پاڪستان ۽ هندستان: فرق صاف ظاهر آهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پاڪستان ۽ هندستان: فرق صاف ظاهر آهي
    تحرير: وسعت الله خان

    [​IMG]

    [JUSTIFY] ڪنهن ملڪ جي حڪمران طبقي جي سوچ پرکڻ جا ڪيترائي طريقا آهن، انهن مان هڪ ڪسوٽي ايوارڊ ۽ تمغن جي ورڇ به آهي، ، اچو ته ان پس منظر ۾ هندستان جي اعلى ترين سول ايوارڊ ڀارت رتنا ۽ پاڪستان جي اعلى ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان جي فهرست جو جائزو وٺون، هندستان جو ڀارت رتنا ايوارڊ ٻه جنوري 1954ع تي جاري ٿيو، ڀارت رتنا ڪنهن به مقامي يا عالمي شخصيت کي سياست، سماج، ادب، فن، سائنس ۽ ٻين شعبن ۾ اعلى ترين خدمتن جي اعتراف ۾ زندگي ۾ يا موت پڄاڻان عطا ڪيو ويندو آهي.

    ڀارت رتنا هيستائين 41 شخصيتن کي عطا ڪيو ويو آهي، جن ۾ 6 هندستاني مملڪتي سربراهه، (گورنر جنرل راج گوپال اچاريه، صدر راڌا ڪرشنن، ڊاڪٽر راجندر پرشاد، ڊاڪٽر ذاڪر حسين، وي وي گري، اي پي جي عبدالڪلام،) 6 وزيراعظم (جواهر لال نهرو، لعل بهادر شاستري، اندرا گانڌي، راجيو گانڌي، مرار جي ڊيسائي، گلزاري لعل ننده) وڏا وزير (بي سي رائي چيف منسٽر بنگال، ڪي ڪامراج سي ايم مدراس، ايم جي راما چندرن، سي ايم تامل ناڊو، گوپي ناٿ برڊولي سي ايم آسام) ۽ 4 وزير (گهرو وزير گوئندو لڀاپنت ۽ ولڀ ڀائي پٽيل، تعليم وارو وزير ابوڪلام آزاد، زراعت وارو وزيرا چدم برم سبرامنيم) شامل آهن.

    ڇهه سماجي ڪارڪن ۽ تحريڪ آزادي جا ڪارڪن رڊي ڪي ڪاروي، پرشوتم داس ٽنڊن، ونوبا ڀاوي، ارونا آصف علي، جي پرڪاش نارائڻ، هندستاني آئين جو خالق بي آر امبيدڪر) پنج موسيقار ۽ ڳائڻا (ايم ايس صبح لڪشمي، روي شنڪر، لتا منگيشڪر، استاد بسم الله خان، پنڊت ڀيم سين جوشي) هڪ فلمساز ستيه جيت ري)، هڪ صنعتڪار (جي آر ڊي ٽاٽا)، هڪ اديب (ڀڳوان داس)، هڪ سنسڪرت جو عالم (پي وي ڪاني)، هڪ اقتصادي ماهر (امرتيا سين)، هڪ سول انجنيئر (ايم وسوي سوارنيا) ۽ هڪ فزڪس جو ماهر (سي وي رمن) به ڀارت رتنا ماڻيندڙن ۾ شامل آهن. مدر ٽريسا اهو ايوارڊ حاصل ڪندڙ اڪيلي پرڏيهي شهري آهي.

    هوءَ پرڏيهي نسل جي ڀارتي شهري هئي، جڏهن ته سڀاش چندر بوس کي مرڻ کان پوءِ ڏنل اهو اعزاز سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کان پوءِ واپس ورتو ويو ته اهو ثابت نه ٿي سگهيو آهي ته چندر بوس مري چڪو آهي، هيستائين رڳو ٻن پرڏيهين خان عبدالغفار خان ۽ نيلسن منڊيلا کي ڀارت رتنا ڏنو ويو.

    نشان پاڪستان 19 مارچ 1951ع تي جاري ٿيو ۽ اهو اعلى ترين اعزاز ڪنهن به پاڪستاني يا غير پاڪستاني کي زندگي جي مختلف شعبن ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ اعلى ترين خدمتن تي ڏئي سگهجي ٿو، هيستائين جن 81 شخصيتن کي نشان پاڪستان مليو انهن ۾ رڳو 3 پاڪستاني آهن يعني اڳوڻو گورنر جنرل ۽ وزيراعظم خواجه ناظم الدين (1951ع)، نشان پاڪستان جاري ڪندڙ صدر اسڪندر مرزا (1958ع) ۾ سندس تختو اونڌو ڪندڙ جنرل محمد ايوب خان (1962ع) اعزاز ماڻيندڙ پرنس ڪريم آغا خان ۽ نيلسن منڊيلا (آفريڪن نيشنل ڪانگريس جي سربراهه جي حيثيت سان) اڪيليون غير ملڪي، غير سياسي شخصيتون آهن، باقي سڀ جا سڀ حاضر ۽ اڳواڻ بادشاهه، ولي عهد، راڻيون، فوجي آمر، صدر ۽ وزيراعظم آهن، مراد جي ڊيسائي اڪيلو هندستاني هو جنهن کي نه رڳو ڀارت رتنا مليو پر وزارت عظمى تان استعيفيى کان پوءِ نشان پاڪستان به مليو.

    ڪيترين ئي شخصيتن کي ته ٻه ٻه ڀيرا به نشان پاڪستان مليو جيئن سعودي عرب جو شاهه عبدالله (1998ع ۽ 2006ع) برطانيا جي راڻي (1960ع ۽ 1997ع)، ٿائيلينڊ جو شاهه ڀومي ڀول (1966ع ۽ 1987ع ۾ راڻي سميت) اردن جو شاهه حسين (1966 ۽ 1988ع)، جاپان جو شهنشاهه هيرو هيٽو (1960ع ۽ 1983ع) جڏهن ته ولي عهد، ڪي هيٽو کي 1962ع ۾ عطا ڪيو ويو، قطر جو امير شيخ حمادالثاني (1984ع ۽ 1999ع). ترڪي جي 6 صدرن ۽ وزيراعظمن (صدر جلال بايار، صدر جنرل جورت ثنائي، صدر جنرل ڪنعان ايورن، صدر سلمان ڊيمرل، صدر عبدالله گل، وزيراعظم رجب طيب اردگان)، سعودي عرب جي پنجن بادشاهن يا ولي عهدن (شاهه سعود بن عبدالعزيز، شاهه فيصل، شاهه خالد، ولي عهد عبدالله ۽ شاهه عبدالله، ايران جي بادشاهه (رضا شاهه پهلوي) ۽ راڻي (فرح ديبا) کان سواءِ ٻن ايراني صدرن (هاشمي رفسنجاني ۽ محمد خاتمي)، چين جي چئن صدرن ۽ وزيراعظمن (لي شئين نين، لي پنگ، وه بن جيائو، جيائو بائو... پر چيئرمين مائوزي تنگ ۽ وزيراعظم چو اين لائي کي ان قابل نه سمجهيو ويو).

    جرمني جي ٽن چانسلرن ۽ آمريڪا (آئزن هاور، نڪسن)، فرانس جي (ڊيگال ۽ متردن)، سوڊان، (صدر ابراهيم عبود ۽ سندس تختو اونڌو ڪندڙ جنرل بعفو المنيري)، فلپائين، انڊونيشيا (سوئيڪارنو ۽ سندس تختو اونڌو ڪندڙ جنرل سهارتو) ۽ اڳوڻي يوگو سلاويه جي ٻن ٻن صدرن ۽ نيپال جي ٻن بادشاهن (شاهه مهندرا ۽ شاهه پريندرا) کي نشان پاڪستان سان نوازيو ويو. رومانيا جي اڳوڻي ڊڪٽيٽر چائو سڪو، مصر جي جمال عبدالناصر ۽ پوءِ حسني مبارڪ ۽ يمن جي موجوده صدر علي عبدالله صالح کي ايوارڊ ڏنو ويو پر پي ايل او جي باني ياسر عرفات محروم رهيا، جڏهن ته هڪ زماني ۾ پاڪستان جي ويجهو دوست سمجهيو ويندڙ شام جو صدر حافظ الاسد ۽ لبيا جو ڪرنل قذافي کي به ڪنهن ڳاڻيٽي ۾ نه آندو ويو، آفريڪا ۾ گني، نائيجيريا، ماريطانيا، گيمبيا، سينيگال ۽ زمبيا جي فوجي آمرن، ڪينيا جي هڪ سولين ڊڪٽيٽر ڊينيئل موئي ۽ ايٿو پيا جي شاهه هيل سلاسي کي به اعلى ترين عالمي خدمتن عيوض نشان پاڪستان ڏنو ويو، وچ ايشيائي رياست تاجڪستان جي ڊڪٽيٽر رحمان امام علي به ان فهرست ۾ شامل آهي پر سوويت يونين ۽ بعد ۾ روس اڪيلو ويٽو پاور ملڪ آهي، جنهن کي ڪو به نشان پاڪستان نصيب نه ٿيو، افغانستان جي حصي ۾ به ڪو اعزاز نه آيو، پر بنگلاديش جو آمر جنرل محمد ارشاد اڪيلو بنگلاديش جو آمر جنرل محمد ارشاد اڪيلو بنگلاديشي آهي، جنهن کي اهو ايوارڊ مليو.
    پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهر جو ڪو به سائنسدان، موسيقار، گلوڪار، سماجي ڪارڪن، تعليمي ماهر، مصور يا اديب ان قابل نه ٿي سگهيو آهي ته نشان پاڪستان جو خواب ڏسي سگهي، حالانڪ نشان پاڪستان مرڻ کان پوءِ ڏيڻ تي ڪا به قانوني پابندي نه آهي پر خود محمد علي جناح پاڪستان وٺڻ باوجود نشان پاڪستان ته ٺهيو پر پرائيڊ آف پرفارمنس وٺڻ ۾ به ناڪام رهيو.
    [/JUSTIFY]

    ترجمو عوامي آواز تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پاڪستان ۽ هندستان: فرق صاف ظاهر آهي

    ادا سليمان فرق صاف ظاهر آهي، هندستان هڪ آزاد ملڪ آهي ۽ ڪيترن ملڪن ۽ قومن جو گڏيل ملڪ آهي، هن ملڪ ۾ انصاف، جمهوريت ۽ تعليم ۽ ٻين ڪافي شين ۾ پاڪستان جي نظام کان گهڻو فرق آهي ۔۔۔

    باقي هنن ايوارڊن جي فهرست ڏسي سچ پڇو ته يقين ٿيو ته هن ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان انصاف ٿيڻ وارو ناهي ۔۔۔

    سچ ته بيٺو نچ ۔۔۔ ڪوڙ ڪيستائين هلندو بابلا ۔۔۔ آخر ته ختم ٿيندو

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. شڪيل احمد شاهه

    شڪيل احمد شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2011
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر انسٽرڪٽر
    ماڳ:
    ڪڙيو گهنور، تعلقه گولاڙچي ضلع بدين
    جواب: پاڪستان ۽ هندستان: فرق صاف ظاهر آهي

    هي جملا پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي ۔۔۔۔!! پر ڪُڇڻ وس نه آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو