سنڌي ٻولي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2011۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته پنهنجي ٻولي سان گڏوگڏ ٻين ٻولين کي به سنڌي نمائندا مقام ڏيارڻ لئه پاڻ پتوڙي رهيا آهن جنهن جو ڪو مطلب سمجه کان ٻاهر آهي جن ٻولين کي الفابيٽ به نه آهي باقي رهيو سنڌي ٻولي جو جيڪا صدين کان پنهنجي وجود کي قائم دائم رکيو اچي ۽ اهي سڀ خوبيون رکيٿي جيڪي هڪ انٽرنيشنل ٻولي ۾ هونديون اهن اسان کي ٻين ٻولين جو سهارو ڇو ٿو وٺڻو پئي۔۔۔۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي

    سائين رسول بخش صاحب مهربانيون

    مونکي ڳالهه ڪجهه سمجهه ۾ ڪانه پئي اچي۔ مهرباني ڪري ٿورو وڌيڪ واضح ڪري اسان جي رهنمائي ڪندا۔ اوهان ڪهڙي ڳالهه چوڻ ٿا چاهيو کولي ٻڌايو ۽ ان تي وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي ڪيو ته جيئن اسان به ان تي لکي سگهون۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻولي

    سهڻا دوست دائود پوٽه صاحب، اوهانجو افسوس جائز آهي پر آءُ انکي سمجهانٿو ته جيڪي پارٽيون يا شخصيتون پاڪستان جي سياست ڪن ٿيون ۽ هن مسئلي کي کڻن ٿيون سي سڀني پاڪستان ۾ شامل قومن جي ڳالهه ڪن ٿيون ۽ جيڪي پارٽيون يا گروهه سنڌ جي سياست ڪن ٿا سي سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت يا قومپرست اڳواڻ ۔۔۔۔ جيئن ته پاڪستان جي آئين يا حڪومتي ڪرسيءَ جي راند کيڏڻ وارا ته صرف ان مسئلي کي به سياسي رنگ ڏئي پنهنجو سڪو چمڪائن ٿا ۔۔۔

    جيڪي حڪومت ۾ نه هوندا آهن ته قومن جي ڳالهه ڪندا آهن پر جڏهن حڪومت ۾ هوندا آهن ته اهي مسئلا ثانوي ٿي ويندا آهن ۔۔۔ انڪري ئي سنڌ جي ڏاهي سياستدان ۽ مفڪر جي ايم سيد اهو چيو هو ته هاڻ پاڪستان ۾ سنڌ کي ڪو به حق ملڻ وارو ناهي ۔۔۔ اها ڳالهه هاڻ ثابت ٿيندي وڃي ۔۔۔

    اسانکي پاڪستان جي سياست ۽ سنڌ جي سياست کي الڳ الڳ سمجهڻو پوندو ۔۔۔ باقي اوهان دوست به فهم وارا آهيو ۔۔۔

    سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻوليءَ جو درجو ملڻ گهرجي ۽ اهو اسانجو بنيادي حق آهي ۔۔۔ اڄ نه ته سڀاڻي جي سنڌي هڪ ٿي ان مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندا ته ممڪن منزل ماڻي سگهن پر جيڪڌهن گروهن ۾ ورهايل رهياسون ته اهو هڪ خواب ئي رهندو ۔۔۔ باقي پاڪستان حڪومت مان اهڙي قدم کڻڻ جي اميد رکڻ ۔۔ ٻٻرن کان ٻير گهرڻا آهن ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو