شاهه عبداللطيف ڀٽائيء جو جنم ڏينهن - سنڌ ۽ سنڌين کي مبارڪون
عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛
ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ؛
لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي
سنڌ ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته بزرگن ۽ شاعرن جون عرس جون تقريبات ته وڏي ڌام ڌوم سان ٿينديون آهن ۽ انهن کي سرڪاري طور به ملهايو ويندو آهي پر سنڌ جي ڪن ڏاهن اها ڪوشش ڪئي هئي ته انهن هستين جي جنم ڏينهن تي به ڪي خاص پروگرام ڪرڻ گهرجن۔ وري جي انهن هستين مان عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو جنم ڏهاڙو هجي ۽ سنڌي قوم ان ڏينهن کي نه ملهائي ۽ پنهنجي محسن کي ان ڏينهن داد نه ڏئي ته ڪو سٺو سنئوڻ ڪونه لڳندو آهي۔
شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريء ذريعي جيڪو پيغام ۽ فهم اسان تائين پهچايو آهي ان جي هوندي ڪڏهن به سنڌي ٻوليء جي ختم ٿيڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿي۔ اسان وٽ هر تقريب ۾ جيڪڏهن شاهه لطيف جا بيت پيش نه ٿين ته اها محفل ڄڻ ته اڌوري لڳندي آهي۔ ڀٽائي جيڪو ڪنهن بحر کان گهٽ ڪونهي، جنهن جو فلسفو ۽ پيغام ڪنهن عام ماڻهوء جو ناهي۔ ڀٽائي به هڪ بحر بي ڪنار آهي. ان ڪري هن پاڻ لکيو آهي ته:
واقعي ڀٽائي سمنڊ آهي ۽ اسان کي جيڪڏهن هن جي اندر ۾ موجود خزانن مان هڪ ماسو به ملي وڃي ته اسان جي زندگي پر ٿي وڃي. اسان جيڪي سڪڻا آهيون ۽ انهن سامونڊين جي ڪنارن تي اداسيءَ سان انتظار ڪريون ٿا، جن جي ڪيفيت کي بيان ڪرڻ لاءِ ڀٽائيءَ سُر سامونڊي لکيو. هڪ اهڙو سر جنهن جا بيت سرد راتين جي آڪاش تي چمڪندڙ ستارن جهڙا آهن. اهي بيت جن ۾ وڇوڙي جو وڍ آهي. جنهن ۾ هڪ دعا جهڙي بددعا ڏيندي وڻجاري پنهنجي ور لاءِ چوي ٿي ته:
لطيف جو پيغام اسان لاء هدايت سان گڏ جستجو ۽ محنت جو پيغام آهي۔ لطيف سائين ڪنهن حال يا ماضي جو نه پر هر دور جو شاعر آهي۔
ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنر ڀِري آڪاسِ؛
ٻِنين سَندي ڳالِھڙي، رازِقَ آندِي راسِ؛
تَنهِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنهِن مُحبَتي ميڙِيا

”سيوا ڪر سامونڊ جي، جت جر وهي ٿو جال
سوين وهن سير ۾ ماڻڪ موتي لال
جي ماسو ملئه مال ته پوڄارا پُر ٿين“

”وسري ويئي شال جو تو سودو سکيو
اڃان آئين ڪالهه ٿو وڃڻ وايون ڪرين“
اڃان آئين ڪالهه ٿو وڃڻ وايون ڪرين“
لطيف جو پيغام اسان لاء هدايت سان گڏ جستجو ۽ محنت جو پيغام آهي۔ لطيف سائين ڪنهن حال يا ماضي جو نه پر هر دور جو شاعر آهي۔
ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنر ڀِري آڪاسِ؛
ٻِنين سَندي ڳالِھڙي، رازِقَ آندِي راسِ؛
تَنهِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنهِن مُحبَتي ميڙِيا
اڄوڪو ڏينهن اسان لاء ڀاڳن ڀريو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي، عظيم شاعر ۽ رهنما جو جنم ٿيو۔ ان ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ سلامت پاران سڀني سنڌين کي واڌيون هجن۔
نُورِي ۽ نارِي، جوڳِــيَڙا جَهانَ ۾؛
ٻَري جن ٻارِي، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.
ٻَري جن ٻارِي، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.