ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
شاھ صاحب جي شعر جي تشريح جو سلسلو شاه صاحب جي ڏهاڙي جي مناسبت سان
دوستن سان معزرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي عليه رحمه جو ڏهاڙو ملهائيجندو رهيو ۽ اسان جي مشين خراب رهي. پر خير آهي ڏينهن جي قيد ۾ ڪٿي ٿو رهي عشق عاشقن جو تزڪرو هر وقت جائز آهي هي اهي هستيون آهن دنيا تي جن جا سڀ ڏينهن آهن اسان به ڪوشش ٿا ڪريون ته پنهنجي حاضري هڻائي وٺون مون اڄ صبح جيئن ئي شاح صاحب جو رسالو کوليو ته هي شعر سامهون آيو
شاھ صاحب عاشق کي محبوب سان ملاقات جي صلاح ٿو ڏئي ته جي تون پرين سان ملڻ ٿو گهرين ته وهريان چورن جي ريت سک يا چوري ڪرڻ سک. هاڻي اسان جي ڳوٺاڻا آهيون اسان سمجهون ٿا ته چوري جو چورن جي نظر سٺو وقت يا چوري ٿيندي ڪهڙي وقت آهي. هتي ڪراچي ۾ ته چوري جو ڪو ٽائيم ئي ڪونهي ان لاءِ هتي جي ته ڳالھ نه ٿي ڪجي .
چور جي چوري جو بهترين وقر اهو هوندو آهي ته سڀ ستل هجن ڪنهن کي ڪنون ڪن خبر نه پوي نه ڪو کنگ کُڙڪو ٿئي. جنهن کٽ کان گذري تنهن کٽ تي ستل ڪنهن شخص کي به خبر نه پوي . ٻين لفظن ۾ ته جي تون الله کي پرچائڻ گهرين ٿو ته تون رات جي ان پهر ۾ اٿ جنهن پهر ۾ سڄو لوڪ ستل هوندو آهي. امام زين لعابدين جي هڪ دعا آهي جا معصوم رات جي ڪنهن پهر ۾ گهري آهي جنهن ۾ پاڻ فرمائين ٿا اي پروردگار هي اهو وقت آهي جنهن وقت هر سخي جا دروازا بند ٿي چُڪا آهن تون ئي آهين جنهن جو دروازو کليل آهي .
جيئن چور آهسته آهسته پير رکي اندر داخل ٿيندو اهي جي چور ڪنهن ساٿي سان مخاطب به هوندو آهي ته اشاري ۾ هو منهن مان حرف به ناهي ڪڇندو
هو ڪڏهن به پنهنجي دل جو احوال ڪنهن کي ناهن ڏيندا. تاريخ گواھ آهي ته الله وارن کي گهاڻن ۾ پيڙايو ويو هنن تي ظمل و ستم جا پهاڙ ڪيرايا ويا پر هنن ڪجھ به ڪين نه ڪڇيو. بس هڪ واقعي تي هن تشريح موضوع کي ختم ڪندس.
هڪ شخص ڪنهن درويش وٽ ويو ته مونکي اسمِ اعظم ڏي ، درويش جي گهڻو ڪجھ منع ڪرڻ جي باوجود هي مسلسل ان جي طلب ڪندو رهيو. آخر درويش ان همراه کي چيو سڃ سڀاڻي وڃي پلِ بغداد تي بيهجان جيڪو ڪجھ ڏسين اچي ٻڌا.جان. هي همراه ٻئي ڏينهن وڃي ان جاءِ تي بيٺو . ڇا ٿو ڏسي هڪڙو ٻڍڙو آهي جيڪو پل تان ٽپي ٿو پيو ٻه سپاهي آهن انهن هن کي جهليو انهن سپاهين ان جهوني کي ماري ماري دريا ۾ اڇلائي ڇڏيو. ٻڍڙو غوطه کائيندو وڃي ڪپر تي پهتو وري نڪري پل تي آيو انهن سپاهين وري ان بابي سان اهو حشر ڪيو ۽ اهڙو حشر گهڻي دير تائين جاري رهيو آخر هن جي برداشت ڪم ڇڏي ڏنو ۽ هي سخص اچي ان درويش وٽ پهتو سڄي حقيقت جا هن پل تي ڏٺي سا وڃي اوريائن . درويش هن کي ڇيو تو ڇا ڪيو تو ان ٻڍڙي کي ڇو نه ڇڏايو. هن چيو مون ان لاءِ ته اوهان کان اسمِ اعظم گهريو ٿي جي مون وٽ اسمِ اعظم هجي ها ته آءُ انهن کي فنار ڪري ڇڏيان ها . درويش وراڻيو توکي خبر آهي جنهن ٻڍڙي سان هنن هي حشر ٿي ڪيو ان وٽ پڻ اسمِ اعظم هيو. جي توکي اسمِ اعظم هجي ته تون ان جي استعمال ڪرڻ جو اهل ناهين ته ان کي ڪٿي استعمال ڪرڻو آهي ۽ ڪٿي استعمال ناهي ڪرڻو . جيئن دويشن جو چوڻ آهي ته جيڪو جنهن جي اهل ناهي ان جي اڳيان اها ڳالھ ڪرڻ ائين آهي جيئن بسري پچائي ڪتي اڳيان وجهڻ ۔
وسلام

جي ڀائين پرين مِڙان ته سک چوران ڪي ڌات
جاڳڻ جشن جن کي سک نه ساري رات
اُجهي ٻجهي آيا ، وائي ڪن نه وات
سَلي سوري چڙهيا ، بيان ڪن نه بات
توڻِي ڪسن ڪات ، ته به ساڳي سلن ڪي نه ڪي
هي شعر شاھ صاحب جي سر يمن ڪلياڻ مان کنيو ويو آهي هن سر جي داستن ٽئين جو شعر نمبر ڇهون آهي.جاڳڻ جشن جن کي سک نه ساري رات
اُجهي ٻجهي آيا ، وائي ڪن نه وات
سَلي سوري چڙهيا ، بيان ڪن نه بات
توڻِي ڪسن ڪات ، ته به ساڳي سلن ڪي نه ڪي
شاھ صاحب عاشق کي محبوب سان ملاقات جي صلاح ٿو ڏئي ته جي تون پرين سان ملڻ ٿو گهرين ته وهريان چورن جي ريت سک يا چوري ڪرڻ سک. هاڻي اسان جي ڳوٺاڻا آهيون اسان سمجهون ٿا ته چوري جو چورن جي نظر سٺو وقت يا چوري ٿيندي ڪهڙي وقت آهي. هتي ڪراچي ۾ ته چوري جو ڪو ٽائيم ئي ڪونهي ان لاءِ هتي جي ته ڳالھ نه ٿي ڪجي .
چور جي چوري جو بهترين وقر اهو هوندو آهي ته سڀ ستل هجن ڪنهن کي ڪنون ڪن خبر نه پوي نه ڪو کنگ کُڙڪو ٿئي. جنهن کٽ کان گذري تنهن کٽ تي ستل ڪنهن شخص کي به خبر نه پوي . ٻين لفظن ۾ ته جي تون الله کي پرچائڻ گهرين ٿو ته تون رات جي ان پهر ۾ اٿ جنهن پهر ۾ سڄو لوڪ ستل هوندو آهي. امام زين لعابدين جي هڪ دعا آهي جا معصوم رات جي ڪنهن پهر ۾ گهري آهي جنهن ۾ پاڻ فرمائين ٿا اي پروردگار هي اهو وقت آهي جنهن وقت هر سخي جا دروازا بند ٿي چُڪا آهن تون ئي آهين جنهن جو دروازو کليل آهي .
جاڳڻ جشن جن کي سک نه ساري رات
مطلب چور رات جو جاڳندو آهي ۽ جڏهن چوري لاءِ نڪرندو آهي ۽ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته اهو ويلو ان جي جشن جو خوشي جو هوندو آهي . توهان ڪنهن چور کان پڇي ڏسو ته جڏهن هو چوري تي ناهي ويندو ته ان جي رات ڪيئن گزرندي آهي ، هر وقت ان کي لڇ پڇ رهندي آهي . ته شاه صاحب به چوي ٿو ته جي تون جنهن رات محبوب سان( محبوب مان مراد ذاتِ حقيقي آهي ) ملڻ نه اٿين تهنهنجو سک حرام ٿي وڃي تون محبوب سان لڪي ملڻ لاءِ ايترو ته گهٽ ۾ گهٽ بيتاب رح جيترو چور چوري تي نه وڃڻ سان بيتاب ٿي ويندو آهي
اُجهي ٻجهي آيا ، وائي ڪن نه وات
جيئن چور آهسته آهسته پير رکي اندر داخل ٿيندو اهي جي چور ڪنهن ساٿي سان مخاطب به هوندو آهي ته اشاري ۾ هو منهن مان حرف به ناهي ڪڇندو
سَلي سوري چڙهيا ، بيان ڪن نه بات
چور سولي چرهي ويندو آهي پر واتان ناهي ڪڇندو.