shabana nawaz panhwar
سينيئر رڪن
بي وفا ۽ بي بقا آ زندگي
ٿي عطا پر ڄڻ خطا آ زندگي
اڻ ڳڻِا ۽ اڻ ڪٿيا هي خواب ڇو
اڻ جهليا ۽ اڻ پليا هي عذاب ڇو
آ اجازت سوال نه جواب جي
هت به آ ۽ هت به سزا آ زندگي
جي ڪري هي ٿو برو آ آدمي
جي چڱو آ ڪوٺجي ٿو پيو ولي
پوء به آزادي نه مرضي آ ملي
پيو پتو ڪنهن کي نه ڇا آ زندگي
آ وڏو پنهنور هي ڪو فلسفو
پاڻ ڄاڻي ٿو ڌڻي هي سلسلو
سور ڏئي ۽ پاڻ ئي ٿو ڪري ڀرجهلو
ٿي سگهي ٿو ٿي سخا آ زندگي