• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نيڻ چُپ رهو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
نيڻ چُپ رهو​

اڄ دوستن چيو ڏاڏل
بي رنگ بي احساس آهي
نه خوش رهي ٿو نه اداس آهي
نه عاقل آهي نه بد حواس آهي
نه ڍاول ڏسجي نه هن کي پياس آهي
ڪڏهن بي ملھ ڪڏهن الماس آهي
هنن اڳيان کلندو رهيس
اوهان سچ ٿا چؤ
اکڙين کي سمجهائيندو رهيس
نه ڳوڙها ڪي ڳڙن
نه ڪي چگليون کڄن
ڪيئن هُن کي ظاهر ڪيان
ڪيئن هن کي بدنام ڪيان
هو منهنجو احساس آهي
هو منهنجي پياس آهي
دل هُن لاءِ اداس آهي
هو منهنجي اميد و آس آهي
نيڻ چُپ رهو التماس آهي
ٻيلي چُپ رهو
ائين نه ڪيو
ڪٿي هو ظاهر نه ٿي پوي
لوڪ نه هن تي کِلي
نيڻ چُپ رهو
چُپ نيڻ رهو​
 
جواب: نيڻ چُپ رهو

نيڻ چُپ رهو التماس آهي
ٻيلي چُپ رهو
ائين نه ڪيو
ڪٿي هو ظاهر نه ٿي پوي


ڏاڏل سائين قرب

يار نيڻ ڪٿي ٿا چُپ رهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهي نيڻ ئي ته آهن جيڪي دل تائين ٿا هنن کي پهچائن

اهي نيڻ تنهنجا ٻئي اياڻا اياڻا
سلهاڙي ڇڏيائون سياڻا سياڻا



 
جواب: نيڻ چُپ رهو

نيڻ چُپ رهو التماس آهي
ٻيلي چُپ رهو
ائين نه ڪيو
ڪٿي هو ظاهر نه ٿي پوي


ڏاڏل سائين قرب

يار نيڻ ڪٿي ٿا چُپ رهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهي نيڻ ئي ته آهن جيڪي دل تائين ٿا هنن کي پهچائن

اهي نيڻ تنهنجا ٻئي اياڻا اياڻا
سلهاڙي ڇڏيائون سياڻا سياڻا




سائين نيڻ مڃن يا نه مڃن اسان ته منٿ ڪري ٿا ڇڏيون
باقي سائين اوهان جي پسند جو به ڪو جواب ڪونهي
سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
وسلام
 
جواب: نيڻ چُپ رهو

پيرن کي روڪجي پر نيڻن کي ڇا ڪجي؟ وڏي بهادري آهي جو اندر ۾ مچ پيو ٻري ۽ ٻاهر ٻاڦ به نه نڪري ۔۔۔ مطلب نهائينءَ کان نينهن سکي ورتو اٿوَ، جو پنهنجن نيڻن کي ويٺا ايلاز منٿون ڪريو ۔۔۔ بيشڪ پاڻ کي پچائڻو آهي، عشق ناهي راند جو کيڏن ڳڀرو ۔۔۔

باقي اسانجو دعائون ڏاڏل سان گڏ آهن ۔۔۔ هٿ مٿي آهن

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: نيڻ چُپ رهو

سائين نثار صاحب جي اوهان هٿ مٿي ڪيا ته با با اساجي الله حافظ ائين نه ڪيو ٻيلي ڏاها ٿيو اسان کي کوھ ۾ ڪريل ڏسي ساٿ ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏيندؤ ته نيڀا تان ميد کڄي ويندي۔
باقي سائين مشغلو آهي سو ٿو پيو هلي ۔
بهترين انداز ۾ قرب ونڊڻ جون مهربانيون ادا۔
وسلام
 
Back
Top