ساڍي يارهين وڳي رات جو اپ لوڊ تي هي وڊيو چاڙهي مان سمهي رهيس، رات جو ٽين وڳي اک کُلي ته ڏٺم ته تقريبن 55 فيصد اپ لوڊ ٿي چُڪو هو وري صُبح جو نماز مهل اک کُلي ته ڏٺم ته سئو فيصد اهو وڊيو اپ لوڊ ٿي چُڪو هو مالڪ جا لکين احسان بجا آندم پنهنجي شاعري جو اهو وڊيو جيڪو خالص سنڌ سلامت جي پنهنجي پيش ڪش آهي توهان سان ونڊ پيو ڪريان هن گيت جي شاعري منهنجي آهي آواز ماسٽر جانب علي بلاولي جو آهي، ڪئميرا مين ۽ وڊيو ايڊيٽر به آئون آهيان منهنجي غريباڻي محنت توهان کي ڪيئن لڳي توهان جي واڌو ڪاٽوراين جو شدت سان منتظر رهندس[/JUSTIFY]


    غزل
    نثاراحمد ناز

    اسين اولاد سنڌڙي جا سدائين سر بُلند آهيون
    سُپر سينا ڪري سنڌ لئه ڪٽائيندا ته ڪنڌ آهيون

    ڪيو سر ساهه جن صدقو امڙ جيجل مٺِي سنڌ تان
    دليرن تِن دُلارن جا سدا احسان مند آهيون

    دِروهين لئه اسان ٽانڊا ۽ پنهنجي لئه ٿڌيون هيرون
    ڪريون ڪاوڙ ته رُڪ آهيون جي مُرڪون ٿا سُڳند آهيون

    لکايون خُونَ پنهنجي سان چٽو نروار سنڌ نالو
    ڪروڙن کان مٿي آهيون ڀلي سمجهو جي چند آهيون

    بڻِي ٻِيجل ٻُرايون ٿا هَڻِي اڄ سَينَ سِرِڙَن جِي
    تپي سنڌ لئه ڏِياچو جا تِکِي هاڻي سا تند آهيون

    اسين لاڙِي ۽ اُترادِي، ٿَرِي ڪاڇِي سنڌِي سُهڻا
    نرالي نينهن جا مالڪ ها سائين جو سوڳند آهيون

    اسين ڪارا ، اسين ڪوجها رهون ٿا ”ناز” جِي دل ۾
    شُڪر مولا بَجا لاهيون جو پِرِيَن کي پسند آهيون​



    اسين اولاد سنڌڙي جا سدائين سربُلند آهيون سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي خالص پنهنجي پيشڪش​


     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسين اولاد سنڌڙي جا سدائين سربُلند آهيون وڊيو آواز ماسٽر جانب علي بلاولي

    سائين نثار ناز، تمام سهڻو گيت آهي، جيتوڻيڪ آفيس ۾ ويٺي هلڪي آواز ۾ پئي ٻڌم، ان هلڪي آواز مان ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ، پراڻو گيت، لڳايم نيهن جو ناتو، اهو ناتو نڀائينديس ۔۔۔

    اوهانجي شاعري ته پنهنجي مٽ پاڻ آهي ۽ سهڻي راڳي جانب بلاولي جو آواز پڻ موهيندڙ آهي، بس جيڪڏهن ڪنهن چڱي ڪئميرا سان ڀريل هجي ها ته اڃان وڌيڪ چٽو ۽ سريلو لڳي ها ۔۔۔

    لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا ۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسين اولاد سنڌڙي جا سدائين سربُلند آهيون وڊيو آواز ماسٽر جانب علي بلاولي

    محترم سائين نثارابڙا توهان جا به لک ٿورا جو توهان منهنجي شاعري وارو منهنجو ئي ايڊٽ ڪيل هي وڊيو مشاهدي هيٺ آندو، دوست آئون هميشهه ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪجهه مختلف ڪجي، هن وڊيو جي ايڊيٽنگ ڪندي ڪجهه مختلف ڪرڻ جي مون ضرور ڪوشش ڪئي آهي جيڪا شايد توهان جي نظر ۾ اچي نه سگهي، خير جيئن ته اها شاعري چترڪاري سميت اڳم ئي ونڊ ڪري چُڪو آهيان ان ۾ توهان مهربان دوستن جا رايا به اچي چُڪا آهن ، توهان سڀني دوستن جون مهربانيون ۽ همت افزايون سدائين منهنجي شامل حال رهيون آهن، اهي توهان سڀني دل گهرين دوستن جا ٿورا ته لاهي ڪونه سگهبا پر يا ڄمار ڳائبا ضرور پيا۔ باقي جيتري قدر ڳالهه بهترين ڪئميرا يا بهترين نتيجي يا بهترين سائونڊ جِي آهي اها ڳالهه جو اظهار مان اڳ ۾ ئي پنهنجي هن موڪليل ونڊ ۾ ڪري چُڪو آهيان لنڪ ڏيان پيو اميد انهي باري ۾ منهنجي تمهيد پڙهي اندازو قائم ڪري سگهو ٿا۔
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?12932-محبت-جي-مئڪدي-مان-آ-ڏي-شراب-ساقي
    اميد ته توهان جا مون سان اهي محبتن وارا ساٿ سدائين سلامت رهندا۔ لک لائق ادا نثارابڙا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو