/ قوم تي چٽي/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

'ڪهاڻيون' فورم ۾ زاهد ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2011۔

  1. زاهد ميراڻي

    زاهد ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، ويب انجنيئر، شارٽ اسٽوري رائٽر، سياستڪار
    ماڳ:
    ڪراچي
    ”ڇو، ابا تون ڪجهه ڏينهن کان اسڪول کان جلدي، جلدي پيو اچين“، صدوري جي ماءَ کائنس پڇيو، صدورو ڳوٺ جي اسڪول ۾ چوٿين درجي ۾ پڙهندو آهي، جنهن جو اڌ ڀوتار جي قبضي ۾ آهي جنهن ۾ سندس ڪجهه شڪاري ڪتا ۽ چور رهندا آهن، چور ڀوتار جي سؤٽاڻي آڪهه مان آهن ۽ ڪتاب ڀوتار جي ڏاڏاڻڪي آڪهه مان آهن، جيڪي کيس تمام گهڻو پيارا آهن،
    صدورو ڳوٺ جي چوٿين ڪلام ۾ پڙهندو آهي، هڪ ڏينهن ماءَ کي چيائين، ” امان، مون کي شهر ماما جن ڏي موڪل مان اتي پڙهندم، هتي ته سائين جن پڙهائي ئي نه ٿا“،
    ماڻهنس، کائنس پڇيو، ” پوءِ اهي ماستر مڙه ڪندا ڇا، آهن؟“،
    صدوري کيس جواب ڏنو، ” امان، سائين جن رڳو پنهنجي پگهارن، پي اسڪيلن، موڪلن، هڙتالن ۽ ڇوڪرن جون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ اسان کي دڙڪا ڏيئي چوندا آهن، منهن هيٺ ڪري پڙهو“،
    صدوري ماءَ کي ويچارو ٿيندي چيو، ” امان، سائين نه پڙهائيندو ته پوءِ اسان پڙهنداسي ڪيئن، ڀلا منهن هيٺ ڪري ڪيئن پڙهي سگهبو، اسان ڪو ڀوتار جي ڪڙمي ٿورئي آهيون جو سدائين ڪنڌ هيٺ هجي“،
    ماڻهنس چيو، ” تون انگريزيءَ پڙهڻ لڳندي ته توکي مامهن جن ڏانهن موڪليندم“،
    هن کان ٻيو ڪجهه نه سنبريو، وڏا هٿ مٿي کڻي چيائين، ” شل رب ڪندو انهن ڀوتارن جي ماسترن جي ٽانڪي ٽنندي، ڳاٽو ڀڄندن جو انهن ٻچڙن جي تعليم برباد ڪري سڄي قوم کي رولي ڇڏيو آهي“،
    صدوري جي ماءَ تڌو ساهه کڻندي چيو، ” شل الله سائين، استاد الاهي بخش کي جنت نصيب ڪري جنهن جي ڪري ڳوٺ جو اسڪول آباد هو ۽ منهنجي ٻچڙي به ٻه اکر علم جا پرايا، باقي هي ماستر ته قوم تي چٽي آهن، اهڙن ماسترن کي ته ماءَ ڄمندي ئي گهٽو ڏيئي ها ته اڄ اسان کي هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها“.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: / قوم تي چٽي/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    ادا زاهد صدوري جي ماءُ جيئان اسانجا هٿ به مٿي آهن ” الله سندن ٽانڪي ڦاڙيندو“

    سنڌ جا اهي جني اسڪول ۽ جني استاد، پڙهائيءَ کي ائين کائي، ٿڪ سماج تي اڇلائن ٿا جيئن مهاجر پان کائي نئين ٺاهيل ۽ اڇي پوچيءَ ڏنل ڀت تي اڇلائيندا آهن ۔۔ اهڙن استادن جي نگرانيءَ ۾ پڙهندڙ ٻارن کي الله بچائي باقي هو پوري ڪوشش ڪن ٿا ته سماج ۾ چور ۽ بي ايمان پئدا ٿين ۔۔ جيڪا سماج تي ان پان جي ٿڪ کان به گهرا نشان چٽي ٿي ۔۔۔

    بس ڙي ابا ڪا ٽانڪي ڦاٽندن ۔۔۔۔ آمين
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: / قوم تي چٽي/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    سائين قوم جنهن عذاب مان گذري رهي آهي ان عذاب کان نڪرڻ لاءِ قرباني جي ضرورت آهي اسان اڃان برادرين جي چڪر مان ناهيون نڪري سگهيا جي استاد اهن ته اهي يا ته ان برادري جا آهن ۽ ڪو برادري سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار ڪونهي ، يا وري ٿيون ياريون پيون نڀائجن ، نه استاد کي شوق آهي نه وري شاگرد پڙهڻ ٿا چاهين جي ڪو هڪ ٻار پڙهائي لاءِ تيار به آهي ته حال اهي آهن جي اوهان ميان صدوري جا ڏٺا ٽانڪين ٽٽڻ جي دعا تان هي سعر ياد پيو اچي۔
    نه هاٿون مين جنبش نه پاؤن مين زور
    خدا تيري دشمن سي ڪيسي هم لڙين
    بس دعا ڪرتي هين يه هم ليٽي ليٽي
    خدا ڪري جرمن ڪي توپون مين ڪيري پڙين
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: / قوم تي چٽي/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    ادا زاهد مهرباني

    ڪاش اسان جا ستاد پڙهائڻ شروع ڪن. پر هتي ته استادن جون تنظيمون سياسي پارٽين کان به وڌيڪ مضبوط آهن. تعليم ئي جنهن ذريعي اسان ترقي ڏانهن وڌي سگهون ٿا...

    ادا زاهد جي ننڍڙي پر پُر اثر ڪهاڻي آهي ۔۔۔۔۔۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: / قوم تي چٽي/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    بهترين ادا ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو