• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌو دريا جي صورت حال

پوئين سال جي ٻوڏ کان پوء هينئر به اساب جا سٻاجهڙا سنڌي ان خوف ۾ ورتل آهن ته ائين نه ٿئي جو هن سال به سنڌي وسنديو وري ٻوڙائين ۽ وري درپدر ٿيڻو پئي۔۔۔۔۔۔
سو ان لاء ڪجه تجويزو آهن ته
تربيلا جي مسلسل مانيٽرنگ ٿئي ء ان ما اخراج برابر ٿيندو رهي ۽ ان ڏس ۾ اسان جي سنڌي ميڊيا جا سچا نمائندا صحيح صورت حال کان واقف ڪندا رهن ۽ بندن جي چوڪسي ٿيندي رهي مسلسل
پنج نند کان پاڻي جو وهڪرو به نوٽ ڪيو وڃي جيڪو سنڌو ۾واڌو ٻوڏ جو سبب بنبو آهي۔۔۔۔۔۔اميد ته وس وارا ان طرف ڌيان ڏيبدا
 
جواب: سنڌو دريا جي صورت حال

بلڪل سائين

مانيٽرنگ کان سوا۽ ته هن ڀيري به ٻوڏ اچي سگهي ٿئي

پر ڳالهه آهي ميڊيا جي حوالي سان ته خبر کي ڪيئن ٿا وائکو ڪن

گذريل ڀيري جيڪي صورتحال اسان ڏٺي آهي الله پاڪ پناه ڏئي

وس آهر سنگت کي اپيل آهي ته هن ڀيري هوشيار رهن

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌو دريا جي صورت حال

جيتوڻيڪ سنڌي ميڊيا ڪجهه سجاڳ آهي، ۽ سنڌي ادارا به ممڪن ڪي وس ڪن پر ڏٺو وڃي ته وڏي ڀاءُ کي جڏهن ڪنهن شئي جي ضرورت هوندي آهي ته اسانکي سڪائيندو آهي ۔۔۔ پر جڏهن ڪا شئي سندس ڳيچيءَ ۾ پوندي آهي ته ان جو رخ اسان طرف هوندو آهي ۔۔۔

بس مالڪ کي عرض آهي ته هو رحم ۽ ڪرم ڪري سنڌي ماڻهن تي ۔۔۔ پر پوءِ به سنڌي قوم کي هشيار خبردار رهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته گرميءَ جي وڌڻ سبب درياهن ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌڻ شروع ڪيو آهي ۔۔۔ ڏسجي ته انجي سطح ڪيستائين وڌي ٿي ۔۔۔ اهڙي صورتحال تي نظر رکڻ ضروري آهي ۔۔۔

واڳ ڌڻيءَ وس ۔۔۔
 
جواب: سنڌو دريا جي صورت حال

سائين رسول بخش مهربانيون

پر ادا بندن جي مرمت ڪانه ٿي آهي، اهي بند جيڪي ڀڄي پيا هئا انهن جي حالت بهتر ڪانه ٿي ۽ ٻوڏ جو وقت وري قريب اچي ويو آهي۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌو دريا جي صورت حال

هڪ پاسي سنڌ کي ٻوڏ جا ڊپ آهن ته ٻي پاسي وري سنڌ جي پوڇڙ وارن علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، بدين ۽ ميرپورخاص جي ڪيترين ئي شاخن ۾ پاڻي جي لپ به ناهي ۽ انهن علائقن ۾ پوکائي ته هڪ پاسي پر پيئڻ لا پاڻي به اڻلڀ آهي
 
Back
Top