اسلام عليڪم دوستو! غلام عباس مگسي حاضر آهي۔ هن ويب سائٽ بابت مونکي جهانداد سمون ٻڌايو۔ www.magssi.com منهنجي سائٽ آهي۔ ٽائم ڪڊي هن فورم تي شيئرنگ ڪندس انشاالله۔ الله حافظ
اسلام عليڪم محترم غلام عباس مگسي صاحب سنڌ سلامت فورم جوائين ڪرڻ تي توهان جا لک لائق۔۔ ڀائو توهان جي سائيٽ شاندار ڇا جاندار آهي۔ ان ۾ توهان جي محنت ته نظر آئي آهي پر ادا جهانداد سمون پڻ واضح آهي۔ ادا اهو ئي سبب هيو جو مون کي سنڌي زبان ۾ سنڌ سلامت فورم ٺاهڻ جو خيال پيدا ٿيو۔ مون کي يقين آهي ته اسان جا سنڌي نوجوان انتهائي قابل ۽ محنتي آهن بس انهن کي صحيح دڳ ڏيکارجي ته هو پنهنجي مٺي زبان کي عروج تائين پهچائي سگهن ٿا۔ توهان کي عرض ته پنهنجي مصروف شيڊيول مان پنهنجي مادري زبان لاءِ پڻ ٿورو ئي صحيح پر وقت ضرور ڪڍو ته جيئن فورم کي ڪنهن اوچي مقام تائين پهچائي سگهجي سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سائين غلام عباس مگسي توهان سان سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تي تعارف پڙهي ملاقات ٿي، اصل اسان جا ڀاڳ جاڳي پيا، دوست توهان لکيو آهي ته توهان پنهنجون محبت ڀريون لکڻيون سنڌ سلامت جي سرويچ دوستن سان شيئر ڪندا، ضرور مٺا اسان بس ائين سمجهو ته توهان جي لکڻين جا شدت سان منتظر رهنداسين مهرباني سائين
ادا مگسي صاحب معاف ڪجو جو مهنجي نظر هن پوسٽ تي دير سان پئي مان اوهان کي جلدي ويلڪم نه چئي سگهيس خير دير آيد درست آيد ادا عباس مگسي صاحب اسان اوهان کي دل جي گهرائين سا سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ اوهان کا اها ئي اميد ڪيون ٿا ته اوهان پهنجي منفرد شيئرنگ سان هن فورم جي سونهن ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ڪندا ۽ اوهان جي لاء هي گلن جا تحفا اميد ته قبول پوندا
ادا مگسي صاحب هن پوسٽ کي دير سان پڙهڻ جي ڪري هي ناچيز معذرت ٿو ڪري، ۽ توهان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀلي ڪار ڪري ٿو، ادا اڄڪلهه جي هن مصروف دنيا مان اگر توهان جهڙا ذهين ۽ جوڌا جوان پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون پنهنجي ماکي کان به مٺڙِ ٻولي جي لاءِ ڪڍندا ته اسان جو هي فورم جلد ئي اوچي مقام تي پهچي ويندو۔