پاڪستان ڪانگريس جي احمقاڻي، سنگدلاڻي، جاهلاڻي ۽ غير مهذباڻي رويي سبب ٺهيو پيلو مودي [JUSTIFY] اميد ۽ يقين وچ ۾ ايڏي وڏي فرق جي ڪري ڪرپس مشن جي ناڪامي ڪا حيراني واري ڳالهه نه هئي، خاص طور اها ڳالهه ذهن ۾ رکجي ته برطانيا اڃا جنگ ۾ ڪاميابي کان تمام گهڻو پري هو ۽ چرچل اڃا برطانوي حڪومت هلائي رهيو هو ان لاءِ هن ڪرپس کي ڇڏي ڏنو ۽ پهرين قبوليت جوڳي ڊيل ڪئي. ڪرپس مشن جي ناڪامي سڄو توازن ايترو ته بگاڙي ڇڏيو جنهن جي برطانيا کي ڪابه اميد نه هئي. هڪ خاموش وقفو آيو جيڪو به آسان نه هو ان کان پوءِ مشهور هندستانن ڇڏيو (ڪوئيٽ انڊيا) مهم هلي ۽ ڪانگريس ۽ وائسراءِ لارڊ لنلٿگوتي ٻڌل برطانوي حڪومت وچ ۾ سڌو ٽڪراءُ شروع ٿي ويو. اها صورت حال تيستائين جاري رهي جيستائين جنگ برطانيا جي حق ۾ نه ٿي ۽ لارڊ لنلٿگو کي هٽائي سندس جاءِ تي لارڊويول کي مقرر ڪيو ويو جنهن نيون ڪوششون ڪيون ۽ شملا ڪانفرنس لاءِ راهه هموار ٿي. شملا ڪانفرنس جو اڪيلو ياد رهڻ جوڳو نتيجو اهو نڪتو جو اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته هندستان جي آزادي رڳو اقتدار جي برطانيا کان هندستان ڏانهن منتقلي جو مسئلو ناهي رهي پر اهو ڏسڻ ۽ سمجهڻ ضروري ٿي پيو هو ته مستقبل ۾ هندستان اقتدار ڪيئن حاصل ڪندو. مسلم ليگ ان اقتدار ۾ حصيداري جي دعوى ڪئي ۽ ڪانگريس وارن کي خبر پئجي وئي ته هو خلائي مخلوق (ايلينس) سان ته آساني سان ڳالهائي سگهن ٿا پر پنهنجي مسلمان ڀائرن سان ڪنهن ٺاهه تي پهچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. شملا ڪانفرنس وقت هندستان ڇڏيو تحريڪ شروع ٿي ته انهن ڏينهن ۾ جناح خاموش رهيو پر مسلمانن لاءِ ننڍي کنڊ ۾ ڌار سڃاڻپ ۽ پاڪستان ٺاهڻ لاءِ پنهنجي سخت محنت جاري رکيائين. پاڪستان رڳو محمد علي جناح جي مهارت ۽ صورت حال جي بهترين استعمال جي ڪري نه ٺهيو پر هي ڪانگريس جي تمام وڏي احمقاڻي، سنگدلاڻي ۽ جاهلاڻي ۽ غير مهذباڻي ا نداز کي ويجهو پهتل رويي جو نتيجو به هو جيڪو هنن فرقيواراڻي سوال ڏانهن اختيار ڪيو ويو هو. هي هو اهو ماحول جنهن ۾ انگريز سرڪار اعلى اختياراتي ڪابينا مشن کي هندستان موڪلڻ جو اعلان ڪيو. حڪومت سرڪار مخالفن جو تشدد ذريعي خاتمو آڻڻ کان انڪار ڪندڙ مسٽر ڪيمنٽ ايٽلي جو نالو رد ڪيو جنهن جون هندستانين سان همدرديون ۽ سندس لبرل خيال ڪنهن کان به ڳجها نه هئا. ڪابينا مشن پلان ڪامياب ويو ۽ ان کي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنهي قبول ڪيو. اڪيلي شيءَ جيڪا رهيل هئي سا آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جي منظوري هئي جنهن سالن کان ڪاروباري ڪميٽي جون سموريون قراردادون منظور ڪيون هيون. هن ڪابينا مشن پلان جي ٺهراءَ گرما گرمي پيدا ڪئي ۽ ڪانگريس جي سوشلسٽن ۽ انتهاپسندن ان کي رد ڪرڻ لاءِ دونهيندار تقريرون ڪيون. تنهن هوندي به ورڪنگ ڪميٽي هڪ ڏينهن ورتو ۽ آخرڪار ڪانگريس ڪابينا مشن پلان باضابطه طور منظور ڪري ورتو. مسٽر جناح ۽ مسلم ليگ به اهو پلان منظور ڪيو ڇاڪاڻ ته هن جيڪڏهن حقيقت ۾ نه ته به ڪنهن طرح پنهنجو پاڪستان حاصل ڪري ورتو هو. سڀني رخن کان اهو هڪ بهترين سمجهوتو هو جنهن هندستانن جو اتحاد برقرار رکيو، رتوڇاڻ ۽ الزام بازيءَ کان سواءِ ئي آزادي حاصل ڪري ورتي ۽ هڪ ئي ننڍي کنڊ ۾ ٻن دشمن پاڙيسرين جو امڪان ختم ڪري ڇڏيو. پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو ۽ انهن ڏکين لمحن ۾ وقت جي ڌارا بدلجي وئي. 10 جولاءِ 1946ع تي جواهر لعل نهرو هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن ڪابينا مشن پلان کي قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪانگريس آئين ساز اسيمبلي ۾ ويندي جيڪا ڪنهن به معاهدي کي نه ليکيندي ۽ جيڪا به صورت حال پيدا ٿيندي ان موجب آزادي سان فيصلا ڪندي. نهرو جي وضاحت ٺاهه ۾ شامل سڀني ڌرين کي خوف وچان ڏڪائي ڇڏيو ڇو ته هو ڪابينا مشن پلان رد ڪري چڪو هو. جناح سوچي سمجهي وچٿرو موقف اختيار ڪيو ۽ چيو ته ڪانگريس جي نئين صدر جي وضاحت اقليتن کي آئين ساز اسيمبلي ۾ اڪثريت جي رحم ڪرم تي ڇڏيندي ۽ اهو ته حقيقت ۾ ڪانگريس ڪابينا مشن پلان رد ڪري ڇڏيو آهي. هن فوري طور تي 27 جولاءِ تي بمبئي ۾ مسلم ليگ ڪائونسل جو اجلاس سڏايو ۽ ٻيهر پاڪستان ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.[/JUSTIFY] عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل