دلي درد ڪنهن سان ونڊيان؟!!!!!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    سنڌ سلامت جي سڀني ڀائرن کي سلام بندي ڪالھ هڪ ننڍڙو عريضو لکيو هيم، جنهن ۾ بندي هڪ ڏکايل ما جو هڪ درد شيئر ڪيو هيم جنهن ۾ شهيد ياسر عباس جي والدھ پي ٽي وي تي ڏنل انٽرويو ۾ ٻه چار ٻول پاڪستاني فوج کي مخاطب ٿيندي چيا جن کي پاڪستاني عوام براھ راست ڏٺو
    نوٽ بندي انهن جملن کي سنڌ سلامت جي دوستن سان شيئر ڪرڻ چاهيو انهن جملن کي تقريبا ڏهن دوستن پڙهيو ان کان بعد اهو عريضو نظر ئي نه آيو!!!!! جيڪڏهن مون غلط لکيو هو ته مونکي ننڍڙو ڀا سمجهي منهنجي اصلاح ڪئي وڃي ها ۽ وري جيڪڏهن اهو سچ هو ته مٽايو ڇو ويو؟؟؟ سچ تي ڪيترا ڏينهن پردا پيل هوندا نيٺ سچ دنيا آڏو ظاهر ٿيندو پر ان شئي جي ڪري دلي تڪليف پهتي آهي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دلي درد ڪنهن سان ونڊيان؟!!!!!!!

    دوست محمد ۔۔۔۔ اوهانجي لاءِ خاص ۽ سنڌ سلامت تي ايندڙ سڀني دوستن لاءِ ڪجهه عرض آهن؛ اميد ته کليل دماغ ۽ دل سان سمجهندا ۔۔۔

    1۔ سڀ کان پهريان ته هي مذهبي اوطاق ناهي، انڪري هن اوطاق تي سڀني مذهبن ۽ اسلام ۾ موجود سڀني فرقن جا دوست اچن ٿا ۔۔۔ انڪري اهڙو ڪو ليک جيڪو صرف ڪنهن هڪ فرقي جي ترجماني ڪندو هجي، ان کي انتظاميه جي اپروول لاءِ رکيو ويندو آهي ۔۔۔ اوهان دوستن کي عرض آهي ته اوهان بيشڪ پنهنجا ليک موڪليو پر اهڙا جيڪي سڀني مذهبن جي دوستن کي قابل قبول هجن ۔۔۔

    اسلام جا اهڙا ليک جيڪي اختلافي نه هجن ته اهي اکين تي ۽ انجو ثبوت اوهانجا بيا موڪليل ليک به آهن ۔۔۔ جن کي هٿ به نه لاٿو ويو آهي ۔۔۔ انڪري اوهانکي گذارش آهي ته ڪو به ليک موڪلڻ وقت سڀني دوستن جي فرقن کي نظر ۾ رکندا ... ممڪن جيڪو اوهان لاءِ سچ هجي اهو ٻين لاءِ اختلافي هجي ...

    2. ياسر جي ماءُ مفڪر يا ديني عالم ناهي ۽ نه وري انجي چيل ڳالهه ڪنهن قبوليت جو درجو رکي ٿي ... جو ان جي ڳالهه کي اسين پنهنجي دين جو حصو سمجهون ... بيشڪ هن پنهنجي نظرئي جي بنياد تي ڪا ڳالهه ڪئي آهي ... ضروري ناهي ته اسين سڀ ان سان متفق هجون ...

    3. مهراڻ بيس ۾ مرڻ وارا ڪير هئا، حملي ڪرڻ وارا ڪير هئا ....؟؟؟؟ انجي وضاحت ۾ وڃبو ته ممڪن قصو ڪجهه ٻيو ئي نظر اچي انڪري ڪير شهيد آهي ڪير ناهي ... اها ڳالهه اڃان بحث طلب آهي ...

    مرڻ وارو به محمد ته مارڻ وارو به محمد ... مرڻ وارو به ڪلمي گو ۽ مارڻ وارو به ... سنڌي ماڻهون نه ته ان جنگ جو حصو آهن ۽ نه تاريخ جي ڪنهن دور ۾ اهڙي ڪنهن ويڙهه جو حصو رهيا آهن ... انڪري مهراڻ بيس جو حملو ڇا آهي؟ ان جون وضاحتون اڃان باقي آهن ... ڪنهنجي جنگ آهي ڪنهنجي ڳيچيءَ ۾ پيل آهي ...؟؟؟

    اميد ته اوهان سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ انکي هڪ قوم جو فورم سمجهندا نه ڪي ڪنهن هڪ فرقي جو، اسانکي اوهانجي هر ليک جو جيڪو اصلاحي هجي، سنڌيت تي مبني هجي ۽ دين مان به اهڙو ليک جيڪو سڀني دوستن کي قابل قبول هجي ته بيشڪ پيش ڪريو، خوشي ٿيندي ....

    فراخدليءَ جو ثبوت ڏيندا ... ته ٿورائتا .... سنڌي قوم کي هن وقت اتحاد ۽ ايڪي جي ضرورت آهي ... سنڌي قوم کي جاڳرتا ۽ رهنمائي جي ضَرورت آهي ... اوهان جا باقي سڀ ليک موجود آهن.... اميد ته اوهان پنهنجي دل ۾ ڏک کي جڳهه نه ڏيندا ...

    ٿورا ناهن ٿورا ...
     
  3. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    جواب: دلي درد ڪنهن سان ونڊيان؟!!!!!!!

    ادا نثار صاحب اسان به نٿا چاهيون ته اختلاف پيدا ٿئي اسان قرآن جا مڃيندڙ مسلمان آهيون قرآن اسان کي اتحاد جو سبق ياد ڪرائي ٿو (الله جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙيو ٽولا، ٽولا نٿيو) هر مسلمانن کي ياد آهي فقط ياد ڪرڻ جي ضرورت ناهي بلڪه عمل جي ڪرڻ جي ضرورت آهي الله سائين اسان سڀني کي ان ڳالھ تي ڇا پوري قرآن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا ڪندو انشاء الله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو