
6 جون سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جو جنم ڏڻ آهي۔ سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پارن سائين هدايت بلوچ کي سندس جنم ڏڻ تي واڌايون۔
نامياري شاعر ، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ جو جنم 6 جون 1948 ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام نبي اداسي بلوچ آهي جيڪو به سنڌي ادب ۽ شاعري جو وڏو نالو رهيو آهي. پاڪستان جو ناليوارو براڊڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندس وڏو ڀاءُ آهي.
هدايت بلوچ جي تعليم ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي آهي. 1972 کان 1987 تائين ڪراچي شپ يارڊ ۾ مختلف انتظامي عهدن تي ڪم ڪيائين. 1987 کان 2008 تائين پي آئي اي ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سر انجام ڏنائين. 1994 کان 1998 تائين سندس مقرري مئنيجر ڪارگو طور سنگاپور ۾ رهي 2005 کان 2008 تائين بنگلاديش ۾ پي آئي اي جو ڪنٽري مئنيجر رهيو.
ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. روزاني عوامي آواز ۾ سندس هفتيوار ڪالم ۽ ڪافي عرصي کان چئوسٽا به ڇپبا رهيا آهن. ان کانسواء روزاني هلال پاڪستان ، روزاني جاڳو ۽ روزاني خبرون ۾ به سندس چئوسٽا ڇپبا رهيا آهن.
پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا ٽن سالن لاء ميمبر به رهيا. هن وقت پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۽ ڍاڪا ڪلب آف بنگلاديش جو ميمبر آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا لائيف ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم رڪن آهن. ٻه دفعا سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي گڏجاڻين ۾ امريڪا ۾ به شرڪت ڪئي اٿس.
هدايت بلوچ سنڌ سلامت تي ۽ خاص ڪري مون تي گهڻو مهربان رهيو آهي ۽ اسان جي رهنمائي پڻ ڪئي اٿس جنهن لاء سندس لک قرب۔ فيسبوڪ تي گهڻو سرگرم رهندڙ ۽ ٻين کي همٿائڻ وارو هدايت بلوچ ڪجهه ڏينهن اڳ اسان سان گڏ الزامن جي گهيري ۾ به رهيو پر سنڌي ٻوليء جي واڌاري لاء اهي سڀ سور سهي اسان سان سدائين گڏ رهيو۔
دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي زندگيء جون اڻ کُٽ بهارون مسڪرائيندي گذاري۔۔۔۔آمين۔
سندس ڪجهه چونڊ شاعري هتي ونڊ ڪجي ٿي:


