محبتن جو شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد رمضان منڌرو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2011۔

  1. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    محبتن جو شاعر
    اڄ مرشد لطيف جو جنم ڏينهن آهي، هو اهڙو عظيم شاعر آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ جي مورچي تان ان جي بقا جي جنگ وڙهي آهي. شاهه لطيف محبتن جو شاعر آهي، هن جي ڪلام ۾ قلبي سڪون ئي ان ڪري آهي، جو هن وٽ پيار جي پالوٽ آهي. لفظ لفظ محبت آهي. زندگيءَ جو ڪهڙو رنگ آهي، جيڪو وٽس موجود نه آهي؟ جماليات جو ڪهڙو رخ آهي، جنهن کي هن ڇهيو نه آهي؟ ساڻيهه دوستيءَ جي ڪهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا سندس ڪلام ۾ موجود نه آهي؟ مجازي عشق جا اُلا هجن يا حقيقي عشق جا ڀنڀٽ، اهي سڀ سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن. ڪٿي هو سچو صوفي آهي، ڪٿي ”ناٿ“ کي ”ناهه“ ۾ ڏسڻ وارو جوڳي. ڪٿي هو ساڻيهه دوستيءَ جو مبلغ آهي ته ڪٿي وري سنڌي ٻوليءَ جو محافظ ۽ حڪمرانن جي فارسي ٻوليءَ کي، سنڌيءَ بدران اختيار ڪرڻ جو مخالف. اسان خوشنصيب آهيون ته اسان ان ڌرتيءَ جا رهواسي آهيون، جيڪا لطيف جي ڌرتي آهي. اسان اها ٻولي ڳالهائيندڙ آهيون، جيڪا لطيف جي ٻولي آهي.
    جميل لاشاري/ميرپور خا
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: محبتن جو شاعر

    مختصر پر پر اثر لفظن ۾ لطيف کي ڀيٽا ڏنل آهي ۔۔۔

    تمام سهڻو ليک ونڊ ڪرڻ تي ٿورا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محبتن جو شاعر

    مهرباني ادا


    اڃا تَـنُوران، ڪالهه ڪڍيائون سڄڻين؛
    پڻ تايائون تڪڙو، وحدت جي وَڌان؛
    محبتين مٿان، مچُ مُورائينِ نه لهي!

    لطيف جي ڏهاڙي جي حوالي سان سٺو ليک
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: محبتن جو شاعر

    تمام سهڻو ليک ونڊ، لطيف جي ڏهاڙي جي حوالي سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو