احسان دانش ٽي مختصر ڪهاڻيون ڌرتي باز دنيا جو چڪر لڳائي پنهنجي تيز ۽ تکين نظرن سان سڀ ڪجهه ڏسي ٿڪجي واپس انهيءَ بلند پهاڙي چوٽيءَ تي آيو جتي سندس ٻچا هن جو انتظار ڪري رهيا هيا. هڪ ڪمزور ٻچي ڪنڌ لوڏيندي کانئس پڇيو: ”بابا تو پنهنجي تيز نظرن سان هن دنيا ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟“ باز چيو: ”مونکي خواهش هئي ته بلندين تان هن سڄي جهان کي پنهنجي تيز نگاهن سان چڱي طرح ڏسان، منهنجي اها خواهش ته پوري ٿي آهي پر مون هن دنيا کي ڏسي خوشيءَ بدران ڏک پرايو آهي.“ ٻئي ٻچي جيڪو ڪجهه چُست هيو کانئس فورن پڇيو: ”بابا سو وري ڪيئن؟“ باز جهيڻي آواز ۾ چيو ”منهنجا ٻچا هيءَ دنيا پري کان جيتري خوبصورت نظر اچي ٿي قريب کان غور سان ڏسندؤ ته اوتري ئي بدصورت آهي.“ سڀ کان ننڍڙي ٻچي آکيري جي ڪکن مان منڍي ڪڍي چيو ” ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. “ باز پنهنجون تيز نگاهون اولهه طرف اُڇليون جتي سج ڌرتيءَ کان روشني کسي پهاڙن جي گود ۾ سمهي رهيو هو. ”منهنجا ٻچا مان ان آس ۾ ويو هوس ته هن دنيا جو حسن ۽ رنگيني پنهنجي اکين ۾ اوتي پنهنجي نور کي وڌائيندس، پر هن دنيا جي سڀ کان اُتم مخلوق کي جڏهن هڪ ٻئي جون سِسِيون لاهيندي، هڪ ٻئي مٿان بم وسائيندي ۽ خون جا درياءَ وهائيندي ڏٺم ته لڙڪ لڙي پيم ۽ پنهنجي اکين جي روشني جهڪي محسوس ڪيم، ۽ سوچيم ”هيءَ ته وحشي جانورن جي جاءِ آهي، هتي انسان ڪيئن ٿا رهن؟!“ باز هڪ نظر پنهنجي سڀني ٻچن تي وجهندي چيو ” منهنجا ٻچڙئو! توهان خوش نصيب آهيو جو ڌرتيءَ کان دور آهيو. توهان ڀاڳوند آهيو جو توهانکي اوچائين تي ئي شڪار ملي ٿو وڃي. ڪڏهن هن ڌرتيءَ جي ويجهو به نه وڃجو، ڇو ته اها ڌرتي دوزخ جو ٻرندڙ گولو آهي، جتي قدم قدم تي موت آجيان ٿو ڪري!!“ ڏوهي ”هليو وڃ هتان، تيسيتائين منهنجي نظرن اڳيان ٽري وڃ جيسيتائين منهنجي دل ۾ ٻريل باھ ٿڌي نه ٿئي.“ هن جي لهجي ۾ تلخي هئي. ”پر توهان مونتي ايڏي ڪاوڙ ڇو ٿا ڪيو.“ چيو مانس ”تون ڏوهي آن تنهنجو ڏوھ معافي لائق ناهي.“ منهن ڦيري چيائين چيم ”مان اهڙو ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي، جنهن جي معافي نه ٿي ملي سگھي!“ ”ايڏو معصوم نه بڻج.“ اشهد آڱر مون ڏي سڌي ڪندي چيائين ”تو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ ڪيو آهي.“ سمجھ ۾ نه آيو چيومانس ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ ........ ڏسو توهان کي ٻڌائڻو پوندو ته مان ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي؟“ چيائين ”تون جابر دادا کي ظالم، سفاڪ ۽ قاتل سڏيو آهي.“ چيم ”مون غلط نه چيو آهي هو واقعي وڏو رهزن ۽ قاتل آهي.“ غصي ۾ چيائين ”تون وڏو بي وقوف ۽ جاهل آهين جو توکي پنهنجي عظيم ڏوھ جو احساس به ناهي.“ روشني ”ٺا“ ”روشني مري وئي!“ سڄي پاڙي ۾ هُل. پڻهس جي وارن ۾ ڌوڙ ڳلن تي ڳوڙها ۽ رڙيون. روشنيءَ جو جنم ڪيڏيون خوشيون کڻي آيو هو، سڄي ڪٽنب لاءِ. ابي امڙ ٻارنهن سال بي اولاديءَ جو عذاب سهڻ، پيرن تي باسون باسڻ، چلا ڪڍائڻ کان پوءِ روشني حاصل ڪئي هئي. پڻهس کيس هنج ۾ کڻي چيو هو ”هيءَ منهنجي وجود جي روشني آهي.“ روشني ائين ماري ويندي ڪنهن کي ڪَل نه هئي. هن جڏهن گھر جي آڳر تي پهريون وکون کنيون هيون ته ماڻهس اول گھول وئي هئي. پڻهس ٻانهن ۾ ٻکي مٺيون ڏنيون هيس. هوءَ ڳوٺ جي پهرين نينگري هئي جيڪا يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي آئي هئي. پڻهس لوڪ جا ڪيڏا طعنا تنڪا سَٺا هئا روشنيءَ کي پڙهائڻ عيوض. روشني هن جي اکين جو نور هئي. هو هڪ پل ۾ ائين بي نور ٿي ويندو، هن ڪڏهن سوچيو نه هيو. روشنيءَ جا لفظ گلن جهڙا ڪومل. هن جي سوچ آبشارن جيان اجري. پر اها ڪوملتا ۽ اوجر بندوق جي هڪ ٺڪاءَ سان پکين وانگر ڪنهن ڏسا اڏامي وئي. ”روشني مري وئي.“ خوف جو هڪ طوفان سڄي ويڙهي کي ويڙهي ويو. روشني ڳوٺ جي نياڻين کي شعور جي روشني ٿي ڏني. اهو ئي سندس ڏوھ هيو. روشنيءَ جو سوٽ، ڪورو جاهل، ڪڪڙن جو خفتي، وڏيري جو چمچو. وڏيري جي اک ۾ روشني چڀي رهي هئي ڪنڊي وانگر. هو انڌيرنگريءَ تي راڄ ڪرڻ جو هيراڪ هيو، تنهن ڪري روشني هن جي دشمن هئي. ڪوري جاهل، ڪڪڙن جي خفتي، وڏيري جي هڪ اشاري تي بندوق جي هڪ ٺڪاءَ سان روشنيءَ کي راھ تان هٽائي ڪارنهن جو الزام هنيو. ”روشني .... ڪاري!“ سڄو لوڪ حيران.
جواب: احسان دانش جو ٽي مختصر ڪهاڻيون احسان دانش جون مختصر پر معني سان لبرير آهن هي آکاڻيون ، جنهن ۾ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ انساني شيطانيون آهن ... انسان هن سون ورني ڌرتيءَ تي بجاءِ جو گلن جي مهڪار پئدا ڪئي هجي ها، بارود جا ڍير ٺاهيا آهن، جت سچ کي ڳولي ڳولي ماريو وڃي ٿو ۽ سچ سوريءَ سزاوار آهي، جت علم جي روشنيءَ کي جهالت جا علمبردار ائين ئي مارن ٿا جيئن روشنيءَ کي ماريو ويو آهي ۔۔۔۔ ڏسڻ ۾ ته ٽي آکاڻيون آهن پر آهن هڪ ئي سماج جو رنگ ۔۔۔ هڪ ئي سماج جا ڪئي رنگ ٿورا ناهن ٿورا
جواب: احسان دانش جو ٽي مختصر ڪهاڻيون سائين رضوان گل اوهان جا قرب جو اوهان سنڌ سلامت تي اچي اسان سان سهنا ليک ونڊ ڪيو ٿا سچ ته ادا احسان دانش جي هنن ننڍڙين ڪهانين م ڪو درد سمايل آهي جيڪو لڦن جي صورت ۾ ٻاهر نڪري نروار ٿي رهيو آهي۔ انسان ايڏو ويري ۽ سفاڪ آهي ۔۔۔؟؟؟ اهو انسان جيڪو اشرف المخلوقات ٿو سڏائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ته مونکي الائي ڇو انسان سان نفرت ٿيندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان پڻ ۔۔۔۔ انسان ايڏو انا پرست آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ احسان دانش شاعري سان گڏ پنهنجي خوبصورت تخليقن ذريعي سنڌي ادب جي خدمت ۾ ڪوشان آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔کيس سلام