ميون جي بادشاهه انب جا طبي فائدا تحرير: حڪيم نذير احمد شيخ [JUSTIFY] رب پاڪ انسان ذات جي ڀلائي، فائدي ۽ ذائقي لاءِ مختلف کاڌي پيتي جون بيشمار شيون پيدا ڪيون آهن. هر موسم جو الڳ ميوو هوندو آهي. هر کاڌي جو پنهنجو ذائقو ۽ فائدو هوندوآهي. ان حوالي سان پاڪستان دنيا جي ڪافي ملڪن کان وڌيڪ خوش نصيب آهي جو هر موسم ۾ پنهنجي مقرر وقت تي وڏي مقدار ۾ جيڪا به ڀاڃي يا جنس ميوو اچڻو هوندو آهي اهو مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ اچي ويندو آهي. ڪافي ملڪن ۾ انب ۽ کجهور وغيره پيدا نه ٿيندا آهن پر ماشاءَالله پاڪستان ۾ انب جا مختلف قسم مختلف نالن سان پهريائين سنڌ ۾ پوءِ پنجاب ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ چار مهينا يا ٿوري گهڻي فرق سان انب وافر مقدار ۾ مارڪيٽ ۾ موجود هوندو آهي جو ان جو ذائقو ۽ مٺاس سڀني ميون کان وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي، انب واحد ميوو آهي جنهن جي اچڻ ۽ کائڻ جو هر ڪنهن کي انتظا رهندو آهي. عربي ۾ انب کي انبج، فارسي ۾ انبه، سنڌي ۾ انب، اردو ۾ آم، انگريزي ۾ مينگو چئبو آهي. پڪل ۽ تيار ٿيل انب رت وڌائي ٿو. جسم کي طاقت ۽ توانائي بخشي ٿو. مادي توليد کي گهاٽو ڪري ٿو. انب مُلين آهي يعني پيٽ کي نرم ڪري ٿو. پراڻي قبضي وارن ماڻهن جي قبضي ٽوڙي ٿو. معدي ۽ گردن مثاني کي طاقت بخشي ٿو. انب جي تيار ٿيڻ کان پهرين ننڍيون وڏيون انبڙيون وڻن مان ڄڻنديون آهن، جن مان مرب ۽ چٽڻي وغيره تيار ٿيندي آهي ۽ هر قسم جي ٻوڙ ۾ وجهڻ سان کٽاس ۽ ذائقو اچي ٿو. ضروت ۽ مقدار کان زياده انب کائڻ جي نتيجي ۾ پيٽ ۾ گيس ڀرتي بادي ۽ سور ۽ پيچش ٿيڻ جو امڪان رهي ٿو. انب جي مزاج گرم آهي جن ماڻهن کي اڳي ئي گرمي ۽ پگهر زياده اچڻ جي شڪايت هوندي آهي انهن کي انب احتياط سان ۽ حسب هضم کائڻ گهرجي. انبن جا نالا ته مختلف آهن. تقريبن سڀ مٺا آهن پر ذائقو ۽ مزو هر ڪنهن جو الڳ الڳ آهي. سنڌ ۾ سنڌڙي انب جيڪو ميرپورخاص ۾ ٿئي ٿو، نه صرف پاڪستان پر دنيا ۾ مشهور آهي. سنڌڙي انب جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ مٺاس آهي. ٿڌي کير ۾ انب جو جوس تيار ڪري پيئڻ سان دل دماغ ۽ جسم کي طاقت توانائي سڪون ۽ فرحت نصيب ٿئي ٿي. انب جي انبڙين مان مختلف قسم جا آچار ۽ چٽڻيون تيار ٿين ٿيون. انب کائڻ سان جسم ۾ طاقت اچڻ سان گڏ چهري ۾ رونق اچي ٿي. (حامله) يعني اميد سان عورتن کي انب کائڻ جي نتيجي ۾ ٻار صحتمند ڄمي ٿو ۽ کير پياريندڙ مائرن کي انب کائڻ سان ٿڃ جو مقدار وڌي ٿو. انب چند مهينن جو مهمان ميوو آهي. جيڪوغريب امير هر ڪو پنهنجي حال حيثيت مطابق روزانو کائي ٿو. جڏهن سنڌ ۾ انب جي پڇاڙي ٿيندي آهي ته وري پنجاب ۾ انب جي شروعات ٿيندي آهي. انسان ذات لاءِ جيڪي ضروري حياتين يعني وٽامنز صحت کي برقرار رکڻ لاءِ هونديون آهن اهي سڀ موجود آهن. انب ۾ فاسفورس، ڪيلشيم، پوٽاشيم، گليڪوز، شڪري نشاستو، وٽامن اي بي سي وافر مقدار ۾ شامل آهن. تيز مٺي هئڻ سبب ذيابيطس (شگر) جي مريضن لاءِ ليول وڌائڻ جو سبب بڻجي ٿو پر هو ذيابطيس جي مريض کي باوجود ڪيترو به منع ڪجي انب کائڻ جو شوق جنون جي حد تائين هوندو آهي. منع ڪرڻ سان جواب ملندو ته هڪ وزن گوري جو وڌائڻ کائي ڇڏبو، ورهين کان سنڌ جي ثقافت ۽ رواج رهيو آهي ته اهي زميندار جن وٽ انبن جو باغ آهي اهي انب پيتين ۾ وجهي پنهنجي دوستن، عزيزن قريبن، مٽن مائٽن ۽ حاضر سروس ڪرسي تي ويٺل ڪامورن کي تحفي طور پيتيون پهچائيندا آهن. تحفي ۾ مليل انبن جي پيتين کائڻ جو مزو ئي پنهنجو هوندو آهي. ان سان تعلقات تازا ٿين ٿا. محبت وڌي ٿي. سياڻا ۽ سمجهدار دُورانديش سرڪاري ملازم جن کي پنهننجي باس يعني وڏي صاحب مان ڪو ڪم وٺڻو هوندو آهي. پروموشن ۽ پري کان اوري بدلي ڪرائڻي هجي انبن جون پيتيون بازار مان خريد ڪري صاحب جي غريب خاني تي پهچائڻ سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا آهن. اهو تجربو ڪافي عرصي کان هن دور تائين ڪامياب ثابت ٿيو آهي. هڪ رٽائرڊ صاحب وڏي آهه ڀري ڏک مان حال اوريو ته حڪيم صاحب اهو به ڪو وقت هو جو گهر ۾ انبن جي پيتين رکڻ جي جاءِ نه هوندي هئي همراهه جي راهي پوکي مڙيئي نالي ماتر هئي هاڻي ته انب روز گاڏي تان خريد ڪرڻا پون ٿا. جنهن کان سوال ڪيم ته ماضي ۾مليل مفت جي انبن کائڻ ۽ هن وقت پينشن جي پئسن مان انب خريد ڪري کائڻ ۾ ڪو فرق آهي يا نه؟ حڪيم صاحب فرق صرف اهو آهي ته هاڻي انب ڳڻي پوءِ ٿا ڇري هڻي وڍيون، اڳ تعداد جو ڪاٿو ڪوبه نه هو. بحرحال هو صاحب جي پنهنجي لياقت، عزت، حيثيت ۽ اخلاق ۽ پوک آهي. ضروري نه آهي ته هر رٽائرڊ صاحب سان ساڳيون حشر هجي ماشاءَالله سنڌ محبت خلوص خدمت ڪندڙن کان خالي نه آهي. اصلي ۽ بنيادي قرب وارا قريب دوستن جيڪي بغير ڪنهن لالچ جي محبت جي رشتي کي ڳنڍڻ ۽ وڌائڻ برقرار رکڻ لاءِ انبن جي پيتين کي ونڊي ورڇي ورهائي کائڻ جي رواج کي قائم رکندا اچن. انبن جي مٺاس پنهنجي جاءِ تي پر خلوص جي مٺاس جي ڪا قيمت نه هوندي آهي. انسان جو پنهنجو ڪردار اخلاق ۽ محبت هوندي آهي جيڪا ٻي کي پاڻ ڏانهن متوج ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندي آهي. آخر ۾ اهو لکندس ته جتي انب جا طبي فائدا به گهڻا آهن اتي انب جي پيتين جا دنياوي فائدا به گهڻا آهن. انبن جي پيتين جو اهو به فائدو آهي ته وسري ڪانه ٿي ايندڙ سال تائين يادگيري رهي ٿي.[/JUSTIFY] روزانه عبرت تان ورتل
جواب: ميون جي بادشاهه انب جا طبي فائدا هاءِ ڙي انب ۔۔۔ هاء لڳي ٿو هن دفعي يار وساڻ اصل ڏاڍا انب کائيندو ۔۔۔ انبڙيون کائڻ وات کي چسڪا ڏيڻ اکيون ڀڃڻ به مزيدار هوندو آهي انهن کٽين انبڙين مان ڪئين مٺا انب ٿين ۽ وري انهن کي کير ۾ ملائي پيئڻ به سٺي ڳالهه آهي ۔۔۔ انب کي هٿ ۾ ولوڙي انجو جوس ٺاهي، انب کي چوسسڻ ۔۔۔۔ وات ۾ پاڻي اچي ويو آهي، وڌيڪ لکڻ جهڙا ناهيون ۔۔۔ انب جي واکاڻ ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪجي ۔۔۔؟ شان آهي رب جو ڪهڙو ڳائي ڪهڙو ڳائجي ۔۔۔؟