• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رضا بخاري وڏي اُڻ تڻ آ رستي ۾، اڃا هڪ رڻ آ رستي ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

عاشق سولنگيء جي ڊزائن کي ياد ڪندي ڪالهه فيسبوڪ تي نوجوان شاعر محترم رضا بخاري جي بهترين شاعري پڙهڻ لاء ملي۔ سوچيم ته دوستن سان ونڊ ڪجي۔


وڏي اُڻ تڻ آ رستي ۾،
اڃا هڪ رڻ آ رستي ۾.

وڃين ڪاڏي پيو پوپٽ؟
اڳيان پن ڇڻ آ رستي ۾.

اکين ۾ ڪاغذي سپنا،
مٿان سانوڻ آ رستي ۾.

کـلي اڄ ڀي گــهلي ناهي،
هوا کي وڻ آ رستي ۾.

رضا لئه ٺوڪرون جڳ جون،
پٿر ڪو ڄڻ آ رستي ۾.


23gzl0k.jpg

 
جواب: وڏي اُڻ تڻ آ رستي ۾، اڃا هڪ رڻ آ رستي ۾

سائين تمام بهترين لفظن جي چونڊ آهي. هڪ هڪ لفظ دل اندر سمائڻ جهڙو آهي
ادا رضا بخاري اڄ دل خوش ڪري ڇڏي آهي.
اهڙي بهترين شاعري ڪرڻ تي سائين بخاري صاحب کي ۽ سوهندڙ ڊزائن ۾ سجا ئڻ تي ادي سليمان وساڻ کي مبارڪ ڏيان ٿو..



دعا ۾ ياد








.
 
جواب: وڏي اُڻ تڻ آ رستي ۾، اڃا هڪ رڻ آ رستي ۾

مختصر پر ، پر اثر لفظن سان سنواريل ، تشبيهن جي فن سان ٽمٽار آهي غزل ۔۔ رضا بخاري جي هن غزل سان اهو محسوس ٿيو ته سنڌ جي نئين ٽهي پڻ شاعريءَ جي صنف ۾ خوب واڌاري ڪرڻ جي قابل آهي ۔۔۔

سليمان صاحب پڻ سنڌي ادب کي پنهنجي دلي چاهه سان سنواري پيش ڪرڻ واري فن جو يگانو فنڪار آهي ۔۔۔

ٻنهي دوستن کي واڌايون
 
جواب: وڏي اُڻ تڻ آ رستي ۾، اڃا هڪ رڻ آ رستي ۾

سائين تمام بهترين لفظن جي چونڊ آهي. هڪ هڪ لفظ دل اندر سمائڻ جهڙو آهي
ادا رضا بخاري اڄ دل خوش ڪري ڇڏي آهي.
اهڙي بهترين شاعري ڪرڻ تي سائين بخاري صاحب کي ۽ سوهندڙ ڊزائن ۾ سجا ئڻ تي ادي سليمان وساڻ کي مبارڪ ڏيان ٿو..

دعا ۾ ياد

.

ادا مهربانيون

رضا بخاري وقعي سٺي شاعري ڪري پاڻ مڃرايو آهي۔ سندس شاعري مونکي به وڻي هئي تنهنڪري اوهان دوستن سان پڻ ونڊ ڪيم۔ باقي ادا اسان مڙئي ڪوشش ڪري ڊزائن ڪندا آهيون ۔ اوهان دوستن جي رهنمائي جي ضرورت آهي۔

الله اوهان کي خوش رکي
 
جواب: وڏي اُڻ تڻ آ رستي ۾، اڃا هڪ رڻ آ رستي ۾

رضا لئه ٺوڪرون جڳ جون،
پٿر ڪو ڄڻ آ رستي ۾.

تمام بھترين
 
Back
Top