آءُ گذريل ڏينهن پڙهه ڪاريءَ ۾ ويٺو هوس ته منهنجو پُٽُ موريو آيو ۽ چپ چاپ منهنجي ڪرسيءَ جي پويان بيهي رهيو، موريو منهنجي مطالعي دوران ڪمري ۾ اچڻ بعد تيستائين خاموش رهندو آهي جيستائين آءُ کائنس اچڻ جو سبب معلوم نه ڪيان، موريو ڪجهه ڊنل هو، کانس پڇيم، ”ڇا، ڳالهه آهي؟“، ڪجهه نه چيائين، موريي جي اهڙي خاموشي منهنجي لاءِ فڪر جو باعث ٿي پئي ۽ اڻتڻ ۾ کانس معلوم ڪيم“ پُٽَ موريا، تون منهنجو بهادر پُٽُ آهين، ٻڌاءِ ڇا، ڳالهه آهي؟“، چيائين، ” بابا، پاڙي ۾ چون ٿا ته سارنگ کي لالا پٺاڻ کڻي ويا آهن ۽ سارنگ جي ماءِ به ڏاڍيان پيئي روئي“، موريي جي اهڙي ڳالهه مون کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ٻاهر نڪري ڪجهه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، ته ايتري ۾ اُميدان به پڙهه ڪاريءَ ۾ آئي، کائنس پڇيم، ”ڇا، ڳالهه آهي؟“، اميدان به چيو، ” چون ٿا سارنگ کي لالا پٺاڻ کڻي ويا آهن، جو پاڙي جي ڪجهه ٻارن سارنگ کي ٻوريءَ ۾ وجهندي لالن پٺاڻن کي ڏٺو ۽ اچي گهر ٻڌايائون“، مونکي، اميدان جي ڳالهه بعد پڪ ٿي ۽ ٻاهر نڪرڻ جي ڪيم ته موريو منهنجي قميص جي پٺ کي جهلي بيهي رهيو ۽ چيائين، ” بابا، توهان سارنگ کي واپس وٺي اچو ۽ لالن پٺاڻن کي سنڌ مان ڪڍي اچجو نه ته هو مون کي به کڻي ويندا“.
جواب: / لالا پٺاڻ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي / ادا زاهد مهرباني ڪاش اسان اهو سڀ ڪرڻ جي قابل هجون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن وس ۾ هجي ته اڄ ئي ڪري وٺون پر ڇا ڪجي ملڪ جي آئين ۽ پنهنجن جي کپايل ڇرن کي ڇا ڪيون۔ آئي ڏينهن سنڌ ۾ ڌارين جا ڪٽڪ پيا اچن پر اسان ڪجهه به ڪونه پيا ڪيون ۔۔۔۔۔۔۔ اڃان به خاموش رهياسون ته ڪيئي سارنگ کڄندا ۽ ڪيترن ئي مائرن جون جهوليون خالي ٿينديون ۔۔۔۔۔۔۔